ادا عطاءالله ڀلي ڪري آيا، توهان کي فورم تي دل جي گهراين سان آجيان چئون ٿا۔ فورم جي دوستن جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاء تعارف واري سيڪشن ۾ سڀني جو تعارف پڙهي سگهو ٿا۔ باقي سائين توهان دادو جا دادلا آهيو، دادو سڀني کي اوترو ئي پيارو آهي، دادو ته سنڌ جي دل آهي، دادو ۾ ئي جادو آهي اميد توهان پنهنجون بهترين لکڻيون فورم تي موڪليندا مهرباني
دوست عطاء الله؛ الله اسان سڀني جي مدد ڪندو بشمول دادو جي دوستن جي ۽ خاص ڪري اوهانجي ... سائين عطاء الله صاحب ڀلي ڪري آيا ... جي آيا سنڌ سلامت جو اڱڻ اوهان دوستن لئه آهي جي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان محبت ڪنٿا ۽ سنڌ جي ادب ۽ فلسفي کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ گهرنٿا ... دوست عطاء الله، الله اوهانکي علم عطا ڪري ته جيئن اسان دوستن جي رهنمائي ڪري سگهو ۽ پنهنجي علم ۽ عقل ذريعي سنڌي قوم جو ڀلو ڪري سگهو ... اوهانکي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ سلامت جي ساٿ ۾ ڀليڪار ... گلن جا تحفا انبن جا ٽوڪرا قبول پون ... shal judy hujeen اوهانجو سڄڻ ۽ خيرخواه دوست نثار ابڙو مڪو پاڪ sindhsalamatsaathsal
محترم عطا الله هنڱورا صاحب اوهان کي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔ اوهان سنڌ جي دادلي ماڳ دادو سان تعلق رکو ٿا۔۔ ادا هن حقير جو به انهي ماڳ سان تعلق آهي۔۔ دوست ڊاڪٽر صاحب۔۔۔ اوهان به اسان جي لاءِ قابل احترام آهيو۔۔۔ ها ادا واقعي دادو ۾ جادو آهي۔۔۔ ڊاڪٽر سائين اسان کي به ٻه ٽي ڏهاڙا ٿي ويا هئا جو سنڌ سلامت جي حاضر ڪونه ڀرائي هئي سين۔۔۔ اوهان کي به هن سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڀليڪار چوان ٿو۔۔۔ اميد ته اوهان پنهنجي ڪمالات سان هن فورم کي چار چنڊ لڳائيندوء
محترم عطاء الله صاحب فورم جوائين ڪرڻ تي توهان جا لک لائق... پنهنجي حاضري کي يقيني بڻايو .... اميد ته هتان توهان گهڻو ڪجهه حاصل ڪندو... پنهنجي علم کي ونڊڻ لاءِ سنڌ سلامت هڪ بهترين پليٽ فارم آهي.... مون کي يقين آهي ته توهان جون هتي گهاريل گهڙيون انتهائي يادگار رهنديون....
السلام عليڪم ادا عطاالله هنگورا صاحب توهان کي سڀ دوست سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد چئي چڪا آهن پر مان وري به سنڌ سلامت فورم تي اوهان کي خوش آمديد چوان ٿو ادا عطاالله توهان دادو سان تعلق رکو ٿا اهو دادو جيڪو مون جي دوستن جو گهر آهي اهو دادو جتي جادو آهي اهو دادو جيڪو سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شهر هو دادو ضلعو جتي خيرپور ناٿن جي ننگري .مست ڪيهر شاه بادشاه، عنايت شاه، سعدي موساڻي جهڙيون درگاهون آهن توهان اهڙي شهر سان واسطو رکو ٿا مان کي تمام گهڻي خوشي آهي ته توهان جهڙن دوستن سنڌ سلامت جوائن ڪيو آهي دوست توهان جي خوبصورت تحريرن جو ڦلپوٽي فقير کي بيچيني سان انتظار رهندو ادا عطاالله مون جي طرفان سنڌ سلامت فورم جوائن ڪرڻ تي هي ڪجهه توهان جي خدمت ۾ تحفه اميد ته قبول پوندا دعائن ۾ ياد هيشه لا۽ shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal