زاهد ميراڻي
سينيئر رڪن
ڀائو مزنو پارٽيءَ جي هڪ جهوني اڳواڻ سان ڪچهري ڪري رهيو هو، ڪچهريءَ جو موضوع سنڌ جي موجوده صورتحال ۽ نجات جو رستو جي پيرائي ۾ هو، ڪچهريءَ ۾ ڪجهه ٻيا به جهونا ۽ نوان دوست ويٺل هئا ۽ ڳالهيون بحث مباحثي بعد سنجيده دور داخل ٿيون هيون، سندس جهوني ساٿيءَ کائنس سوال ڪيو، ” ڀائو، هن صورتحال ۾ ڪهڙي جدوجهد ڪجي، ريل جيل، روڊ رستا، ڪورٽون اسپتالون سڀ آزمائي ڏٺا آهن، ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو آهي، ڀلا جدوجهد جو انداز تبديل ڪرڻ جي ضرورت نه آهي“،
ڀائو مزني، کيس هڪ ئي ڌڪ سان جواب ڏئي ڇڏيو، چيائين، ” بس، اها پنهنجي پر امن سياسي جدوجهد جاري رهندي، اميد آهي ته ڪجهه ئي سالن ۾ منزل ماڻي وٺنداسين“، ڀائو مزني جو جواب، واقعي ئي لاجواب هو جو ان ۾ سوچ ويچار جو مال مصالحو بلڪل نه هو، ۽ ڀائو مزني کي جواب ڏيڻ ۾ ڪا تڪليف به پيش نه آئي جو کيس اهو جواب رٽيل آهي، هو ته اهڙن سوالن جا جواب اکيون ٻوٽي به ڏيئي سگهي ٿو، پاڻي جي گلاس پيڻ کان سواءِ به ڏيئي سگهي ٿو، نرڙ تي پگهر اچڻ کان سواءِ به ڏيئي سگهي ٿو، سندس جي لاءِ اهڙن سوالن جا جواب ڏيڻ ايترو آسان آهي جترو هڪ چوزي جي لاءِ کانگهارو ڳهڻ آسان هوندو آهي“،
سندس ساٿيءَ کيس چيو، ” پر ڀائو، سائين جي ڦلاڻي ڪتاب ۾ ته ههڙي صورتحال جي لاءِ هن طرح به لکيل آهي ته، ”معروضي صورتحال مطابق هٿيار بند جدوجهد به ڪري سگهجي ٿي“،
ڀائو مزني کيس ٺهه پهه جواب ڏنو، ” واهه ڙي يار تون ته مون کي اهو ڪتاب پڙهڻ جي لاءِ ڏنو ئي ڪونه“، ايئن چئي، کيس چيائين، ”گهڻو مٿو هنيو آهي، هاڻي هل ته ڪا پٺاڻ جي ڪڙڪ چانهن پيئون“،
پاڻ پنهنجي ساٿين کي ساڻ ڪري ڪمري مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪيائين ته پوهان سندس هڪ ڪارڪن ٻئي کي سس پس ڪندي چيو، ” ڏسين ٿو ڀائو قوم پرست اٿئي، قوم جي آجپي جي ڳالهه پيئي هلي ته کيس مٿي ۾ سور پئجي ويو ۽ هليو چانهه پيئڻ اها به پٺاڻ جي، ڀرسان هڪڙي سنڌيءَ چانهه جو کوکو کوليو آهي اتان نه پيئندئي، اهي ٻه روپيه به پٺاڻ جي گهر وڃن سنڌيءَ جي نه“،
هن وڌيڪ چيو، ” يا قوم پرستي تنهنجو آسرو. باقي ڀائوءَ جا حال پورا آهن“.
ڀائو مزنو اسان جو قوم پرست اڳواڻ آهي، کيس کائو مزنو به چوندا آهن، خوراڪ ۾ کيس رڳو ” ڀَتُ“ پسند آهي.