• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

۽ سمنڊ اٿلي پيو

Asad Ali Siyal

سينيئر رڪن

۽ سمنڊ اٿلي پيو

برسات برسي پئي ۽ سمنڊ اٿلي پيو
هوءَ رات ترسي پئي ۽ سمنڊ اٿلي پيو

*****

محفل ۾ هڪٻئي سان اکڙيون پيون اٽڪي
هو صرف مرڪي پئي ۽ سمنڊ اٿلي پيو

*****

آڪاش جي چنري ڇانيل هماليه تي
پوتي جو سِرڪي پئي ۽ سمنڊ اٿلي پيو

*****

صديون رسامي ۾ روئندا رهياسين پر
پل ۾ هو پرچي پئي ۽ سمنڊ اٿلي پيو

*****

ڪي چپ اڃارا هئا ٿوهر ڦٽا جن تي
وسڪار ٿر تي پئي ۽ سمنڊ اٿلي پيو

سيال حيات
 
جواب: ۽ سمنڊ اٿلي پيو

ادا سيال تمام سٺي ونڊ جاري رکو

آڪاش جي چنري ڇانيل هماليه تي
پوتي جو سِرڪي پئي ۽ سمنڊ اٿلي پيو
 
جواب: ۽ سمنڊ اٿلي پيو

محفل ۾ هڪٻئي سان اکڙيون پيون اٽڪي
هو صرف مرڪي پئي ۽ سمنڊ اٿلي پيو

تمام سٺي شاعري۔۔۔ دوست اوهان حيات سيال جو ڪو تعارف به پيش ڪيو ، سندس شاعري ڏاڍي پختي ۽ وڻڻدڙ آهي۔

اميد ته اوهان پنهنجو ۽ محترم حيات سيال جو تعارف به ونڊ ڪندا
 
جواب: ۽ سمنڊ اٿلي پيو

محفل ۾ هڪٻئي سان اکڙيون پيون اٽڪي
هو صرف مرڪي پئي ۽ سمنڊ اٿلي پيو

تمام سٺي شاعري۔۔۔ دوست اوهان حيات سيال جو ڪو تعارف به پيش ڪيو ، سندس شاعري ڏاڍي پختي ۽ وڻڻدڙ آهي۔

اميد ته اوهان پنهنجو ۽ محترم حيات سيال جو تعارف به ونڊ ڪندا
 
جواب: ۽ سمنڊ اٿلي پيو

مهرباني سائين۔۔۔۔۔
سائين منهنجو نالو اسد علي سيال آهي۔۔۔۔۔ مان حيدرآباد جو رهندڙ آهيان۔۔۔۔۔
سائين "سيال حيات" جن منهنجا چاچا سائين آهن۔۔۔۔
سائين جن سنڌي ٻولئ جا ناميارا اديب، شاعر، ليکڪ ۽ ڊراما نويس آهن۔۔۔۔ سندن ادب سان تمام گهرو ۽ پراڻو واسطو اٿن۔۔۔
۽ هئينر سنڌي ميڊيا سان پڻ سلهاڙيل آهن۔۔۔۔ سندن سنڌي ڊراما سنڌي ميڊيا (چِينلن) تي تمام گهڻا مقبول آهن۔۔۔۔
سندن مقبول ترين ڊرامو "ٿر ٿوهر جهوپڙا" سنڌي ميڊيا ۾ رڪارڊ مقبول ويو۔۔۔ جيڪو سنڌي ميڊيا جي تاريخ ۾ پهريون ڊرامه سيريل هيو جنهن ۾ سنڌ ۽ خاص طور تي ٿري ثقافت جي عڪاسي ڪئي وئي هئي۔۔۔۔ گهڻو ڪري اُهو ڊرامو اوهان سڄڻن جي نظرن مان پڻ گذريو هوندو۔۔۔۔
سائين سيال حيات جن پيشي جي طور استاد آهڻ۔۔۔ پاڻ هاءِ اسڪول ٽيڃر آهن۔۔۔۔
هئينر پڪا چانگ ، تعلقو فيضگنج ، ضلعو خيرپور ميرس ۾ رهائش پذير آهڻ۔۔۔۔
 
Back
Top