ايوان صدر: هتي سياسي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ منع آهي جئه پرڪاش موراڻي [JUSTIFY]لڳي ايئن ٿو ته اسان جا ”آزاد“، ”خودمختيار“، ”خود اختيار“، ”باوقار“ ۽ ”تُرت عمل“ منصف آهستي آهستي ملڪ جي سمورن شعبن ۾ صورتحال کي سَوَلي ڪرڻ واري پنهنجي عمل کي اڳتي وڌائي رهيا آهن. زنده دلين وارو ماضي رکندڙ مرده دلين وارن جي موجوده شهر مان هڪ نئون نياپو منصفن معرفت سنڌي ٽوپي واري صدر ڏانهن ڪالهه اُماڻيو ويو آهي ته ”مانوارا صدر صاحب هاڻي ”سياست“ گهڻي ٿي، اوهان مهرباني ڪري جيترو جلد ٿي سگهي نه رڳو پ پ جي شريڪ چيئرمين واري عهدي مان هٿ ڪڍو، پر ان سان گڏوگڏ ايوان صدر ۾ ٿيندڙ ”سياسي سرگرميون“ پڻ بند ڪرايو.“ هي هڪ اهڙو فيصلو آهي، جنهن مُلڪ جي ماڻهن کي منجهائي ڇڏيو آهي. واقعي اها هڪ سوچڻ جي ڳالهه آهي ته صدر جيڪڏهن سياسي سرگرميون نه ڪندو ته آخر ڇا ڪندو؟ ان حڪم تحت مون کي لڳي ٿو ته صدر آصف زرداري کي هاڻي ايوان صدر ۾ هڪ عدد ڪرڪيٽ گرائونڊ، هڪ عدد ٽينس ڪورٽ ۽ هڪ عدد ٽيبل ٽينس ۽ بيڊمنٽن جو هال ٺهرائڻ گهرجي. ايوان صدر جي ملازمن تي ٻڌل هڪ ڪرڪيٽ، هڪ بيڊمنٽن ۽ هڪ ٽينس جي ٽيم جوڙي، اتي ٽورنامينٽ ڪرائي ملڪ جي رانديگرن سان رهاڻيون ڪري، سائنسدانن کي گهرائي کين سائنس بابت سبق ڏي يا وري انهن کان جديد تحقيق بابت معلومات وٺي يا وري پنهنجو پراڻو پولو وارو شوق پورو ڪري، پنهنجي پسند جا مُشڪي، بور، ڪميت، سرخا ۽ ٻيا گهوڙا پالي، اسڪولن جي ٻارن لاءِ ايوان صدر ۾ خاص ٽيوشن ڪلاس هلايا وڃن، ڪڏهن ڪڏهن صدر صاحب پاڻ به وڃي اسڪولن ۾ ٻار پڙهائي ۽ کين سياست کان پري رهڻ جو سبق ڏي. مطلب ته جيڪو وڻيس سو ڪري، پر سياست نه ڪري. اسان جي ٻاڪڙا هوٽلن وانگر ايوان صدر جي ديوارن تي پڻ هاڻي اهو لکيو ويندو ته هتي سياسي گفتگو ڪرڻ منع آهي. هاڻي شايد ايئن ٿئي ته جڏهن ڪو پرڏيهي سربراهه پاڪستان اچي ۽ روايت موجب ايوان صدر وڃي صدر سان ملاقات جو شرف حاصل ڪري ته ان وقت صدر آصف تي اهو لازم هوندو ته هو ان پرڏيهي مهمان سان اٽي، کنڊ جي اگهن تي ڳالهائي، آءِ پي ايل يا پاڪ ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ سيريز جي نتيجن ۽ آفريدي جي ڪارڪردگي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪري. نت نين ماڊل جي ڪارن جي قيمتن بابت پنهنجا قيمتي مشورا ڏي ۽ مهمان جي راءِ معلوم ڪري، دنيا ۾ ٿيندڙ جديد ايجادن ۽ موسمياتي تبديلن بابت آگاهي ڏي ۽ حاصل ڪري مطلب ته اڪيچار موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪري ۽ ٻڌي باقي سياست ”شجرِ ممنوع“ آهي. ان ڪري ايوان صدر جو هاڻي سياست جو دور پري جو واسطو نه هوندو ڇاڪاڻ ته اهو عدالتي حڪم آهي. ڪو وقت هوندو هو ته ٻڌندا هئاسين ته هن ملڪ ۾ فضل الاهي چوڌري ۽ رفيق تارڙ نالي ٻه صدر هوندا هئا، جيڪي رات جي وقت ٻاهر