[JUSTIFY]/ بَوَا / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي / سائين ڳورپٽ سرڪار عوامي مهم دوران سخت عوامي مزاحمت ۽ پڇاڻي بعد ڏاڍو پريشان هو، پنهنجي سيڪريٽريءَ ڪفگير کي سڏي چيائينس، ” جلدي ڪر نانيءَ ويڙهي جو اجلاس سڏاءِ خبر ته پيئي ته نانيءَ جو اثر ڇو پيو گهٽبو وڃي؟، ۽ گگدام سنڌي اسان جي خلاف بغاوت ڇو پيا ڪن؟، جيڪڏهن انهن هٿ ڪڍيو ته اسان جا ته ٻئي هٿ منهن تي هوندا“، سائين ڳورپٽ سرڪار جي سيڪريٽريءَ ڪفگير کيس چيو، ” جيڪو حڪم سرڪار جو، سڀاڻي ئي ٿو ڌوڙ ڌڪاءُ اجلاس ڪوٺايان“، ائين چئي هو روانو ٿيو، ايتري ۾ رضوءَ سائين ڳورپت سرڪار ڏانهن ساوڙيِءَ جو پيالو وڌائيندي چيو، ” سرڪار شام جو ٿڌڙو پهر آهي، حاضر آهي سلطاني پيالو“، سائين ڳورپٽ سرڪار کائنس پيالو وٺندي چيو، ” رضو تون نه جيڪو مارشلائڻ جو پيالو هڻائيندو آهين، اصل اِهو مون کي شينهن ڪري ڇڏيندو آهي، اصل ۾ ائين ٿيندو ناهي جو ساوڙي ڏاڍي ٿڌي هوندي آهي پر اهو سڄو تنهنجي هٿ جو ڪمال آهي“، سائين ڳورپٽ سرڪار راضي ٿيندي کيس چيو، ” رضو تون منهنجو بجلي گهر آهين، تنهنجي گهڪي جي ڪري ساوڙي رنگ ئي ٻيا ٿي ڏيکاري نه ته اڳ سرڪار جا ڪم ئي رلي ويندا هئا“، سائين ڳورپٽ سرڪار کائنس پڇيو، ” رضو ڪر ته خبر، اڄ ڪلهه اِهي گگدام سنڌي اکيون پيا ڏيکارين، اصل گرم باهه ٿي ويا آهن، ڇون ٿا، ” اسان ماڻهن ٽيهن سالن کان کين بدترين غلاميءَ ۽ موت کانسواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي، اسان کين آئيني غلامي ڏني آهي، رضو، اهو ڇا آهي؟“، رضوءَ هٿ ادب جا ٻڌي وڏي ڌيرج سان کيس عرض ڪيو، ” سائين ڳورپٽ سرڪار بادشاه، ڏسو ٿا مند گرم آهي، مرچ به گرم آهن، اسان جي ماڻهن جي طبعيت به گرم آهي ۽ وري اوهان جون ڳالهيون به گرم آهن، اهڙي صورتحال ۾ ماحول ته گرم ٿيندو ئي ٿيندو، ان ۾ ماڻهن جو ڪهڙو قصور، جنهن ماڻهوءَ جا ٻچا پير تي چاڙهيندؤ اهو ته تارا ڦوٽاريندو نه سائين!“، سائين ڳورپٽ سرڪار ڏانهنس ڪاوڙ مان ڏسندي چيو، ” اڙي رضو تون هوش ۾ ته آهين، اهو ڇا پيو چوين؟“، رضوءَ هٿ ٻڌي چيس، ” سائين ڳورپٽ سرڪار اڳ ساوڙيءَ جي پڙي ڏهه روپين ۾ هوندي هئي ۽ هاڻي چاليهه روپين ۾ ٿي ويئي آهي، جي ماڻهو ساوڙي نه پيئندا ته گرم ته ٿيندا ئي، اوهان پاڻ کي ئي ڏسو شام جي سلطاني پيالي ۽ صبح جي اوشاقي پيالي جي ڪري اوهان ڪيڏا نه ٿڌا آهيو“، رضوءَ چيس، ” سرڪار جي ساوڙي سستي هوندي ته سڀني کي پيالو