علم ، عقل ۽ عشق۔۔۔۔۔۔سيال حيات

'مقالا' فورم ۾ Asad Ali Siyal طرفان آندل موضوعَ ‏16 مئي 2011۔

  1. Asad Ali Siyal

    Asad Ali Siyal
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 مارچ 2011
    تحريرون:
    42
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    حيدرآباد، سنڌ
    علم ، عقل ۽ عشق

    سيال حيات

    تخليق ڪائنات کان اڄ تائين هن دنيا ڪيئي دور ڏٺا آهن . ڌرتي جو سينو ويران ۽ بربٽ بيابانن مان سرسبز کيتن ۽ باغن باغيچن ۾ ايترو سولائي سان تبديل نه ٿيو آهي. انسان غارن ۽ غفائن مان نڪري روشنين جي شهرن تائين پهچڻ جي سفر ۾ ڪيئي ڪٺن مرحلا طئي ڪيا آهن. جهنگلن ۽ جبلن ۾ بدوءَ جي زندگي گزاريندڙ ماڻهو آسانيءَ سان هڪ مهذب انسان نه بنيو آهي . پر وقت ۽ حالات جي تيز وهڪرن مان گذرڻ کانپوءِ شعور ۽ ساڃاهه جا قلعا قائم ٿيا آهن ۽ انهن جا مينار ايترا اوچا ٿيا آهن جو وڻن جي پنن سان بدن ڍڪڻ وارو تهذيب جو پهريون قدم هاڻي لباسن کي قومي ثقافت جو نالوڏئي رهيو آهي . اڄوڪي ترقي ڪيترن اڻانگن ارتقائي مرحلن مان گذري آهي ان جو احساس انهن اکين کي هوندو جن تاريخ جي پراڻن پنن ۾ نيڻ وڃايا هوندا.
    اها تاريخ جيڪا هڪ طرف سخاوت ، بهادري ، همت حوصلي ، پيار ، محبت ، قرباني ، همدردي جا لازوال داستان پنهنجي سيني ۾ سمائي ٿي ته ٻي طرف ، ظلم ، بربريت ، وحشت ، دهشت ، ساڙ ، حسد ، ٻيائي ۽ ٻين بي شمار براين سان ڀري پئي آهي. انهي سڄي تاريخي مطالعي کانپوءِ فهم ۽ فڪر جا دروازا کولبا ته هڪ نتيجو صبح جي سورج جيان روشن نظر ايندو ته دنيا جي تاريخي تبديلي جو محرڪ انسان رهيو آهي . ۽ دنيا جي سموري تعمير توڻي تخريب ۾ انسان جو وڏو هٿ شامل رهيو آهي. تاريخ جي ڪتابن جي زبون صفحن ۾ ترقي ۽ تباهي ، خوشحالي ۽ بدحالي ، تعظيم ۽ تذليل ڪاميابي ۽ ناڪامي جا ڀلي ڪهڙا به باب بيان ٿيل هجن پر پوءِ به دل جي ديول ۾ جهاتي پائبي ته خاموشين جي گيڙو چادر ۾ ويڙهيل سچ جي صليب تان هڪ آواز جو آلاپ ضرور ٻڌڻ ۾ ايندو ته، ’اي منهنجا خدا تون ڪل ڪائنات جو اڪيلو خالق ۽ مالڪ آهين ، زمين ۽ زمان جو تنها والي ۽ وارث آهين پر جيڪڏهن تون هن ڌرتي ءَ تي انسان جو وجود نه آڻين ها ته تنهنجي دنيا بي معنيٰ هجي ها.‘ هي سمورا روپ ۽ رنگ ، سمورا ڍول ۽ ڍنگ ، سمورا چاهه ۽ چنگ ، سمورا ٻاڻ ۽ ٻنگ ۽ سمورا انگ ۽ ونگ هن انسان جي ذهن ۾ پلجندڙ سوچ ۽ سمجهه جا مظهر آهن. اها سوچ جيڪا ذهن جي زرخيز واديءَ مان ڪنهن آبشار جيان اٿلي ٿي ۽ ٻانهن جو ٻل بنجي عمل جي ابتدا ڪري ٿي . اهو انسان جڏهن جاکوڙ ۽ جستجو جي واٽ وٺي ٿو ته اتهاس جي آئيني ۾ ڪڏهن رهبر ٿي راهه ڏيکاري ٿو يا رهزن ٿي روئاري ٿو ۽ پنهنجي من اندر اٿندڙ سوچ کي ڪنهن ڪنڌيءَ ضرور لڳائي ٿو.
