جواب: ظفر سنڌي ادا مزمل عرف ظفر سنڌي صاحب مطلب ا مهنجا نالي ڀائي جاني اوهان کي سنڌ سلامت جي هن سهڻي اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چيون ٿا اوهان سنڌ جي سهڻي شهر سان تعلق رکڻ سان گڏوگڏ اوهان شآعر به آهيو ماشاء الله سنڌ سلامت تي شاعرن جو تعداد ڪافي ٿيندو پيو وڃي بلڪه ادي سليمان جي ڳاله وانگر ته بس ادو رشيد ۽ مان شاعر ناهيون باقي سڀ ميمبر شاعري جي ميدان ۾ پهنجي پهنجي صلاحتين جو مظاهرو ڪري چڪا آهين ادا اوهان ادبي ذوق رکندڙ ۽ سلجهيل جوان آهيو اوهان جي شاعري فيس بڪ تي اسان پڙهي آهي انشاء الله اوهان پهنجي شاعري هتي به دوستن سان ونڊ ڪندا رهندا اسان کي اوهانجي لکڻين جو شدت سان انتظار رهندو ۔۔ ادي سليمان جي فيڪٽري جو ٺهيل هي گلن ۽ ڀليڪار جو دستو اوهان جي جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو اميد ته اوهان کي قبول پوندو
جواب: ظفر سنڌي ادا سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي اوهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ڪجي ٿو اميد ته اوهان سنڌ سلامت سان ساٿ نڀائيندا جهڙي طرح اوهان جو نالي ڀائي ظفر علي علي هلائي رهيو آهي۔۔۔۔ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀليڪار
جواب: ظفر سنڌي ادا مزمل احمد چانڊيو صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار دوست تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت جي ساٿ ۾ شامل ٿيا آهيو۔ اميد ته اوهان اسان سان سهڻا ليک ونڊ ڪندا رهندا ۽ دوستن جي ليکن تي پڻ ٽيڪا ٽپڻي ڪندا رهندا۔ سنڌ سلامت اسان سڀني جو گڏيل فورم آهي ۽ اسان سڀ هن جا مالڪ به آهيون ته هن جا هلائڻ وارا به آهيون۔ اميد ته اوهان ڀيرو ڀڃندا رهندا۔ گلن جو تحفو ته ادا علي علي اڳ ۾ ئي پيش ڪري چڪو آهي، اسان پاران کوڙ سارو پيار ۽ خلوص اوهان لاء حاضر آهي۔
جواب: ظفر سنڌي پيارا ڀاءُ مزمل هن محبت ڀرئي اڱڻ تي هلي آيو اوهان کي دل جي گهراين سان سڄي سنگت طرفان خوش آمديد هتي سڀ محبتي ماڻهو آهن اوهان کاي بي انتها پيار ۽ پنهنجائپ ملندي اميد ته اوهان کي هن فورم مان گهڻو ڪجه سکڻ ۽ سيکارڻ جو موقعو ملندو پنهنجو قلمي قرب جاري رکندا مهرباني
جواب: ظفر سنڌي ظفر سنڌي يا مزمل چانڊيو ۔۔۔ مزمل چانڊيو يا ظفر سنڌي ۔۔۔ منجهين پيو آهيان ته هي ٻه دوست آهن يا هڪ دوست آهي جنهنجو نالو مزمل آهي ۽ سندس تخلص مظفر سنڌي آهي ۔۔۔؟؟؟ علي علي شايد اوهانکي سڃاتو آهي، ۽ اوهانکي فيسبڪ جي سنڌي شاعري واري گروپ ۾ ڏسندا آهيون ۔۔ پر اوهان اتي لکڻ پڙهڻ جا شوقين ۽ تمام سٺو لکندا آهيو پر هت اوهان مختصر طور ته ٽي دفعا چانڊيو لکيو آهي ۽ باقي لفظن ۾ شهر جي خبر پوي ٿي ۔۔۔ ڀلا جيڪڏهن ٿورڙي سخاوت ڪيو ها ته اسانجي دل باغ بهار ٿي پوي ها ۔۔۔ مطلب دوستي رکجي ته تعرف به دوستن وارو ڪرائجي ۔۔۔ڪرت ۔۔۔ شوق ۔۔۔ تعليم ۽ ڪي نظريا بيان ڪيو ها ته واه واه ٿي وڃي ها ۔۔۔ پر خئير آهي چوندا آهن نينگر به ننڍي جمع به گهڻا اوهانکي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ ان اميد سان ته ڀيرو نه ڀڃندا ۽ پنهنجن سهڻن خيالن سان سنڌ سلامت کي سينگاريندا رهندا ۔۔۔ جي ايندي چوني آءُ، ويندي چوني ويهه ڇڏي سارو ڏيهه ، اڱڻ اچج انهن جي۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: ظفر سنڌي ادا ظفر علي اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش امديد ٿا چئون ادا اميد ته توهان سنڌ سلامت فورم جو ڀيرو ڪندا رهندا ۽ ڪجهه سکندا ۽ سيکارڻ جي عمل ۾ مصروف رهندا سدائين گڏ
جواب: ظفر سنڌي ادا مهربانيون توهان جون جي ايندي چوني آءُ، ويندي چوني ويهه ڇڏي سارو ڏيهه ، اڱڻ اچج انهن جي۔ هنن ٻن سٽن سان مونکي ڀلاڪار ڪئي