دون جو لڳل هوندي ڪو ڪڇندو ئي نه“، سائين ڳورپٽ سرڪار کي رضوءَ جي اهڙي ڳالهه سورنهن آنا دل سان لڳي ۽ ان جو سياسي ڇيد ڪيائين دل ۾ چيائين، ” رضو چوي ته سچ ٿو جيڪڏهن ساوڙي مهانگي هوندي ته ماڻهو پيالو پي نه سگهندا، جي پيالو پي نه سگهندا ته گرم ٿيندا، گرم ٿيندا ته ڪاوڙبا، ڪاوڙبا ته ووٽ نه ڏيندا، ووٽ نه ڏيندا ته مان جهڙا سنڌ جا حڪمران ڪيئن ٿيندا، ۽ جي مان جهڙا سنڌ جا حڪمران نه ٿيندا ته پوءِ اِ هي چار ويسا ساوڙيءَ جا بچائڻ جي لاءِ ٻوڏ دوران سنڌوءَ کي کنڊ ڪيئن هڻائڻ جو حڪم ڏيئي سگهندا“، اڄ سائين ڳورپٽ سرڪار تمام وڏي ويسوري ۾ هو، رضوءَ کي چيائين، ” تون چوين ته سچ ٿو پر ڳالهه منهنجي ڳاٽي کان چڙهيل آهي، مٿي جت نوٽن ميڙڻ جي لاءِ ڏانداري کنيو ويٺو آهي کيس رڳو پئسا گهرجن، گهڻو ئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر سمجهي ئي نه ٿو، جت کي ڳالهه ئي سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته سرڪار ڪيئن هلائجي، اسان جي ٽيهن سالن جي تجربي جو به قدر ڪون اٿس چوي ٿو وڏڙن جي نشاني آهي، سدائين قائم رهندي“، سائين ڳورپٽ سرڪار دلگير ٿيندي رضوءَ کي چيو، ” ڏي منهن اسان جي اهليت ۽ سياسي تجربي جو ڪو قدر ئي ڪونهي“، سائين ڳورپٽ سرڪار هڪ وڏو ۽ ٿڌو ساهه کنيو جيڪو سندس اندر جي اوني جو گهرائين تائين احساس ڏياري رهيو هو، رضوءَ کي اچي ڦڦڙيءَ ورتو ۽ سائين ڳورپٽ سرڪار جي منهن ۾ گهوري ڏٺائين ۽ دل ئي دل ۾ چيائين، ” اڃا سنڌ تان بَوا ٽري ناهي“. رضو سائين ڳورپٽ سرڪار جو ساوڙيءَ جي معاملي ۾ مشيرِ خاص آهي.[/JUSTIFY]
جواب: / بَوَا / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي / ننڍڙي لکڻي ۾ گهڻو ڪجهه چئي وڃڻ زاهد ميراڻيء جو ئي ڪمال آهي۔ مٿيان جملا هن وقت جي صورتحال جي صحيح عڪاسي پيا ڪن۔ سنڌ جون حالتون خراب ٿيڻ بجاء ڏينهون ڏينهن وڃن ٿيون بدتر ٿينديون ۽ حڪومت وقت کي انهن ڳالهين جو ڪو اونو ئي ناهي۔ مهرباني ادا زاهد اوهان سنڌ سلامت جي فورم ۾ اسان سان شامل ٿيا آهيو۔
جواب: / بَوَا / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي / سهڻي زاهد ميراڻي جون مختصر ڪهانڻيون وڻنديون آهن، وقتائتيون ۽پر اثر، پر سهڻي زاهد کي نماڻي گزارش ته جيڪي فرضي نالا ۽اصطلاح هو ڪم آڻي ٿو اهي وڻندڙ ،خوبصورت ۽معياري هجن جن کي اسان جو سماج قبول ڪري سگهي ،اهي اخلاقي معيار کان ڪريل،دل ۽دماغ تي هٿوڙا هڻندڙ نه هجن۔