    تصور جي تهه ۾ وڃي ويچاربو ته پتو پوندو ته ان لڇ پڇ ۽ لوچ کي جيڪڏهن ٽن طاقتن علم ، عقل ۽ عشق جو سهارو مليو ته هرجاءِ هو جمالا ٿي پيا ، ميلا ۽ ملهالا ٿي پيا ، اک اک اجالا ٿي پيا ۽ هر نگري نيهن نرالا ٿي پيا پر جي انهن ٽن طاقتن کان منهن موڙيو ويو ته هر پاسي رت جي راند ٿي ۽ ويڙهي ويڙهي ويڙهاند ٿي . انهن ٽنهي لفظن يعني علم ، عقل ۽ عشق جي تڪ تور ڪبي ته ٽئي هڪ ٻئي کان وڌيڪ اتم ۽ اهم محسوس ٿيندا ته ٽئي هڪٻئي سان لازم ۽ ملزوم به نظر ايندا. هونهن ته هر لفظ پنهنجي اهميت رکي ٿو پر علم ، عقل ۽ عشق جي حيثيت تي گهري غور سان نهاربو ته علم کان عقل مٿي ۽ عقل کان عشق جو مان مٿانهون نظر ايندو. ڇو ته علم ڪنهن به شئي بابت ڄاڻ يا آگاهي ڏئي ٿو پر انجي فائدي ۽ نقصان ، صحيح وقت ۽ رخ جي تعين لاءِ غور ۽ فڪر جي ضرورت آهي جنهن کي عقل چئجي ٿو . جيئن شاهه سائين چيو آهي ته پڙهيو ٿا پڙهن ، ڪڙهن ڪين قلوب ۾ ، يعني علم حاصل ٿي به وڃي پر جي ان کي شعور جي شعاع اڳيان نه آڻبو ۽ عقل جي اک ۾ ويهاري غور ۽ فڪر جي مرحلي مان نه گذاربو ته علم مان اصل لاڀ نه ملندو تڏهن ئي ته ٻي هنڌ شاهه صاحب هيئن به چيو آهي ته فڪر ڦرهي هٿ ۾ ماٺ مطالعو ڪن ، اهو علم ۽ عقل دنيا داري جا دڳ ٻڌائيندا آهن ۽ سڻائي واٽ وٺرائي منزل تي پڄائيندا آهن پر جڏهن عشق پير پائيندو آهي ته علم ۽ عقل پري ٿي بيهندا آهن ۽ هزار صفحن واري ڪتاب ۾ به ڌيان جو مرڪز اهو پنو هوندو آهي جنهن لاءِ لطيف سرڪار چيو آهي ته پنو سو پڙهن ، جنهن ۾ پسن پرين کي . ۽ پوءِ ڪوڙين ڪتابن ۾ حرف مڙيوئي هيڪ ٿي ويندو آهي. ڇوته علم ۽ عقل حدون مقرر ڪري ڏيندا آهن ۽ زندگيءَ کي باوقار بنائڻ لاءِ مختلف نظريا ، اصول ۽ قانون مرتب ڪري ڏيندا آهن جڏهن ته عشق دائرن ۾ قيد نه ٿيندو آهي ۽ ايئن چوندو آهي ته قاضيا ڪهڙي مسئلي ڏسيندا ئين ، عشق شرع ڪيا لڳي .... ۽ نيهن جي هڪ نيڻ نهار اڳيان لکن ڪتابن جون لئيبرريون خاڪ ٿي وينديون آهن ڇوته عشق جي آئيني ۾ هڪڙي ئي تحرير جو عڪس نظر ايندو ته اکران دي وچ جوئي اڙيا ، عشق دي چاڙهي مور نه چڙهيا.
