مست
سينيئر رڪن
سيوهڻ جي ويجهو ڪوئلي جو فيلڊون آهن جتان سالن کان ڪوئلو نڪري پيو ۽ اهو ڪوئلي پشاور ۽ پنجاب جي سرن جي بٺن لاء ويندو آهي جڏهن ته اتي پاڪستان جو پهريون ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهر به لڳل آهي پر ان بجلي گهر ۾ ڪوئلي جي بجاء پٿر ڏنو ويندو آهي جنهن سبب اهو بجلي گهر سال جا ۱۱ مهينا بند هوندو آحي ۽ انهي ڪوئلي جي فيلڊن جي آس پاس رهندڙ ماڻهن وٽ بجلي به ناهي روڊ به ناهي تعليم به ناهي.
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ڪارونجهر جبل مان قيمتي پٿر نڪري پيو جنهن جو نالو گرينائيٽ آهي هي ڏاڌو قيمتي آهي، هن پٿر جي اها خصوصيت آهي ته هي گرمي ۾ به ٿڌو هوندو آهي، هي پٿر ايڪسپورٽ ڪيو ويندو آهي، ان
جي قيمت جي اتي رهندڙ ٿري ماروئڙن کي خبر ناهي ۽ اگر ان پٿر جي قيمت جو ۱۵ سيڪڙو ٿري ماڻهن کي ملي ته غربت۹۰ سيڪڙو ختم ٿي وڃي پر اسان ڌرتي ڌڻين کي اها خبر ئي ناهي ته قدرت اسان کي ڇا ڇا سان نوازيو آهي پر اسان ۾ انهن شين جي مالڪي جي صلاحيت ناهي.
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ڪراچي کان ويندي ڪشمور تائين سپر هاء وي ۽ موٽر وي جي ٻنهي پاسي هوٽلن تي نظر وجهندا ته انهن جا نالا ڪجهه هن ريت هوندا..هزارهه هوٽل،پنجاب هوٽل،چمن هوٽل ڪنهن به هوٽل جو سنڌي نالو نه هوندو.سڀ هوٽلون ڌارين جون آهن ۽ موٽر وي جي ٻنهي طرفن پلاٽن کي چوديواري به ڏنل هوندي آهي مطلب ته اها زمين به ڌارين کي کپائي ڇڏي اٿن.
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
نوري آباد ۾ ۵۰ کن فيڪٽريون آهن جتي سوين پنجابي ء پٺاڻ روزگار ڪن ٿا ء انهن مان آفيسرن جي پگهار لک کان ۳ لک تائي آهي.جڏهن ته مقامي ماڻهن مان ۳۰ سيڪڙو ماڻهن کي روزگار مليل آهي ء باقي بيروزگار آهن.فيڪٽرين مان نڪرندڙ زهريليون گئسون ٽ دونهون جي ڪري آس پاس ۾ رهندڙ ڳوٺن جا ماڻهون ڪيترين ئي بيمارين ۾ وڪوڙيل آهن.ء انهن ڪمپين پاران علائقائي ماڻهن لاء ڪي به سهولتون ناهن ڏنيون

ڪڙيو گهنور بدين ۾ سالن کان قائم آئل فيلڊ مان هر روز اربين رپين جو تيل نڪري ٿو جيڪو ريفائن ٿيڻ لاءلاهور وڃي ٿو پر ان شهر ڪڙيو گهنور جا روڊ ڀڳل ٽٽل ءاتان جا ماڻهو غربت مفلسي ۽ بک وگهي تباهه ۽ بربا آهن.جن ماڻهن جي زمينن ۾ قدرت اربين کربين رپين جي ملڪيت رکي آهي انهن جي اها حالت آهي ۽ انهي فيلڊن مان پاڪستان جو ڪارونهوار هلي ٿو....پاڻي مٿي جهوپڙا مورک اڄ مرن. ڪجهه سالن کان هر قسم جو آئل ٽرمينل (ڪراچي) کان پائپ رستي پنجاب ويندو آهي ان کان پوءِ واپس سنڌ ڊيپو (شڪارپور وغيره) تي ايندو آهي
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
علي قاضي به تبديلي جي ڳالهه ٿو ڪري ته پليجو به انقلاب جي ڳالهه ٿو ڪري ۽ قادر مگسي به مزاحمت جي ڳالهه ٿو ڪري ته سائين جلال شاهه خودمختياري جي ڳالهه ٿو ڪري پر خبر ناهي اهي سڀ سنڌ جي آزادي جا انڪاري ڇو آهن جڏهن ته پاڻ ئي چون ٿا ته سنڌ آزاد هئي ۽ ان کي غلام بڻايو يو آهي..واقعي آزادي جو سفر اڙانگو آهي.
بشير آريسر جي فيسبوڪ اسٽيٽس تان ورتل