نڪري ايوان صدر جي ديوارن تي اهو لکندا هئا ته صدر کي آزاد ڪريو. اسان جا آزاد ذهن منصف صاحبان يا ته ان قسم جا بي ضرر صدر ڏسڻ جا خواهشمند آهن يا وري انهن کي اُهي گهرجن جن جو سياست سان واسطو نه هجي، باقي اهي ڀلي ڪير به هجن، ڪٿان به نازل ٿين. پاڪستان ۾ صدر جي چونڊ آئين تحت ٿيندي آهي، ان تحت صدر هڪ آئيني عهدو آهي. پاڪستان جو آئين ملڪ ۾ صدر ٿيڻ جي لاءِ اهل فرد جي باري ۾ صاف لکي ٿو ته صدر ملڪ جي وحدت جي علامت هوندو. هو مسلمان هوندو ۽ 45 سالن کان گهٽ ڄمار جو نه هوندو، هو قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿيڻ جي لائق هوندو. هن کي پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر چونڊيندا. هو پاڪستان ۾ ڪا به نوڪري نه ڪندو هوندو يا ڪنهن اهڙي عهدي تي نه هوندو جنهن جو پگهار خزاني مان ويندو هجي. هو قومي اسيمبلي يا صوبائي اسيمبلي جو ميمبر نه هوندو پر جيڪڏهن انهن جو ڪوميمبر صدر چونڊجي وڃي ته پوءِ سندس اها اسيمبلي واري سيٽ ايوان صدر ۾ داخل ٿيڻ شرط ئي خالي تصور ٿي ويندي. هو 5 سالن لاءِ چونڊيو ويندو ۽ ٻي صدر جي چونڊجڻ تائين ان عهدي تي برقرار رهندو. هو صرف 2 ڀيرا عهدي لاءِ چونڊجي سگهي ٿو. هو جيڪڏهن استعيفى ڏيڻ چاهي ٿو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڏانهن پنهنجي استعيفى اماڻيندو. هُن کي ڪنهن به ڪورٽ، ٽربيونل يا ڪنهن ٻي اختياري پاران ڏنل ڪنهن به سزا کي ختم ڪرڻ ۽ معافي ڏيڻ جو اختيار هوندو. وزيراعظم سموري گهرو پاليسي توڙي پرڏيهي پاليسي جي باري ۾ صدر کي آگاهه رکندو وغيره وغيره. ان سموري آئيني حصي ۾ جتي صدر جي عهدي جي لاءِ شرط ۽ ضابطا ٻڌايا ويا آهن اتي ڪٿي به اهو لکيل ناهي ته صدر سياسي عهدو رکي نه سگهندو يا وري سياست ڪري نه سگهندو. حقيقت اها آهي ته صدر جو عهدو نج سياسي عهدو آهي. ان کي جمهوريت جي قدرن موجب سياستدان جيڪي عوام جي ووٽن تي چونڊجي ايوان ۾ پهچندا آهن. اهي پنهنجن ووٽ ذريعي چونڊيندا آهن ۽ اهو به لازمي آهي ته جيڪا سياسي ڌر اڪثريت ۾ هوندي آهي اها صدر جي عهدي لاءِ پنهنجي ئي ڪنهن اميدوار کي چونڊيندي آهي. ان ڪري صدر ۽ سياست کي الڳ ڪري ڏسڻ وارا يا ته درياءَ جي هُن پار بيهي ڇوهه ڇنڊڻ وارا آهن يا ته مُنهن تي مڃائڻ وارا آهن ۽ انهن ٻنهي سان انسانن جي پڄڻ جي ڀيڻي ناهي. اسان جي ريچارج ٿيل عدليه جو رُخ شروع کان ئي اهڙو رهيو آهي جو ان مان نه سوچڻ، نه چاهڻ ۽ نه سمجهڻ باوجود ڌُرائپ واري بوءِ اچي ٿي. جڏهن پاڪستان جي صدر کي آئين تحت اها رعايت حاصل آهي ته هُن خلاف ملڪ جي ڪنهن به عدالت ۾ ڪو به ڪيس نٿو هلائي سگهجي ۽ هو ڪنهن به فرد کي ڪنهن به عدالت پاران ڏنل سزا ختم يا معاف ڪري سگهي ٿو. ان باوجود عدليه پنهنجو سندرو ڇڪيو بيٺي آهي، اُن کي ڇا چئجي. هتي ڳالهه اها آهي ته هڪڙا اُهي آمر هئا جن چيو ته آئين ڪجهه