ڪئناڊا ۽ پيار جو بارٽر سسٽم تحرير: فياض سومرو [JUSTIFY]اهو ڪئناڊا جو ئي حُسن آهي جو اتان جا شهري اهل دل آهن ۽ ٻين جي ڏک سک کي به پنهنجو ڏک سک سمجهن ٿا. پراڻي زماني ۾ جڏهن اڃا سِڪا ايجاد نه ٿيا هئا يا جڏهن ماڻهن وٽ پئسا ڪونه هوندا هئا، تڏهن ماڻهو مٽاسٽا يعني مال جي بدلي مال ڏيئي معاملا هلائيندا هئا. هڪ شيءِ ڏئي، بدلي ۾ ٻي ضرورت جي شيءِ حاصل ڪرڻ کي ”بارٽر سسٽم“ چيو وڃي ٿو. ڪئناڊا ڀلي ڪيڏو به ماڊرن ٿي ويو آهي، پر اُتي اڄ به پيار جي سلسلي ۾ ”بارٽر سسٽم“ ئي هلي ٿو. هونئن ته اتي ڪي به ٻه انسان شاديءَ ذريعي به پاڻ ۾ نرمل ۽ نازڪ قربت قائم ڪري سگهن ٿا. پر اُتي ڪئناڊا ۾ قربت قائم ڪرڻ جو اهوئي واحد ذريعو ناهي. اتي جيڪڏهن ڪن به ٻن انسانن ۾ هم آهنگي ۽ اتفاق راءِ موجود آهي ته پوءِ اتان جي حڪومت ۽ معاشرو کين فطري جبلتن جي جمنا ۾ اشنان جو محفوظ رستو ڏيئي ڇڏي ٿو. اتان جي رياست ۽ حڪومت پاران اتان جي ڪن به ٻن شهرين طرفان پاڻ ۾ گڏ رهڻ جي ڪيل فيصلي جي احترام سبب نه ته اتي ڪا خرابي يا گدلاڻ پيدا ٿئي ٿي ۽ نه ئي ڪا بيچيني پيدا ٿئي ٿي. ائين به ڪونهي ته اتي اهڙي اجازت رڳو مٿئين طبقي جي فردن کي حاصل آهي ۽ باقي هيٺئين طبقي جا فرد ايئن ڪرڻ تي سرڪاري ادارن جي ور چاڙهي ٿاڻن ۽ ڪورٽن جي مها ڄار ۾ ڦاسائي سنگهرن جي ڦٽڪار ۾ جڪڙي ڪنڊائتا ڪيا وڃن ٿا. ڪئناڊا ۾ انسان جي گلاب جهڙن خوابن کي قتل ڪرڻ، سونهن ۽ سوچ جي ناڪابندي ڪرڻ بدران ان کي رستو ڏنو وڃي ٿو ۽ ڀاڳ وارن ڀاڳين ۽ ڀاڳياڻين کي سدا ملوڪ سانجهين ۽ مرڪندڙ سومهڻين ۾ سانگ ماڻڻ ۽ روح رهاڻ جي اجازت آهي ته جيئن اتان جو ڪو به فرد فطري جبلتن جي دٻاءُ سبب لڪل وهشي بڻجي معاشري کي نقصان پهچائڻ بدران ٻئي ڏينهن صبح ساجهر صحتمند سوچ سان معاشري لاءِ ڪارائتو بڻجي سگهي. نه ته اتي ڪئناڊا ۾ حڪومتي ادارن طرفان ڪنهن جو ناحق خون ڪيو وڃي ٿو ۽ نه ئي اتي ڪنهن ٻئي کي ڪنهن جو ناحق خون وهائڻ جي اجازت آهي. بلڪه دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ خونريزي ٿيندي هجي ته ڪئناڊا جي حڪومت ۽ عوام ان کي روڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪن ٿا. توڻي جو ٻين ملڪن ۾ ٿيندڙ خون ريزيءَ سان ڪئناڊا جي شهرين تي سڌو سنئون ڪو اثر به ڪونه ٿئي ٿو، پر پوءِ به اتان جي حڪومت پنهنجا وسيلا استعمال ڪري ان کي ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. ننڍي هوندي شهزادن، شهزادين ۽ پَرين جون آکاڻيون ڏاڍي دلچسپيءَ سان پڙهندو هوس، پر الف ليلا جي داستانن جهڙي هن