جواب: اسلام جي باري ۾ انگريزن جي بهترين وڊيو ادا آئون اهڙين لنڪس سان متفق ناهيان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔اسان الاءِ ڇو نان مسلم پاران اسلام جي تعريف ڪرڻ تي ڏاڍو خوش ٿيندا آهيون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔اهي ئي ساڳيا جڏنهن تنقيد ٿا ڪن ته اسان کي ڏکي ٿي لکي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڪڏنهن ڏٺو اٿو ته ڪنهن به مذهب جي ماڻهن مسلمانن جي پاران يا ڪنهن ٻي مذهب پاران انهن جي مذهب جي تعريف تي ايئن خوشي جو اظهار ڪيو هجي۔ ادا اسان جو مذهب جيئن آهي جهڙو آهي ٺيڪ آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔انهي کي ڪنهن نان مسلم جي تعريف ۽ ويليڊيشن جي ضرورت ناهي۔
جواب: اسلام جي باري ۾ انگريزن جي بهترين وڊيو تمام ڀلي ۽ ڄاڻ واري وڊيو آهي۔۔۔ انهن مغربي گورن جي منهن تي چماٽ آهي جيڪي موجوده دور جي سموري ترقي جو ڪريڊٽ پاڻ تي ۽ پنهنجي ماڻهن کي ڏين ٿا۔۔۔ پر موجوده وڊيو ۾ صاف ڏيکاريو ويو آهي ته موجوده دور جي جيڪا به ترقي آهي اها يقينن مسلمان سائنسدانن ۽ ان دور جي ڪري آهي جنهن کي هو گورا اونداهون دور چوندا آهن۔۔۔ مهرباني ادا طاهر ٿورڙي دير لاءِ مان به ان سنهري دور جي سحر ۾ گم ٿي ويو هيس جڏهن هي وڊيو ڏٺم ٿي۔۔۔
جواب: اسلام جي باري ۾ انگريزن جي بهترين وڊيو ادا طاهر سنڌي اوهان جي اها ويڊيو ڏسي ڏاڍي مسرت ۽ خوشي حاصل ٿي يقين ڪيو دل ڏاڍو محفوظ ٿيو آهي ته الحمدلله انگريز به هاڻي اچي اهو تسليم ڪن پيا ته حقيقت ۾ اهو ورثو مسلمانن جو ئي آهي ۽ اها اسان لاءِ ڪنهن فخر کان گهٽ اعزاز ناهي ، مون به ڪجه عرصي هن مقصد کي اڄاگر ڪرڻ لاءِ مسلمان سائنسدان نالي مضمون ونڊ ڪيا هئا جيڪي يقينن اوهان جي نظرن مان گذريا هوندا ۔ باقي ادي عبدالحفيظ جي ڳالھ پنهنجي جگه تي آهي سائين جن کي عرض آهي ته حق ڳالھ ڪير به ڪري مڃڻ گهرجي ۽ اهو هڪ اخلاقي فرض اچي ٿو بڻجي باقي جيڪر اهي اسلام خلاف ڳالهائن ٿا ته اهو هنن جو معاملو اسان لاءِ تڪليف جو باعث بڻجي ٿو تنهن ڪري هن تي ڪامينٽس مسلمانن جا اهي ئي هوندا آهن جيڪي هجڻ گهرجن ۔ سٺي ڳالھ مسلمانن جي گمشده ميراث آهي جتان ملي وٺڻ گهرجي جي مصداق اهو سچ ۽ حق جي ڳالھ انگريزن طرفان ملي آهي ته خوش اسلوبي سان دل جي گهرائين سان قبول ڪرڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي ۔ آخر ۾ ادي طاهر جن جون ٻيهر وڏيون مهربانيون اميد آهي ته اهڙيون ونڊون جاري رکندا ۔