پنن جو هڪ پُلندو آهي. جنهن کي هڪ ئي ڇڪ سان ذريون ذريون ڪري سگهجي ٿو ۽ انهن ايئن ڪيو به، ان وقت وري منڊيءَ تي ٽڪ اها ڳالهه بيٺي ته ان وقت جي عدالت انهن آمرن جي انهن حڪمن کي نه رڳو قبول ڪيو پر ان تي آئيني هجڻ جي مُهر مبارڪ پڻ هنئي. هڪڙا وري اهي منصف ۽ قانون دان آهن جيڪي آئين کي رٻڙ جو ٽڪڙو سمجهن ٿا ۽ اهو سندن مرضي تي ڇڏيل آهي ته اهي آئين کي ڪيئن ٿا سمجهن، ان جي ڪهڙي معنى ٿا ڪڍن، ڪهڙو مطلب ٿا اخذ ڪن، مطلب ته جيڏانهن وڻي تيڏانهن ڇڪين، کين نه ڪو چوڻ وارو نه ڪو آکڻ وارو. اسان ماڻهو انهن آئيني موشگافين کان اڻ واقف سڌي ڳالهه سونٽي جي ڪرڻ وارا، اهي آڏيون ابتيون نه ٻڌون نه ٻڌايون ، سو اسان کي اها ڳالهه سمجهه ۾نٿي اچي ته جيڪو آئين ۾ سنئون سڌو لکيو پيو آهي ته صدر خلاف ڪا به عدالت ٻڌڻي نٿي ڪري سگهي ان کي ته اهي منصف اک ئي نٿا هڻن ۽ جيڪا ڳالهه آئين ۾ ڪٿي به لکيل ناهي ته صدر سياست نه ڪندو، ان تحت فيصلا ڏنا پيا وڃن. اهو ڪٿي جو انصاف آهي؟ اهو اُهي ئي ٻڌائي سگهن ٿا جن هي فيصلو لکيو آهي. هن ئي پياري پاڪستان ۾ جڏهن اڃا صدر جي عهدي جو وجود ئي نه هو تڏهن گورنر جنرل جي عهدي تي مسلم ليگ جو باني ۽ سربراهه توڙي پاڪستان جو خالق محمد علي جناح فائز ٿيو. هُن وٽ ٻئي عهدا هئا. هو مرڻ گهڙي تائين پاڪستان جو گورنر جنرل به رهيو ته مسلم ليگ جو سربراهه به ان تي ڪنهن کي اعتراض نه هو، نه آهي نه وري ڪرڻ گهرجي. ان بعد جڏهن صدر جو عهدو تخليق ٿيو ته ايوب خان وردي ۾ اچي ان عهدي تي ويٺو ته پڻ عدليه ڏٺو اڻ ڏٺو ڪيو، ٻڌو اڻ ٻڌو ڪيو ۽ ڪنهن کي نڪ ۾ سر به نه پيو، اهو ئي ايوب خان اليڪشن ۾ محترمه فاطمه جناح سامهون چونڊ وڙهيو، هو صدر پڻ رهيو، ڪنوينشن مسلم ليگ جو سرواڻ پڻ رهيو ته وري چونڊ ۾ صدارتي اميدوار پڻ، هُو ڪيئن کٽيو اها به سڀني کي خبر آهي. پر ان تي ڪنهن کي آڱر کڻڻ جي نه همت ٿي نه وري حوصلو. يحيٰ خان پڻ جنرل ۽ صدر ٻئي هو، پاڪ فوج جو سربراهه پڻ رهيو ۽ سياست سان گڏ ”گهڻو ڪجهه“ ايوان صدر ۾ ڪندو رهيو، جنرل راڻي وارا قصا اڃا ايترا ته پراڻا ناهن ٿيا پر عدليه کي اهي ڏسڻ ۾ ئي نه آيا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن ملڪ ٻه ٽڪرا ٿيڻ بعد صدر مملڪت منتخب ٿيو ته هو هڪ ئي وقت سول مارشل لا ايڊمسنٽريٽر به هو، صدر مملڪت به هو ته پيپلزپارٽي جو سربراهه پڻ، ان بعد جنرل ضياءَ الحق جو دؤر آيو. ان ڪاري دؤر ۾ هو ملڪ جي اڇي ڪاري ۾ مالڪ رهيو. هُو سڌو ڪنهن سياسي پارٽي جو ميمبر ته نه رهيو پر سندس سرپرستي ۾ سياست ڪيئن ٿيندي رهي. ڪيئن آمريت جي ڪُک مان راءِ ونڊ جي راڻن جي سياست سرجي ان بابت ڪجهه چوڻ جي ضرورت منهنجي خيال ۾ شايد ناهي. غلام اسحاق خان ايوان صدر ۾ ويهي ڪيئن اسلامي جمهوري اتحاد جوڙايو، ڪيئن نوٽن سان ڀريل بيگ ملڪ جي سائنسدان ۾ ريوڙين وانگر هليا ويا، انهن