ملڪ جي رنگ برنگين قربائتين پَرين ۽ گلاب جي گل جيئان ٽڙيل بلڪه سدا بهار خوشبوئن سان مهڪيل چنچل چڪورين جي قربت ۾ رهندي پنهنجي قسمت ۽ خوشنصيبيءَ تي هر وقت خوشي ٿئي ٿي. پر ساڳي ئي وقت ستايل سنڌ جي ڏتڙيل ماڻهن جي بک، بيروزگاري، بيماري ۽ بي وسيءَ جا حال ٻڌي ۽ ڏسي اکين مان ڳوڙها ڇلڪي پون ٿا ۽ پوءِ مان پنهنجن ئي ٻارن کان اهو احساس لڪائڻ لاءِ ڇت ڏانهن نظرون ورائي ڏسڻ لڳندو آهيان ۽ سوچيندو آهيان ته هنن کي ڪهڙي خبر ته بک، بيروزگاري، بي وسي ۽ زهر جهڙي زندگي ڇا ٿيندي آهي؟ مائٽي انڊس جي حوالي سان سڃاڻپجندڙ سنڌ ۾ اَڄ پاڻي به بوتلن ۾ وڪامي ٿو. اسان جو درياهه ته ڪيوسڪن ۾ قيد ڪيو ويو آهي پر هي جيڪو درياهه اسان جي اندر ۾ وهي ٿو ان کي هي ڪيوسڪن ۾ ڪيئن قيد ڪري سگهندا. حڪمرانن جا نظام بدلائڻ جا واعدا ۽ دلاسا، پوءِ به ملڪ جي حالت ساڳيا لاٽون، ساڳيا چگهه واري. وڏن وڏن انقلابين طرفان پنهنجي خوبصورت ڊرائنگ رومن ۾ ڦاٽل ڪپڙا پهري بيٺل غريب ٻار جي تصوير هڻڻ سان ساڙيندڙ گرميءَ ۾ سرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ ٻارن جي زندگيءَ ۾ ته ڪا به تبديلي نه ٿي اچي. هي طبقاتي ليکڪن جا ليک رڳو غريب جي غربت جي ٿوري عڪاسي ڪن ٿا، پر انهن طبقاتي انقلابين به ذاتي طور تي بک وچان خالي پيٽ ۾ ڪوئا ڊوڙڻ واري اٿل پٿل ته محسوس ڪو نه ڪئي آهي، انهن پاڻ ته هڪ ڏينهن به بک جو مزو ڪونه چکيو آهي. فقيري ۽ تونگريءَ ڏسي ان کي بيان ڪرڻ هڪ ڳالهه آهي، پر انهن ڪيفيتن مان پاڻ گذرڻ بلڪل الڳ ۽ جدا ڳالهه آهي. هتي اسان جي هن ديس ۾ اميرن تي ته روز نوازشون ۽ عنايتون ٿينديون رهن ٿيون، باقي غريبن جا مشاهدا ۽ تجربا ته تصوير جو رخ ئي ڪو ٻيو آهن. انهن حالتن مان هي اسان جا عظيم اڳواڻ ۽ سياستدان ته ڇڏيو، هي مزدور، هاري، طبقاتي، انقلابي ۽ قومي جدوجهدن ۽ جاکوڙن جون دعوائون ڪرڻ وارا به ڪڏهن ڪونه گذريا آهن. اهي سڀ ته بس پنهنجي پنهنجي ڏيڍ سر جي ٺاهيل مسيت ۾ بي وقت جون نمازون پڙهڻ ۾ پورا آهن. هي وفاقي پارٽين جا وڏا وڏا اڳواڻ جڏهن واعدا ڪري پوءِ ڦري وڃن ٿا ۽ ماڻهن کي دوکو ڏين ٿا، پر هي ننڍا ننڍا اسان جا هٿ ٺوڪيل قومي ۽ انقلابي اڳواڻ عرف ڀتاخور ۽ قبضاخور به ته پاٿاريداريون هلائي، ايجنسين ۽ اسٽبلشمينٽن جا چمڙا بڻجي اسان سان گهٽ ڪو نه ڪن ٿا. اهي طبقاتي، انقلابي ۽ قومي آزاديءَ جي جاکوڙ جي آڙ ۾ اسان کي جيڪي ”سليماني ٽوپيون“ پارائين ٿا، انهن جا اهي عمل ته مُلن ۽ پنڊتن کان به وڌيڪ سنگدل ۽ بي رحم آهن. ائين به ڪونهي ته رڳو اهي ئي ڏوهي آهن. هتي