• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ نماڻو عرض سائين نثار حمد ناز ڏانهن

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ سلطان
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

سلطان

سينيئر رڪن
سائين نثار احمد ناز صاحب،

توهان ڪجهه عرصو اڳ ڪنهن ٻئي فورم تي”سنڌو حرفي“ جي نالي سان هڪ سلسلو شروع ڪيو هو. ان سلسلي تي مشتمل ڏهن اکرن جا بيت جيڪي توهان شيئر ڪري چڪا هئا، اهي مون سانڍي رکيا آهن، يقينن توهان وٽ به محفوظ هوندا. پر دل چاهيو پئي ته اهو خزانو پورو هجي ها.

مون ڪافي ڏينهن کان سوچيو پئي ته توهان کي گذارش ڪريان ته سائين مشڪور ڦلڪاري جون تخليقون اسان سان ونڊ ڪندي سنڌو حرفي جو سلسلو سنڌ سلامت تي شروع ڪريو. منهنجي صلاح ته اها ئي آهي ته شاعري جي سيڪشن ۾ ”سنڌو حرفي“ جو سب سيڪشن ٺاهي ان ۾ شروع کان هر حرف جي پوسٽ ڪئي وڃي، جيئن مستقبل ۾ شامل ٿيندڙ دوست به ان جو مطالعوآساني سان ڪري سگهن.

جيڪڏهن توهان کي وقت، حالتون ۽ صحت اجازت ڏين ته اسان سان هي قرب ضرور ڪندا.

ساٿ سلامت
 
ادا سُلطان سدائين جُڙيا هُجو، مٺا ڳالهه ته توهان مُنهنجي دل وٽان ڪئي آهي، توهان وٽ اهي بيت محفوظ آهن ته ادا سائين دير ڇاجي سائين مشڪور ڦلڪاري جا انهن ڏهن بيتن مطلب سنڌي صورتخطي جي ڏهن اکرن جا ڏهه ڏهه بيتن وارو خزانو جيڪڏهن توهان وٽ محفوظ آهي ته انهيءَ ڪڙيءَ جا اڃا ٻه بيت ۽ اوريجنل سمورا بيت پڻ مون وٽ محفوظ آهن ان سلسلي جا مزيد بيت جيڪي مان اڳ ۾ ئي ادا رشيد سمون جي حوالي ڪري آيو هُئس ان به خبر ناهي ڇاجي ڪري اسان سان ونڊ نه ڪيا، ادا مشڪور ڦلڪاري لاءِ جيڪڏهن سب سيڪشن سنڌ سلامت سنڌو حرفي جي نانءُ سان جوڙيو وڃي ته تمام بهترين بلڪه لاجواب ٿيندو، باقي ادا مشڪور ڦلڪاري کان ان سلسلي جا ٻيا بيت جيڪي سمورا ڪمپليٽ آهن مان ڏينهن ٻن ۾ وٺي ڇڏيندس اميد ته وڏي ايڊمن سنڌ سلامت سنڌو حرفي جو سنڌ سلامت تي سب سيڪشن ضرور جوڙيندو۔ خير ادا سُلطان انهيءَ بهترين ڳالهه جي وساطت سان توهان مُون مسڪين کي ياد ته ڪيو۔اهي توهان جا ٿورا قسم سان وسارڻ جهڙا ئي ڪونه آهن۔
 
Back
Top