• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سختيون سور

جاويد نواز

سينيئر رڪن

غزل

سختيون سور ستم جو ماتم
روز ڪندو هان غم جو ماتم

جي نه هُجي حُب پنجتن جي پو
ڪهڙي ڀلا پو ڪم جو ماتم

منهنجي دل جي دروازي تي
ٿيندو آ روز ظلم جو ماتم

ويهي روز ڪندي آ بلبل
خزان واري موسم جو ماتم

دل سان گڏجي مان به ڪيان ٿو
وڇڙڻ جي ته وهم جو ماتم

جاويد نواز

دعائن ۾ ياد
 
Back
Top