گلن جي پتن سان سينگاريـل،مــنهنجي سنڌ آ

مزمل چانڊيو

سينيئر رڪن
غزل
گلن جي پتن سان سينگاريـل،مــنهنجي سنڌ آ
هـر عيـــب کــــان بـــچايـــل ،مـــنهنـــجي سنڌ آ

نــو ازيــو آ مـــو لا هــــر شـــي ســان هــــن کـي
هـر نـــعمت سـان سجايل منهنجي سنـــــــــڌ آ

عـجيب نـظـارا قدرتــي نــديـون آهـن سنــــــڌ ۾
هـــرنظارن ســان سنـواريل منهنجي سنــــــــڌ آ

ڀــٽائـي گھــوٽ قلندر،لال جــهڙيـون هستيون
انهن هستين سان نوازيل منهنجي سنـــــــــڌ آ

مــهــمـان نـوازيـون ۽ پيـار ڀـريـون ڪچـهريون
نــفــرتن کـــان ڇــــڏايـــل ،منـهنجي سنــــــــڌ آ

ســــنڌ ڌرتــــي "مــــزمــل"آهــي مــاءُ تنهنجـي
تنهـن ماءُ جــو آهيان ڃڻيل منهنجي سنــــڌ آ

مزمل چانڊيو
 
جواب: مزمل چانڊيو

واه ادا واهن تمام، بهترين ادا لاجواب شاعري سهڻي سنڌ لاڀ سهڻ جذبن جي عڪاسي تمام بهترين جاني​
 
جواب: گلن جي پتن سان سينگاريـل،مــنهنجي سنڌ آ

ادا مزمل تمام بهترين اهڙي ونڊ جاري رکو
 
جواب: گلن جي پتن سان سينگاريـل،مــنهنجي سنڌ آ

حب الوطني جي جذبي سان سرشار شاعري ۽ سهڻن جذبن جو اظهار سنڌ جي محبت ۾ چيل هڪ سهڻو نظم ۔۔ لک ٿورا چانڊيا صاحب، اوهانجي وات ۾ گلاب ڪاش اسين نفرتن ۽ براين مان آجا ٿي پنهنجي ۽ مٺڙي سنڌ جو مان مٿاهون رکون ۔۔۔

لک ٿورا سهڻو ونڊ ۔۔۔
 
جواب: گلن جي پتن سان سينگاريـل،مــنهنجي سنڌ آ

حب الوطني جي جذبي سان سرشار شاعري ۽ سهڻن جذبن جو اظهار سنڌ جي محبت ۾ چيل هڪ سهڻو نظم ۔۔ لک ٿورا چانڊيا صاحب، اوهانجي وات ۾ گلاب ڪاش اسين نفرتن ۽ براين مان آجا ٿي پنهنجي ۽ مٺڙي سنڌ جو مان مٿاهون رکون ۔۔۔

لک ٿورا سهڻو ونڊ ۔۔۔
 
جواب: گلن جي پتن سان سينگاريـل،مــنهنجي سنڌ آ

مــهــمـان نـوازيـون ۽ پيـار ڀـريـون ڪچـهريون
نــفــرتن کـــان ڇــــڏايـــل ،منـهنجي سنــــــــڌ آ


سائين مزمل چانڊيو جون مهربانيون

سنڌ سان عشق جو داستان، حب الوطنيء جي جذبي سان سرشار سٽون آهن۔ مان ڪراچيء ۾ رهندي به ڳوٺن جي ڪچهرين ۽ قرب وارين ڳالهين کي وساري ناهيان سگهيو۔ توڻي جو هاڻي حالتون ڀليون ناهن ۽ سنڌ جي ٻهراڙيء ۾ به نفرتون ڪاهي پيون آهن پوء به مونکي اياز جون سٽون ياد اينديون آهن:

اڃان رڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي
 
جواب: گلن جي پتن سان سينگاريـل،مــنهنجي سنڌ آ

مهربانيون ادا توهان جون سليمان وساڻ صاحب لک ٿورا توهان جا
 
Back
Top