ته سڄي جو سڄو معاشرو ئي ظالم، بي حس ۽ سنگدل لڳو پيو آهي. اها ڪئناڊا جي ئي سرزمين آهي، جيڪا اها دعوا ڪرڻ جو حق رکي ٿي ته اها سڄي دنيا مان قانوني طور تي هجرت ڪري آيلن کي نه رڳو امن امان سان رهڻ لاءِ پناهه ڏئي ٿي، بلڪه انهن کي سڀئي انساني حق به ڏيئي ٿي. ڪئناڊا طرفان اهڙي دعوا ڪرڻ صحيح به آهي، ڇالاءِ جو ڪئناڊا ئي اهو ملڪ آهي، جنهن مون جهڙن لکين غريب الوطن انسانن جا ڏک پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙي مون جهڙن کي پنهنجي سڃاڻپ ڏني آهي ۽ اهي سڀئي حق ڏنا آهن، جن کان مان پنهنجي جنم ڀوميءَ ۾ رهندي بلڪل به لاعلم هئس. ڪئناڊا نه رڳو صاف پاڻين ۽ ڍنڍن جي سرزمين آهي، بلڪه منهنجي لاءِ سنڌ وانگر هن ڪائنات جو مرڪز پڻ آهي. ننڍي کنڊ (برصغير)، وچ اوڀر، ڏکڻ آمريڪا، آفريڪا، چين، روس، يورپ ۽ ٻين علائقن جي مختلف ملڪن، قومن، نسلن، عقيدن ۽ رنگن جا ماڻهو اصل ۾ ٻيو ڪجهه به نه بلڪه اصل ۾ ڪئناڊا جي ان جڙائو هار جا مختلف رنگ به رنگي داڻا آهن. توڻي جو هي سڀ انسان اتي ڪئناڊا ۾ پنهنجي پنهنجي مطلب ۽ مقصد خاطر آيا آهن. ڪي روزگار جي ڳولا ۾، ڪي ٻارن جي سٺي تعليم لاءِ، ڪي ان ڪري ته سندن ملڪ ۽ معاشرو کين آزاديءَ سان سوچڻ جي اجازت نٿو ڏئي، ته ڪي وري پنهنجون زندگيون تبديل ڪرڻ جا مقصد کڻي آيا آهن ۽ اها ڪئناڊا جي ئي سرزمين آهي، جيڪا کليل دل سان هر زبان، رنگ، نسل ۽ مذهب جي ماڻهن کي هر روز ”ڀلي ڪري آيا“ چئي ٿي. دنيا جي ڪهڙي به ملڪ ۾ هليا وڃو، اتي ڪسٽم ڪائونٽر تي سڀ کان پهرين توهان کان اهوئي سوال ڪيو ويندو ته ”وين ڊو يو پلان ٽو ليو“ پر ڪئناڊا دنيا جو واحد ملڪ آهي، جتي جڏهن ڪير جائز ۽ قانوني طور اميگريشن وٺي پهچي ٿو ته اتي اميگريشن ڪائونٽر تي بيٺل اميگريشن آفيسر ”ويلڪم ٽو ڪئناڊا يور نِيو هوم“ جي جملي سان آڌرڀاءُ ڪري ٿو يا ڪري ٿي. ڪئناڊا هڪ اهڙو ملڪ آهي، جنهن جا ليڊر ۽ حڪومت واقعي به داد وصول ڪرڻ جا حقدار آهن. ڇالاءِ جو سڄي حياتي اسان رڳو ”پاڪ سرزمين شادآباد“ جا لفظ ٻڌا آهن، پر ملڪ جي اصل ڌڻين ۽ آقائن جي حڪمرانين ۽ ڪارگذارين سبب ”شادآبادي“ ماڻي نه سگهيا آهيون. پر اتي ڪئناڊا جي سچي قيادت پنهنجي سچي رهنمائي سان ڪئناڊا جي ”وفاقي تراني“ تي لفظ به لفظ عمل ڪري، ڪئناڊا کي خوشحال ۽ ترقي ڪيل ملڪن جي صف ۾ بيهاري ڏيکاريو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ هتي هن ملڪ ۾ ڪو پائيدار رياستي نظام ته ٺهيو مرڳو اهو به طئي نه ڪري سگهيا آهن ته نيٺ هن ملڪ جي پاليسي ڪهڙي آهي. آئين جي بالادستي ته