    ايئن کڻي چئجي ته علم ابتدا آهي ، عقل اوج آهي ۽ عشق انتها آهي . هونئن ته ماڻهو مٽيءَ جو پنوڙو آهي پر علم ، عقل ۽ عشق کانسواءِ خالي رت ، گوشت ۽ هڏن جي ڀري آهي جيڪو ڄائو ، وڏو ٿيو ۽ مري ويو پر جي هن علم جي لاٽ ٻاري راهه ۾ سجهندو ڪيو ۽ عقل جو هٿيار کڻي عملي ميدان ۾ لٿو ۽ منزل ماڻڻ لاءِ عشق جي درياهه ۾ ٽپو ڏنو ته لهرن جا ليکا ۽ ڇولين جا ڇوهه کيس ڪوبه ڇيهو نه پهچائيندا پر ايئن ئي ٿيندو جيئن لطيف شهنشاهه چيو آهي ته مئي متي مهراڻ ۾ ، پئو ٽپو ڏيئي ، ڇوته ايئن ته ڪنڌيءَ اڀيون ڪيتريون ساهڙ ساهڙ ڪن ، پر ساهڙ ملي تن کي ، جي گهاگها گهڙن ، جڏهن عشق تارو تار هوندو آهي ته تڪليفون تحفا سمجهبيون آهن درد دلين جا دادلا بنجي ويندا آهن ۽ سور سهارو ڏيندا آهن جيئن هن شعر ۾ آهي ته جيڪي ڏنائون ، سو سر ڏئي سهه جندڙي ، م چئو ڇنائون ايءَ پڻ ڳنڍيو سڄڻين. انڪري ئي رومي فرمايو آهي ته جنهن ماڻهوءَ عشق ناهي ڪيو ان جي جيئري ئي جنازي نماز پڙهي ڇڏيو.
    پر هن وقت عشق جي معنيٰ ۽ مطلب کي به ايئن ئي ڦيرايو ويو آهي جيئن علم ۽ عقل جي مفهوم کي.. ڇوته اڳي علم انسانيت جي تعمير لاءِ ورتو ويندو هو هاڻي روزگار جي لاءِ . انڪري فرق اهو پيو ته اڳي ڏورانهن علائقن ۾ مڪتب هئا ، آخوند ( معلم يا استاد ) توڻي خطابي ( طالب يا شاگرد ) سالن جا سال مائٽن مٽن ۽ دنيا وما فيها کان ڪٽيل مطالعي ۾ مصروف هوندا هيا پوءِ نتيجو اهو نڪرندو هو جو ست درجا پاس يعني فائينل ڪرڻ واري کي به حڪومت زوري نوڪري لاءِ سڏيندي هئي ۽ اهو ماڻهو اڄ جي ايم اي پاس کان وڌيڪ ڄاڻ رکندو هو پر هاڻي هر گهر جي دروازي تي اسڪول آهي ، استاد به ان گهر جو ته شاگرد به ان ئي گهر جا ، پوءِ ته بس پنهنجا پاڻ ۾ آهيون جي تي عمل پيرا شاگرد سڄو سال گسائي امتحان ڏيڻ آيا ته به جي بسم الله ۽ جي استاد مهيني ۾ هڪ دفعو اسڪول آيو ۽ سڄو مهينو ليمن جو واپار ڪيو ته به پنهنجن سان ڪهڙا ليکا. يعني جيترو تعليم کي سستو ۽ عام ڪيوويو آهي اوترو ئي سندس معيار ڪريو آهي.
    ساڳيو ئي حشر عقل سان به ٿيو آهي اڳي عقلمند کي سندس هنر ۽ فن سان سڃاتو ويندو هو پر اڄ عقلمند بلڪل اهوئي آهي جنهن لاءِ پهاڪو آهي ته جنهن جي گنديءَ ۾ داڻا تنهن جا چريا به سياڻا. اڄ پئسي وارو جو چوي سو سچ آ غريب چاهي ڪيترو به داناءُ هجي ان کي ڪل ٿڙيل سڏيو وڃي ٿو.اڳي فنڪار اهو هو جيڪو سڄي زندگي رياضت ۾ گذاري مس وڃي ڪنهن راڳ ڇيڙن جي قابل بنبو هو پر اڄ سر تار کان بي خبر نوجوان به ڪمپيٽر تي گانا رڪارڊ ڪري رات پيٽ ۾ فنڪار بنجي وڃن ٿا. صرف ايترو ناهي پر سوين سال اڳي ٺهيل جايون ۽ پليون اڄ به قائم آهن پر جديد دور جون جايون ۽ پليون ڇهن مهينن ۾ ڪري پون ٿيون يا ڪرڻ جهڙيون ٿي وڃن ٿيون. اڳي جا اڻ پڙهيل ڏاها يعني حڪيم ۽ طبيب پري کان ماڻهوءَ جي ٽور مان بيماري سڃاڻيندا هئا ۽ ان جو علاج ٻه ٻڌائيندا هئا جڏهن ته اڄ جا جديد ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ۽ اسپيشلسٽ آپريشن کانپوءِ قئينچون ۽ ڇريون جسم جي اندر ئي رهائي موت جون راهون آسان ڪري ڇڏين ٿا.
