تنهنجي مون تي

جاويد نواز

سينيئر رڪن

غزل

تنهنجي مون تي مهرباني ٿي پوي
قسم سان خوش زندگاني ٿي پوي

جي سڏي ڀر ۾ ويهارين ڇا کپي
گر جي اهڙي نگهباني ٿي پوي

چار چاهت جا اکر تحفي ۾ ڏئين
عمر لئي مون وٽ نشاني ٿي پوي

گڏجي ويهي هڪ گرھ جي تون کڻين
پو سجائي منهنجي ماني ٿي پوي

ايڏو محبت ۾ نه وٺ تون امتحان
ڪٿ نه دل کي بدگُماني ٿي پوي

جي مکين محبت جي تون خوشبو پرين
پو ته خوش منهنجي جواني ٿي پوي

جاويد نواز

دعائن ۾ ياد
 
Back
Top