رهي پري جي ڳالهه، هتي ته فرد ادارن کان وڌيڪ طاقتور بڻجي، جڏهن ٿي سندن دل چوي تڏهن مارشلا هڻي آئين جي پنهنجي تشريح ڪندي قانونن ۽ ضابطن کي ميڻ جي نڪ وانگر پاڻ ڏانهن موڙي وٺن ٿا، جتي وفاق ۾ شامل پرڳڻن ۽ قومن کي انهن جا حق ملڻ ته پري جي ڳالهه هيڏي جاکوڙ کان پوءِ آئين ۾ ارڙهين ترميم کان پوءِ صوبائي حق ملڻ جي بدران روز نوان نوان عجيب ۽ غريب تماشا ڏسڻ لاءِ ملن ٿا. هن اسلامي جمهوري ملڪ جي ان کان وڌيڪ ٻي بدقسمتي ڪهڙي ٿيندي جو هتي نه ته اسلامي اصول آهن ۽ نه ئي پائيدار جمهوريت. گذريل اڌ صديءَ کان آمرن اسلام جي نالي ۽ آڙ ۾ هن ملڪ جو اهڙو ته حشر ڪيو آهي، جو ان جو مثال شايد ئي تاريخ ۾ ملي سگهي. اوڻيهه سئو ستهتر ۾ جنرل ضياء الحق اقتدار تي غاصباڻو قبضو ڪيو ته مذهبي پارٽين ان آمر کي ”اسلام جو محافظ“ قرار ڏيڻ ۾ دير ئي نه ڪئي هئي. ان زماني ۾ جڏهن ورڪرن تي ڏاڍ ۽ ڏمر جا ڦٽڪا پئي وسيا ۽ سياسي ورڪرن کي ڦاسين تي لٽڪايو پئي ويو، تڏهن جماعت اسلامي وارا ”مرد مومن مرد حق“ ۽ ”اسلامي انقلاب زندهه باد“ جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي جنرل ضياءَ جي حمايت ڪري رهيا هئا. جنرل ضياءَ جڏهن شاگردن، صحافين، سياستدانن، وڪيلن ۽ ٻين غريب هارين ۽ مزدورن تي ڦٽڪا هڻڻ جهڙين غير انساني سزائن کي ”اسلامي سزائن جو عنوان“ ڏيئي پنهنجي آمريت هلائڻ شروع ڪئي ته انهن مذهبي پارٽين وارن ضياءَ الحق جي ان ”رومن ٿيئٽر“ کي اسلامي سمجهي ڀنگڙا هڻندا هئا. شايد مذهبي پارٽين جي شريعت ئي اها هئي ۽ آهي ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ جو طريقو به اهوئي آهي ته عام ماڻهن ۽ معصوم ٻارن کي خودڪش حملن سان ساڙي رک ڪندا رهو، موقعو ملي ته نياڻين کي سنگسار ڪيو، عوام جا پٺا ڦٽڪن سان ڪُٽي انهن جي چمڙي به اُڊيڙي ڇڏيو ۽ انهن جا هٿ ۽ پير به ڪَٽي ڇڏيو بجاءِ ان جي جو انهن جا مسئلا ٻڌو ۽ حل ڪريو، کين پنهنجا مسئلا بيان ڪرڻ تي کين ڪافر قرار ڏيئي انهن کي ذبح ڪيو. جنرل ضياءَ ويندي ويندي به هن بدنصيب ملڪ کي هڪ اهڙي ته کاهيءَ ۾ اڇلائي ويو جو اڄ ڏينهن تائين اهو ان مان ٻاهر نڪري نه سگهيو آهي. 16 ڊسمبر 1971ع پڻ هڪ اهڙو ڏينهن هو، جڏهن هي ملڪ ٽٽو هو. منهنجي سس ريٽائرڊ پروفيسر نسيم بروهي، جيڪا نضرت ڪاليج حيدرآباد جي پرنسپال رهي چڪي آهي، تنهن هڪ دفعو ٻڌايو هو ته اها اوڀر پاڪستان (بنگلاديش) جي الڳ ٿيڻ کان هڪ مهينو پهرين ڍاڪا مان ٿي آئي هئي ۽ اچڻ شرط پنهنجي مڙس حليم بروهيءَ کي ٻڌايو هو ته مان ڍاڪا ۾ جيڪي حالتون ڏسي آئي