• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ايبٽ آباد آپريشن عالمي ڊرامو هو، اسامه جي مرڻ جي تصديق ناهي ٿي: ارباب رحيم

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ مسلم ليگ هم خيال سنڌ جو صدر ارباب غلام رحيم دبئي کان ٽيليفون تي پريس ڪلب ٺل ۾ ٽيليفونڪ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايبٽ آباد آپريشن ۾ اسامه بن لادن کي قتل ڪرڻ جو هڪ عالمي ڊرامو آهي ڇو جو اسامه جي موت جي باضبطه تصديق ناهي ٿي صحافين پاران پڇيل مختلف سوالن جا جواب ڏيندي ارباب غلام رحيم چيو ته موجوده حڪمرانن سنڌي ماڻهن کي پنڻ جو هيراڪ ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ اندر ڪرپشن، بک بيروزگاري، مهانگائي وڌي آهي. جنهن جو سڌو اثر عوام تي پيو آهي. جيڪڏهن اهڙو رفتار هلندي رهي ته ملڪ مارشل لا ڏانهن وڌي ويندو. هوڏانهن ملير پريس ڪلب جي صحافين سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ارباب رحيم چيو ته اسان لولي لنگڙي حڪومت ۾ شامل نه ٿينداسين، اسان کي وزارتون ڏيڻ به آڇ به ٿي آهي هن چيو ته ذوالفقار مرزا جي موڪل صدر آصف سان اختلاف يا ڪراچي جي زمينن تي جهيڙو ٿي سگهي ٿو.

روزانه عبرت جي ٿورن سان
 
Back
Top