Asad Ali Siyal
سينيئر رڪن
ڳوڙها ڳوڙها سمنڊ
ڳوڙها ڳوڙها سمنڊ وفا جو
تو بن تنها سمنڊ وفا جو
*****
ڇوهيون ڇوليون ، اوٿر لهرون
جيءَ ۾ جهيڙا ، سمنڊ وفا جو
*****
چئينچلتا کي چوٽ لڳي وئي
ٿي ويو صحرا ، سمنڊ وفا جو
*****
اڻ تڻ آهون سڏ ۽ دانهون
واڪا واڪا، سمنڊ وفا جو
*****
آسون ، باسون سوچون ،لوچون
ڪيڏا کٽڪا، سمنڊ وفا جو
سيال حيات