• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنــجــي پيــار جـو حــقدار تـون هجــين

مزمل چانڊيو

سينيئر رڪن
منهنــجــي پيــار جـو حــقدار تـون هجــين
شل دلــي محبت جــو طلبگار تـون هجيــن

ڏسان توکي ويهي ڪنهن رانديڪي جئيان
ويٺـــو نيڻن ۾ هــر پـل گرفتار تــون هجــين

تنهنجو معـصوم چـــهرو آ دل کــي وڻيو بس
منهنجي ٻانهن جـو ڳچي هار تـون هجــين

زمانـي سان وڃين ڇـــا ڀلا منهنجو هــاڻي
بس منهنجي اچــڻ جـــو انتظار تون هجين

تنهنجي دل ۾ پنهنجو سمـــايان پيار اهــڙو
جو مونکي ڏســڻ لاءِ بيقرار تـــون هجـــين

مزمل چانڊيو
 
جواب: منهنــجــي پيــار جـو حــقدار تـون هجــين

واھ سائين واھ مزمل تمام بهترين

ٻئي ڏي نظرون کڻي ڇو ڏسان
منهنجو نيڻن نهار تون هُجين
 
جواب: منهنــجــي پيــار جـو حــقدار تـون هجــين

تمام بهترين ادا مزمل لا جواب ادا مولا خوش رکي اوهان کي
 
Back
Top