    اهڙي طرح عشق جي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ به تبديلي لازم امر هو. جنهن عشق لاءِ لطيف سرڪار چيو ته عشق نه ڀانئج راند ، جيئن کيڏن ڳڀرو ، سسي نيزي پاند اڇل ته ٻه اڌ ٿئي اهو عشق ته ساڳي ڪربلا واري ڪهاڻي هئي جو اڳيان اڏيءَ وٽ ، پوين سر سنباهيا ، ۽ سڄي ڌرتي رت جا ريج هئي پر عشق ِ حسين تيرن ۽ تلوارن وچ۾ به قاسم کي گهوٽ بنائي ميندي لائي رهيو هيو. اهو عشق هيو جو اويس ڪرني اڻ ڏٺي محبوب جي هڪ ڏند مبارڪ شهيد ٿيڻ جو ٻڌي پوري ٻٽيهي ڪڍرائي ڇڏي. جنهن عشق لاءِ حضرت ابراهيم آڙاهه ۾ ڪاهي پيو ، حضرت عيسيٰ صليب تي چڙهيو ، بلاول گهاڻي ۾ پيڙيو ان جي ان وقت جي معيار جا ڪهڙا ماڻ ۽ ماپا ڏسجن جو شاهه لطيف پنهنجي محبوب سان عشق ڪيو ته ٽيهن سرن جو رسالو لکيو ، آئين اسٽائين پنهنجي تصور سان عشق ڪيو بلب ايجاد ڪيو ، ۽ دنيا جي هر ان ماڻهو عشق ڪيو جنهن پنهنجو حوالو پيدا ڪيو ۽ تاريخ ۾ امرتا ماڻي. جنهن عشق کي دنيا جي بذرگن ڳائيندي فخر محسوس ڪيو اڄ اهو عشق رسوائي ، بدنامي ۽ بي حيائي جو ٻيو نالو آهي. اسڪولن ۽ ڪاليجن جو شاگرد پنهنجي هم ڪلاس شاگردياڻي ڏانهن چٺي لکڻ کي عشق سمجهي ٿو ، اسڪولي ڊريس ۾ ٿيلهو کڻي ويندڙ ٻار پٺيان سينڍون وڄائيندڙ لوفر ان بي حيائي کي عشق سمجهي ٿو. عزت دار والدين جي غيرت جي چادر کي چيهاڙيون ڪري ڪورٽ ميريج ڪندڙ نوجوان ان زلت ۽ رسوائي کي عشق سمجهن ٿا. پيءُ ماءُ جي پيشاني تي بدنامي جو داغ لڳائيندڙن کي دنيا پريمي جوڙو سڏي ٿي ۽ اهو به عشق سڏجي ٿو .
    جي علم ، عقل ۽ عشق جون موجوده معنائون اهي ئي رهيون ته اسان جي ديس ۽ ويس جي سون ورني ثقافت ڪهڙي جٽا ءُ ڪندي ، اسان جي لوئي ۽ لڄ جي ڪهڙي ساک رهندي ۽ اسان جي پوتي ۽ پٽڪي جو ڪهڙو تقدس رهندو ان جو جواب ته ايندڙ وقت جي تاريخ ۾ ضرور لکيل هوندو پر اسان جو ايندڙ نسل ڪهڙا انقلاب جا فصل پوکيندو ، ڪهڙا انساني عظمت جا مينار قائم ڪندو ۽ ڪهڙا تاريخي ۽ تهذيبي ڪارناما سرانجام ڏيندو اها سوچ به سڪتي ۾ آڻي ٿي ڇڏي. ۽ اندر مان هڪ سرد آهه اڀري ٿي ته ڪاش اسانجو نوجوان پنهنجي هر عمل کي علم جي اک سان پرکي عقل سان عمل هيٺ آڻي ۽ عشق سان انکي پايئهِ تڪميل پهچائي.


    siyal_hayat@yahoo.com Email.
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: علم ، عقل ۽ عشق۔۔۔۔۔۔سيال حيات

    ادا سٺو ونڊ آهي ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو