ڍڪــيــن مــيــڏا ڍولـــڻـــا۔۔۔۔۔۔ســيـال حــيــات

'ڪهاڻيون' فورم ۾ Asad Ali Siyal طرفان آندل موضوعَ ‏16 مئي 2011۔

  1. Asad Ali Siyal

    Asad Ali Siyal
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 مارچ 2011
    تحريرون:
    42
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    حيدرآباد، سنڌ
    ڍڪــيــن مــيــڏا ڍولـــڻـــا

    ڪهاڻيڪار ؛ ســيـال حــيــات

    شام جو سورج آسمان جي آڳنڌ تي گيڙو رنگ هاري سنسار جي اکين کان اوجهل ٿيڻ لاءِ شفق جي لالاڻ سان لڪ لڪوٽي ڪري رهيو هيو. روشني پنهنجي بقا جي جنگ ۾ آخري مورچي تان تير تاڻيو بيٺي هئي ۽ چئوطرف کان رات جي انڌيرن جي ڪاري چادر جا اونداها پاڇا وڌي رهيا هئا. نما شام جا ڌنڌلا منظر ماحول تي پنهنجي موهه جا منڊ پڙهي رهيا هئا . پرشور شهرن ڏانهن خاموشين جا قدم وڌي رهيا هئا ۽ سناٽا صدائون بلند ڪري رهيا هئا.
    ان پل سنڌ جي عظيم صوفي لاڪوفي ۽ درازن جي دولهه حضرت سچل سرمست جي درگاهه جون بتيون ٻرڻ شروع ٿيون. آهستي آهستي سڄو ماحول جهرمر تارا چنڊستارا ٿيندو ويو. ڪيئي سڪون جا متلاشي روحانيت جي رنگ ۾ رنگجي درگاهه جي اڱڻ تي ڦري رهيا هئا ۽ ڪيئي آسوند پنهنجي اميدن جا جهول ڦهلائي هيڻا هيڻا هٿ کڻي درگاهه اندر دعائن جا در کڙڪائي رهيا هئا. هيڏي هلچل ۽ ميڙ کان بي نياز منصور صاحب وڏي ڪاري شال ويڙهيو هڪ ڪنڊ ۾ ڪنهن نينهن جي نشي ۾ گم سم لڳو ويٺو هو . ڳنڀيرتا سندس چهري مٿان ڄڻ ته ڳوٺ ٻڌي ڇڏيا هئا ۽ اکين ۾ خوابن ۽ خمارن جا کيپ چڙهي ويا هوس. سندس پورو ڌيان درگاهه اندران ايندڙ ان آواز ڏانهن هيو جتي ڪو سائل سريلي آواز ۾ سچل سرمست جي جڳ مشهور ڪافي ننگڙا نماڻي دا جيوين تيوين پالڻا گنگنائي رهيو هيو ۽ منصور صاحب جي من جون تارون ان آواز جي مڌرتا تي موسيقي آُڻي رهيون هيون ۽ اکيون ٽڪ ٻڌي اتان نظر نه ايندڙ چهري جا تصوراتي خاڪا جوڙي رهيون هيون. فنا جي پيچرن جو راهي ۽ من ماري ڪر مڃ ۽ هستي هوڏ حرام جي فلسفي جو پابند هي منصور اهوئي منصور هيو جيڪو ڪجهه سال اڳ جڏهن انگلينڊ مان پنهنجي تعليم پوري ڪري موٽيو هو ته سندس اباڻي ڳوٺ ۾ سندس وڏو استقبال ٿيو هو. تڏهن هو پاڻ سان گڏ نوان فڪر ، نوان خيال وڏا دليل علمي بحث مباحثا ، تصوراتي پروگرام ۽ انيڪ ترقي پسند سوچون کڻي آيو هيو. سندس هاري ناري ته ڄڻ سندس مريد ٿي پيا ڇوته هن ايندي شرط پنهنجي وڏڙن وارا روايتي وڏيراڻا پروٽوڪول ختم ڪري ڇڏيا هئا . کيس چڱي طرح ياد هيو ته سندس وڏڙا جڏهن گاڏي ۾ ڪنهن رستي سان گذرندا هئا ته رستي ويندڙ هاري ناري يا ته رستو ئي ڇڏي ويندا هيا يا ٻي طرف منهن ڪري اکيون جهڪائي بيهي رهنا هيا . هاڻي هو پاڻ زميننن تي وڃي هارين سان گڏ ويهندو هيو ۽ هيٺ ويهڻ مهل هاري ويچارا پنهجو ٽوال وڇائيندا هئا ته به ڇنڊي سندن ڪلهي تي رکندو هو ۽ پاڻ مٽيءَ تي ئي ويهي رهندو هو ۽ هر ڳالهه کي هڪ ئي دليل ۾ کٽائي ڇڏيندو هيو ته بابا توهان هميشه بنا پوتڙي وڇائڻ جي زمين تي ويهو ٿا ته مونکي به قسمت سان ته ايئن ڪرڻ ڏيونه ته منهجو ضمير به متمئن ٿيندو ته مان پنهنجي هارين کي ٻچو سمجهي انهن سان گڏ انهن وانگر ويٺس .