جي پويان ڪير هو، اهوتاريخ جو حصو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اعليٰ ترين عدليه ۾ ان حوالي سان موجود اصغر خان ڪيس کي کولڻ جي عدليه جي انهن آزاد مصنفن کي خبر ناهي ڇو فرصت ناهي يا وري همٿ ناهي. جڏهن پ پ جو ميمبر سردار فاروق لغاري صدر ٿيو ته هُن سياست تان علامتي استعيفيٰ ڏني هئي پر هُن شهيد بينظير ڀٽو سان ڪهڙي سياست ڪئي، اها ڇا ڪنهن کان ڳُجهي آهي پوءِ وري اباجي جو اعتماد وارو رفيق تارڙ جڏهن اسٽامپ پيپر وانگر علامتي صدر بڻيو ته ڇا ايوان صدر ۾ ڪا به سياست نه ٿيندي هئي. ڇا هو وفاق جي علامت هو. عدليه تي ان وقت ٿيل حملي وقت اهو صدر ڪٿي هو ان بابت ڪير ڪهڙو دليل ڏيندو. محترم مشرف جيڪو جهاز مان لهي ايوان وزيراعظم ۽ پوءِ ايوان صدر ۾ پهتو هو ان بابت منصف حضرات جو ڪهڙو خيال آهي؟ ڇا هُن ڪا به سياست نه ڪئي؟ هي جيڪا قائداعظم جي نالي تي مسلم ليگ ٺهي ان جو اصلي سردار ڪير هو. ڇا مشرف جي سياست جهڙي سياست ڪو ڪري سگهي ٿو؟ هي اُهو ئي صدر جو جنهن جي وردي ۾ صدارت جي چونڊ وڙهڻ واري خواهش کي عدليه عملي جامو پارايو. انهن مصنفن کي ڪير ڇا چوندو جن کيس وردي ۾ چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني؟ ڇا جنرل ۽ صدر ٻه مختلف عهدا نه هئا. بحرحال انهن جيڪو ڪيو اهو انصاف جي نالي تي درست هو ۽ هو جيڪو ڪجهه هاڻي ڪن پيا اهو؟ شايد انهن جو خيال درست هُجي پر ماڻهن جي وات تي ڪير هٿ رکندو. اوهان صدر جي عهدي ۽ ايوان صدر کي غير سياسي بنائڻ چاهيو ٿا ته پوءِ ملڪ ۾ انساني حقن جي سرواڻ جي حوالي سان سڃاتي ويندڙ سپريم ڪورٽ بار جي صدر عاصمه جهانگير جي چوڻ موجب اوهان اهڙو صدر چاهيو ٿا جيڪو ڪنهن جو پگهاردار هجي، ڪنهن جي ريموٽ ڪنٽرول تي هلي. جيڪڏهن ايئن آهي ته کليل لفظن ۾ لکو، باقي اچو ”اوپن اينڊ“ فيصلا جن جي ڪا به وقعت نه هجي ڏيڻ ٻين لفظن ۾ ماڻهو کلائڻ کان سواءِ ڪجهه به ناهي. هاڻي هن فيصلي جي لفظن کي ڏسون ته صدر کي جلد از جلد ممڪن وقت ۾ پ پ جو عهدو ڇڏڻو آهي ۽ ايوان صدر ۾ سياسي سرگرميون بند ڪرڻيون پونديون. هاڻي اهو جلد از جلد ممڪن وقت ڪڏهن ايندو فيصلي موجب ان جو تعين صدر کي ڪرڻو آهي. ان ڪري اسان به ڏسو ۽ انتظار ڪريو واري پاليسي تي عمل به پيا ڪريون ۽ ڏسون ٿا ته ڪڏهن ٿو ايوان صدر بدلجي ”ايوان صدر اسپورٽس ڪامپليڪس“ بڻجي.[/JUSTIFY] روزانه عبرت تان ورتل
جواب: ايوان صدر: هتي سياسي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ منع آهي ها ها ها ها ۔۔۔۔ لکڻ جو ڏان ۽ ڳالهه جو بيان مذاحيه انداز رکندڙ آهي ۽ ڳالهه به بروبر آهي ته صدر، ايوان صدر ۾ پڪوڙن کپائڻ جو ڪم ته نه ڪندو؟ پر خئير پاڪستان جي ادارن جي ڳالهه آهي ته آ نه ڳالهائيندس ڇاڪاڻ ته ” هم بولي گا تو بولو گي ڪي بولتا هي“ انڪري پاڻ وات بند ٿا رکون ۔۔۔ باقي ڳالهه کلائيندڙ آهي ۔۔۔