اسين پنهنجي ايندڙ نسل لا وراثت ۾ ڇا پيا ڇڏي وڃو؟

'راءِ شماري' فورم ۾ نورعلي پاشا طرفان آندل موضوعَ ‏16 مئي 2011۔

  1. نورعلي پاشا

    نورعلي پاشا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    writer, Director and G.Secretary in Ngo
    ماڳ:
    hyderabad
    اسين پنهنجي ايندڙ نسل لا وراثت ۾ ڇا پيا ڇڏي وڃون۔۔۔۔۔ ڪرپشن، دهشتگردي، ڪوڙ ۽ ٺڳي سان ڀريل معاشرو، پنهنجي نياڻين جي لا گهرن کان نڪرڻ غير محفوظ، يا نوجوانن جي لا منشيات جي گدلاڻ ۾ ڪارو ٿيل ماحول؟ آخر اهيو سڀ ڪئين ختم ٿيندو۔۔۔۔۔ اسين پنهنجي اولاد جي هڪ سٺو گهر ته ٺهرايو ٿا انهي جي لا ڪجهه بينڪ بيلنس به گڏ ڪريون۔۔۔۔۔۔۔ انشورنس پاليسي به وٺون ٿا پر ڇا اهيو سڀ هجڻ سان گڏوگڏ اسين هن جي لا هڪ محفوظ معاشرو بڻايو پيا۔۔۔۔۔؟
    هڪ محفوظ معاشرو بڻائڻ جي لا اسان کي ڇا ڪرڻو پوندو
     
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: اسين پنهنجي ايندڙ نسل لا وراثت ۾ ڇا پيا ڇڏي وڃو؟

    ادا سائين هڪ بهترين معاشري ٺاهڻ جي لا۽ اسان۽ توهان کي پنهنجي ٻارن کي تعليم جي زيوار سان آراسته ڪرڻو پوندو۔اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪاپي ڪلچر کي هميشه هميشه لا۽ ختم ڪرڻ لا عملي جدوجهد ڪرڻي پوندي۔ڇا توهان چاهيندو ته توهان جي پيارن جا آپريشن اهوئي ڊاڪٽر ڪن جيڪي ڪاپي ڪري پاس ٿيا هجن۔ڇا توهان پنهنجو ڪيس ڪنهن اهڙي وڪيل کي ڏيندا جيڪو ڪاپي ڪري پاس ٿيو هجئي۔انهي ڪاپي جي آڌار تي مليل ڊگري کان ماڻهو آڻ پڙهيل ئي چڱو آهي۔جيستائين اسان پنهنجي اولاد ۾ صحيصحي تعليمي شعور پيدا نه ڪنداسين۔۔هنن کي صحيحي معاشرو نه ملي سگهندو۔اسان سڀني کي پنهنجي گريبان ۾ جهانڪي ڏسڻو پوندي ته اسان ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون خرابيون آهن ۽ انهن کي درست ڪرڻو پوندو۔معاشرو انسانن جي عملن سان ٺهندو ۽ بگڙجندو آهي۔اسان کي پنهنجي ۽ پاڙسيرن جي حقن جو خيال رکڻو پوندو۔قانون تي پاڻ کي به عمل ڪرڻو پوندو ۽ ٻين کي به عمل ڪرڻ جي تلقيد ڪرڻي پوندي۔ڪرپشن جو هر محڪمي مان خاتمي لا گڏجي ڪوششون وٺڻيون پونديون۔مير ٽ ۽ صرف ميرٽ کي پروموٽ  ڪنسڊر ڪيو ويندو  سفارش جي لعنت کي جڏهن ختم ڪيو ويندو ته اسان ۽ توهان هڪ نئين ۽ سٺي معاشري کي وجود ۽ آڻي سگهنداسين نه ته ايئن ڳالهيون ڪندا رهنداسين۔مختصر اسان سڀني کي پنهنجو ذميداريون حق ۽ انصاف سان نڀائڻيون پونديون۔توهان هڪ تمام حساس موضوع تي ليک لکيو آهي جيڪو توهان جي دلي ڪفيت معاشري جي خراب حثيت جي ترجماني ڪري رهيو آهي۔اها هڪ بهترين سوچ آهي۔توهان جون مهربانيون۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: اسين پنهنجي ايندڙ نسل لا وراثت ۾ ڇا پيا ڇڏي وڃو؟

    مان سائين غلام مصطفي ميمڻ صاحب جي ڳالهين سان سو سيڪڙو متفق آهيان

    سدائين گڏ
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اسين پنهنجي ايندڙ نسل لا وراثت ۾ ڇا پيا ڇڏي وڃو؟

    سائين پاشا صاحب مهربانيون

    اوهان جي ڳالهين جو اسان سڀني کي قسر آهي ۽ اوهان جي احساسن کي محسوس ڪري سگهون ٿا۔ واقعي اسان هاڻي اهڙي معاشري جي ڄار ۾ ڦاسي پيا آهيون جتي ڪوڙ، ٺڳي، جوا، چاپلوسي، دهشتگريدي، غنڊا گردي، نا انصافي، ڀتا ڪلچر ۽ انارڪي ڦهليل آهي جنهن اسان کي نا اميدي جي واٽ تي اچي بيهاريو آهي۔ سڄو معاشرو ڪرپٽ ٿي ويو آهي، سچا ، کرا ۽ ايماندار ماڻهو پاڻ کي اوپرو پيا محسوس ڪن۔