آهيان، ان مان لڳي ٿو ته هاڻي هن ملڪ کي ٽٽڻ ۾ دير نه لڳندي ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو. سوال اهو آهي ته منهنجي سس جنهن جو سياست سان پري جو به واسطو نه آهي، سا به زميني حالتون ڏسي اها ڳالهه سمجهي پئي سگهي ته حالتون ڪهڙي رخ ۾ وڃن پيون. حمود رحمان ڪميشن جي رپورٽ آئي ته ان کي ڪنهن راز وانگر دٻائي ڇڏيو ويو. يعني ملڪ ٽوڙڻ وارا ڪردار ڄڻڪ ڪا مقدس ڳئون آهن، جيڪي رڳو کائڻ لاءِ آهن، ڇو جو ملڪ کي هاڃو رسائيندڙ نه ته گرفتار ٿيا ۽ نه ئي سندن مٿان ڪي مقدما هليا، مٿان ظلم وري اهو ڪيو ويو جو يحيى خان جي جنازي کي ايڪيهن توبن جي سلاميءَ سميت اعزاز سان دفنايو ويو، پر ان جي برعڪس جي ايم سيد جهڙي صوفي منش انسان کي جنهن محمد علي جناح سان گڏجي پاڪستان جي قيام لاءِ جاکوڙ ڪئي هئي، ان کي مرڻ گهڙيءَ تائين قيد ۽ نظربند رکيو ويو. شايد يحى خان کي ملڪ ٽوڙڻ جي باوجود به ايڏي شان ۽ شوڪت سان دفنايو به ان ڪري ئي ويو هو ته جيئن اهو مثال قائم ڪيو وڃي ته ڪو جرنيل ڀلي ڪيڏو به وڏو ڏوهه ڪري، ان ۾ ڪوبه هٿ نٿو وجهي سگهي. اصل ۾ انسان کي ان سطح تي پهچائڻ ۾ ٻه شيون وڏو ڪردار ادا ڪنديون آهن. هڪ لالچ ۽ ٻيو خوف. لالچ ان ڪري ڪبي آهي ته زندگي آرام ۽ آسائش سان گذاري سگهجي ۽ خوف ناجائز طريقي سان حاصل ڪيل آسائشن جي هليو وڃڻ جو هوندو آهي، تنهن ڪري انهن کي بچائڻ لاءِ انسان ان سطح تي به لهي ايندو آهي. جنرل روئيداد خان اوڀر پاڪستان جو قصو بيان ڪندي لکيو آهي ته اوڀر پاڪستان ۾ ڍول سپاهين طرفان هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي خبر جڏهن يحى خان کي ٻڌائي ويئي هئي، تڏهن به اهو دوشيزائن جي هنج ۾ شراب پيئڻ ۾ مصروف هو. تڏهن مجبورن ڪجهه اعلى بيوروڪريٽن کيس اهو چيو هو ته: ”سر، اوهان اڃا به شراب پي رهيا آهيو؟!“ ڊڪٽيٽر مشرف، جنهن آئين ٽوڙي، چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ان کي به سلاميون ڏئي روانو ڪيو ويو. هاڻ هن ملڪ کي نقصان پهچائيندڙ ڪردارن کي باوقار رستا ڏيڻ جي روايت بند ٿيڻ گهرجي، نه ته ٻي صورت ۾ جمهوريت تي راتاهو هڻندڙن جو سلسلو هلندو ئي رهندو. مسئلا روز به روز وڌي رهيا آهن. انهن مسئلن جي حل لاءِ عوام پنهنجي ووٽ جي طاقت استعمال ڪري چڪو آهي ۽ اهو هاڻي پنهنجي ووٽن جا نتيجا ڏسڻ چاهي ٿو. تنهنڪري اڳواڻن کي گهرجي ته تدبر سان، پر ان سان گڏوگڏ اعتماد ۽ حوصلي سان جلد کان جلد اهم معاملن ۾ پنهنجا فيصلا ڪندي انهن چيپٽرن کي وائنڊ اَپ ڪن، جن ڪوڙ جي چلهه ۾ خيالي پلاءَ پچائيندي پچائيندي