• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسڪول ته سڙي ويو پر۔۔؟؟

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
هڪ اسڪول کي باهه لڳي وئي، سڀ ڪجهه سڙي ويو، اهو منظر سڀ شاگرد ۽ استاد ڏسي رهيا هئا، سڀ شاگرد خوش هئا ته شڪر ٿيو اسڪول سڙيو، هاڻي اسان کي ماسترن جا دڙڪا ڪونه کائڻا پوندا! اهو سوچي ڪري سڀ ٽهڪا ڏئي کلي رهيا هئا۔۔ پر هڪڙو شاگرد روئي رهيو هو۔۔ هڪ استاد ويجهو اچي کيس پيار سان چيو! پُٽ لڳي ٿو تون ڏاڍو نيڪ ڇوڪرو آهين، ٻيا ٻار ته کلن پيا پر تون روئين پيو! ڇو؟؟
ان شاگرد چيو: سائين اسڪول ته سڙي ويو پر اوهان ته جيئرا ويٺا آهيو نه!۔۔​
 
جواب: اسڪول ته سڙي ويو پر۔۔؟؟

ادا مست اهو شاگرد ڪو ڏاڍو سڌريل هيو باقي ڇا ۔۔۔۔۔۔


جاري رکجو

سدائين گڏ
 
جواب: اسڪول ته سڙي ويو پر۔۔؟؟

واهه واهه

ابا شاگرد به ڏاڍو ڪو صدورور آهي ۽ سوچ به زبردست اٿس۔

اهو شاگرد ترقي ڪندو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بلڪل فقير ڦلپوٽي وانگر
 
Back
Top