    پر پوء به اميد جو دامن ناهي ڇڏڻو، اڄ اوهان چڱائيء طرف وک وڌائي، سڀاڻي ميمڻ صاحب ۽ مان اوهان جو ساٿ ڏينداسون ۽ انشاء الله ايئن هي قافلو وڌندو ويندو پر اسانکي شروعات ضرور ڪرڻ گهرجي ۽ نا اميد نه ٿيڻ گهرجي۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اسين پنهنجي ايندڙ نسل لا وراثت ۾ ڇا پيا ڇڏي وڃو؟

    سائين پاشا صاحب مهربانيون

    اوهان جي ڳالهين جو اسان سڀني کي قدر آهي ۽ اوهان جي احساسن کي محسوس ڪري سگهون ٿا۔ واقعي اسان هاڻي اهڙي معاشري جي ڄار ۾ ڦاسي پيا آهيون جتي ڪوڙ، ٺڳي، جوا، چاپلوسي، دهشتگردي، غنڊا گردي، نا انصافي، ڀتا ڪلچر ۽ انارڪي ڦهليل آهي جنهن اسان کي نا اميدي جي واٽ تي اچي بيهاريو آهي۔ سڄو معاشرو ڪرپٽ ٿي ويو آهي، سچا ، کرا ۽ ايماندار ماڻهو پاڻ کي اوپرو پيا محسوس ڪن۔

    پر پوء به اميد جو دامن ناهي ڇڏڻو، اڄ اوهان چڱائيء طرف وک وڌائي، سڀاڻي ميمڻ صاحب ۽ مان اوهان جو ساٿ ڏينداسون ۽ انشاء الله ايئن هي قافلو وڌندو ويندو پر اسانکي شروعات ضرور ڪرڻ گهرجي ۽ نااميد نه ٿيڻ گهرجي۔
     
  6. نورعلي پاشا

    نورعلي پاشا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    writer, Director and G.Secretary in Ngo
    ماڳ:
    hyderabad
    جواب: اسين پنهنجي ايندڙ نسل لا وراثت ۾ ڇا پيا ڇڏي وڃو؟

    ادا غلام مصطفي ميمڻ صاحب توهان جي وڏي مهرباني جو اوهان انهي موضوع جي حساسيت ڪي محسوس ڪندي جواب ڏنو انهي کان علاوه مان سڀني دوستن جو ٿورائتو آهيان جن انهي موضوع ۾ جواب ڏنو، پر معاف ڪجو دوستو اهي سڀ ڳالهيون ناني جي آکاڻي جهڙيون لڳن ٿيون ته هڪ خوبصورت شهزادو ايندو ۽ اسان کي جن جي ظلم کان بچائيندو ۽ پو سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو۔ دوست ٺيڪ آهي ته توهان پنهنجين ڳالهين ۾ سڀ ڪجهه پاڻ ڪرڻ لا چيو آهي پر ادا ناراض نه ٿجو اهي ڳالهيون اسين سڀ عقل ۽ شعور ۾ اچڻ کان پو ڪندا هي رهيا آهيون۔ ۔۔۔۔ انهن سڀن شين جي خاتمي لا اسان وٽ ڪو پليٽ فارم ناهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ نه ئي اسان وٽ ڪو منظم سلسلو آهي جنهن جي بنياد تي اسين انهن سڀن شين جو خاتمو ڪري سگهون۔۔۔ اسان وٽ هر انسان اهو سوچي ٿو ته ڀلي پهريون قدم ڪو ٻيو کڻي انهي کان پو اسين به گڏ آهيون۔ اسان کي اهيا سوچ مٽائڻي پوندي پهريون قدم اسان کي گڏجي کڻڻو پوندو۔۔۔۔ اسان جا نوجوان تعليم ڊگريون وٺي ڊاڪٽر، انجنيئر، وغيره وغيره سڀ ڪجهه ٿيڻ چاهين ٿا پر ڪو به اهيو سوچي نٿو وڌي ته هن ملڪ جي واڳ ڪير سنڀاليندو۔۔۔۔ اهي پوڙها سياستدان جيڪي 9 سئو ڪوئا کاهي هاڻي حج ڪرڻ هليا آهن۔۔۔۔۔ جن جي گهرن ۾ ڪڏهن لائيٽ نٿي وڃي جن جي گهرن ۾ ڪڏهن به هڪ وقت جو کاڌو ناهي کٽو جن ڪڏهن به سرڪاري اسپتالن ۾ علاج واسطي وڃڻ جي ضرورت ئي محسوس ناهي ڪئي۔۔۔۔ انهن کي غريبن جي تڪليفن جو ڪهڙو احساس ٿيندو۔۔۔ يا اهي سياستدان اسان جا اڳواڻ ٿيندا جيڪي غير ملڪي طاقتن جي هٿن ۾ اڳڙين جا گڏا بڻيل آهن۔ اسان کي انهي ڳالهه تي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو۔ توهان دوست نئين ٽهي جا جيڪڏهن گڏجو ته هڪ انقلاب آڻي سگهو ٿا پر شرط نيڪ نيتي ۽ سٺن اڳواڻن جي آهي۔
     
  7. نورعلي پاشا

هن صفحي کي مشهور ڪريو