ملڪ کي اڄ هن ٻه واٽي تي اچي بيهاريو آهي ۽ هن ملڪ کي سڄي دنيا ۾ مشڪري ٺاهي ڇڏيو آهي. سوال زخمي نانگ بڻجي پيڇو ڪري رهيا آهن. ”وه دن هوا هوئي جب خليل خان فاخته اُڙايا ڪرتي ٿي“ ڇو جو ارڙنهن ڪروڙ غلامن کي ڇڏي باقي دنيا ”هنن“ جي قائم ڪيل سرداري نظام جي موچڙي ۾ نٿي اچي. ”هنن“ جي لاڳيتي هلڪڙائپ سبب هنن جو ائٽمي طلسم به دنيا آڏو ٽٽي چڪو آهي. اڃان به وقت آهي ته پنهنجيون پاليسيون تبديل ڪري عزت سان دنيا جي دستور موجب ٻين سان ”ڪو ايگزسٽنس“ تحت هلڻ شروع ڪن. جيڪڏهن هنن اڃا به پنهنجي خطرناڪ راند جاري رکي ته پوءِ چوهٺ سالن کان ڪوڙيون قواليون ٻڌندڙ هن ملڪ جا ارڙنهن ڪروڙ غلام ”هنن“ جي ائٽم بمن ۽ ميزائلن جي ٿڪل بتن کي پنهنجي اکين آڏو ڊهندي ڏسندا. ٻين کي ٺيڪ ڪرڻ بدران بهتر ته اهو ٿيندو ته پنهنجو پاڻ کي ٺيڪ ڪجي ۽ اجايو ڪنهن جي هنئيءَ ۽ کنئيءَ ۾ نه پئجي ته جيئن ڀرم قائم رهي. جيڪڏهن هي پاڻ کي ايڏو پارسا سمجهن ٿا جو هي جڏهن دامن نچوڙين ٿا ته فرشتا ان مان وضو ڪن ٿا ته ڀلي شوق پورو ڪري ڏسن، ڪنهن روڪيو اَٿن.[/JUSTIFY] روزانه عبرت تان ورتل
جواب: ڪئناڊا ۽ پيار جو بارٽر سسٽم جيئن ته نيٽ تي ويهندي ڪافي سرگرميون چيڪ ڪرڻيون پونديون آهن ان ڪري هميشه وانگر سنڌ سلامت تي ايندڙ ڊگها موضوع ”سرسري نظر“ تي چڙهي ويندا آهن۔۔۔ عنوان جي حساب سان هن موضوع پاڻ ڏانهن ڇڪيو ۔۔۔ مٿان ڪينڊا جي هوش ربا داستانون چٽيل لفظن تي سرسري نظر وڌم ته خيال آيا ته هن موضوع کي چونڊڻ جو اصل مقصد ادا سليمان طرفان ڇا ٿي سگهي ٿو۔۔۔ پر تڪڙو ئي خبر پئجي وئي جڏهن ڪئنڊا جا خوبصورت خيالي منظر ختم ٿيا ۽ پنهنجي ملڪن ۾ ٻريل چنگارين ۽ باهه وارن شعلن جو تصور جڳايو ويو۔۔۔۔ ادا سليمان ڪهڙي ڳالهه ٿا ڪريو ۔۔۔ ڪاٿي ڪينڊا ته ڪاٿي پنهنجو ملڪ اهو تقابلي جائزو ٺاهڻ سڌو سئون ناجائزي آهي ۔۔ پر لڳي ٿو توهان کي به پنهنجي ملڪ جي مقابل تي رکڻ لاءِ ڪو اهڙو ملڪ ٻيو نظر ئي نه آيو هوندو ۔۔۔۔ مون کي ته اڃان تائين محترم الطاف شيخ جي تقرير جا اهي لفظ ۽ تاثر ئي نه ٿا وسرن جنهن ۾ هنن چيو هو ته ”1971 ۾ جڏهن منهنجي گهرواري جيڪا دادو جي آهي ۔۔ مليشيا بابت ٻڌايو هو ته هي ڪهڙو ملڪ آهي جتي نه اسڪول، نه اسپتالون، نه روڊ نه ڪاليج ۽ نه ئي وري صاف پاڻي پيئڻ لاءِ ميسر ۔۔۔ پر وقت ثابت ڪيو ته اهڙو ملڪ ڪيترو تڪڙو ترقي ڪري ٿو۔۔۔“ سو ادا اسان به دعا ٿا گهرون ته ڪو مهاتير محمد پاڪستاني پڻ ظاهر ٿئي ۽ اها به دعا آهي ته هتان جون جابر ڌريون کيس وقت کان اڳ ”شهيد“ به نه ڪري سگهن۔۔۔ مهرباني