• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اکـيـون پاڻـي پاڻـي

Asad Ali Siyal

سينيئر رڪن
نظم سيال حيات

اکـيـون پاڻـي پاڻـي

سـڄـي سـنڌ جون ٿيـون ، اکـيـون پاڻـي پاڻـي
لـکـي ٻــوڏ ، نـئـين ڪــربـلا جـي ڪـهاڻـي
کلـيل آسـمـان هيٺ خـيمن جـون بستيـون
۽ هر دل جي اندر ڪي دردن جون بستيون
هُــو پـــرده نـشــيـن ، پٽ راڻـيــــون پــڌر تــي
ننگـي سِـر هـو نيـاڻيـون ، نـمـاڻـيـون پـڌر تـي
پـنهـنجـي ديـس انـدر ، هُــو ڌرتــيءَ ڌڪـاڻـا
ويـا خـــواب بـنــجــي ، هُـــو ڪــکـــڙا ابــاڻــا
ڳلـيــون ڳـوٺ ۽ لـنگهه لــوڙهـا لــڙهـــي ويـا
ڪـيئـي ڳـوٺ ،ڳـڀـرو ۽ پـوڙهـا لــڙهــي ويـا
ويــو مــال مــــارن جـــو ، مهـــراڻ لـــوڙهــــي
هُـو پـوتــي ، هُـو پـٽـڪــو ۽ پـهــراڻ لـوڙهـي
رڳـــو ڳـــل ڳــــراٽـيــــون ، رڳــو دم دلاســـا
هُــو پــاڻــيءَ جـا مـاريـل ، پـيـئـڻ لاءِ پـيــاســا
ڪـٿــي مـاءُ ٻــڍڙي بـه ٻــڏنــدي ٻــڌيـسـين
ڪـٿـي ڀـاءُ کان ڀـيـڻ ڇـڄــنـدي ٻــڌيـسـين
ڪٿـي گهـوٽ اڻـمـوٽ ، وڇـڙيـو ونـيءَ کان
ڪٿـي چـاهه جـا ساهه ، گم ٿيا چُنيءَ کان
ڪـٿـي شهـر جا شهـر ، ڇـولـيـن ڇــڇــولـيـا
ڪـٿـي ڍور ، ڍنگــر ، ڪـٿـي ڍال ، ڍولــيــا
نــڪــي پـيـر ۽ مــيــر ، پــاڻـــيءَ ســڃــاتـــا
نه وانـگــي ، نـڪــي ويــر ، پــاڻــــيءَ سـڃـاتـا
سـڄــي جهـنـگ جهــر ۽ شــهــر ۾ بـه پــاڻــي
ســڄـــي پــٽ پــــوٺـــي ، پــڌر ۾ بــه پـــاڻـــي
سڄـي ســم ، ڪـاري ڪـلـر ۾ بــه پـــاڻــي
۽ اڳـــواٽ بـيـٺـل ، بــحــــر ۾ بــه پـــاڻــــــي
سڄـي سـنڌ جـون ٿـيـون ، اکيـون پاڻـي پاڻـي
لـکــي ٻـوڏ نـئـين ، ڪــربـلا جـي ڪـهـاڻـي


سيال حيات ، خيرپور
Cell# 03337036311
Email siyal_hayat@yahoo.com
 
Back
Top