    سندس ان طبيعت کي ڏسي ئي سندس وڏڙن جو رکيل نوڪر چاچو خيسو سندس وڌيڪ ويجهو ٿي ويو هو ۽ هڪ ڏينهن جڏهن رئيس منصور کي بنگلي ۾ اڪيلي اخبار پڙهندي ڏٺو هئائين ته بنا گهرڻ جي به پاڻيءَ جو گلاس ڀري ڪمري ۾ اندر هليو ويو هيو ۽ گلاس اڳيان جهليائين ته رئيس به بنا سوچڻ جي گلاس منهن تي چاڙهيو ۽ ٽن ساهين کانپوءِ کيس موٽائي ڏنائين ۽ وري اخبار ۾ مصروف ٿي ويو. خميسي پاڻي جو گلاس هڪ طرف رکيو ۽ هيڏي هوڏي ڏٺائين ته باقي سڀ نوڪر پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ مصروف هيا هو ٻه قدم پوئتي هٽي وڃي سندس پيرن جي ڀر سان ويٺو ۽ هڪ جنگهه کي زور ڏيڻ لڳو. رئيس منصور کان ڇرڪ نڪري ويو هيو ۽ کيس ڪلهي کان وٺي روڪيو هئائين ته بابا تون مونکان عمر ۾ چار ڏينهن وڏو آهين ٻيو ته منهنجي مرحوم بابا جو رکيل آهين تون هيٺ ڪيئن ويهندين ۽ زور ڪيئن ڏيندين ؟ اٿي اٿي مٿي ٿي ويهه. سائين توهان اسان جا سائين آهيو ، ڇپر ڇانُ آهيو ، جي ٻه مروٽڙا ڏنم ته ڪو گناهه ڪونه ٿيو. خميسي ڏاڍي سمجهائڻ واري انداز ۾ چيو . چاچا ايئن اسان گنهگار ٿينداسين ۽ ٻيو ته توهان ملازم آهيو ۽ مان مالڪ اهو مقدر جو ڪم آهي باقي الله سائين عزت سڀني جي هڪجهڙي ڪئي آ. اهي عارضي ننڍ وڏايون اسان جي ڪردار ۽ شعور جي پرک آهن. رئيس تمام گهڻو شفقت مان چيوهوس پر پوءِ به خميسي ڏاڍو ڊڄي ڊڄي عرض ڪيو هوس ته رئيس مان غريب آهيان ، منهنجي نياڻي مس مس ڏهين تائين پڙهي آهي، اڳتي پڙهائڻ جي وسعت ناهي ۽ رئيس هاڻي ته گهر جو خرچ به ڪونه ٿو پورو ٿئي ، مان ضعيف ماڻهو هي هٿ ٻڌي هڪ عرض ٿو ڪريان ته منهنجي نياڻيءَ کي جيڪڏهن پنهنجي حويلي ۾ ٻانهي ڪري رکندئو ته وڏا احسان ٿيندا. ان سان ٻيو نه ته به پنهنجو پيٽ ته سٺو پاليندي ۽ لٿو کٿو ڪپڙو لٽو ڏيندئو س ته به انگ ته ڍڪيل هوند س ... ايئن چوندي خميسي جي ٻنهي اکين مان هڪ سمنڊ اٿلي پيو هو . پوءِ رئيس دلجاءِ ڏئي ماٺ ڪرايو هوس ۽ ڏاڍي ٿڌي انداز سان سمجهايو هئاينس ته چاچا حويلين ۾ ٻانهي ڪري پراين نياڻين کي ويهارڻ وارو وڏيرو مان ناهيان ۽ اهو وڏو گناهه آهي ، توهانجي نياڻي اڳتي پڙهندي ۽ ڪا سٺي نوڪري وٺي پنهنجي ادب احترام واري زندگي گذاريندي . اڄ کان هن جو خرچ توکي ملندو رهندو. پوءِ وينگس پنهنجي هڪ جيڏين سان ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ پڙهڻ شروع ٿي هئي. خميسي کي باقي گهر جو خرچ به رئيس کان اڻ گهريو ملي ويندو هو ۽ هڪ دفعي جڏهن خميسو بيمار ٿي ويو هو ته رئيس طبيعت پڇڻ ۽ دوا دارون جا پئسه ڏيڻ لاءِ گهر ويو هوس. سندس ڪچڙي گهر جي ڇڳل کٽ تي ويٺي کيس ڪا به مشڪل ڪونه ٿي هئي ، پر جڏهن رئيس لاءِ چانهه کڻي ايندڙ وينگس ڇن جي در وٽان ماءُ راڻي کي هلڪو سڏ ڪيو ۽ ڪنڌ سان ڇاند ڏني ته رئيس جو ڌيان به اوڏانهن ويو پر ڌيان اوڏانهن ڇا ويو هوش الائي ڪاڏي اڏا مي ويوهو. پيلي وڳي ۾ ڀرت ڀريل رئي ۾ ويڙهيل وينگس ڪا آسماني اُپسرا لڳي رهي هئي. رئي جي هوندي ڪنڌ ۽ ڪلهن تي رکيل ڪارا گهاٽا وار ، وڏيون ويڪريون ۽ ڪاريون اکيون ڄڻ ته هن مٿان ڪو جادو ٿي ويو هو. گول ڪتابي چهري ۾ هن کي سڄي ڪائنات جو حسن جهلڪندي محسوس ٿيوهو ، هو جيڪو گورن جو ديس به گهمي آيو هيو ۽ ڪراچي جي ساحل سمنڊ تي ڊوڙون پائيندڙ حسين جوانين جي سونهن کي به ڪيئي ڀيرا ڏسي چڪو هيو تنهن تي اڄ ٺيٺ ٻهراڙي جي هڪ شرميلي ۽ سادگي جي ويس ۾ ڍڪيل سونهن الائي ڪهڙا انتر منتر جادو جنتر ڪري ڇڏيا هئا. هو اڃا خمارن جي ڏيهه مان نڪتو ئي نه هيو ته خميسي جي زال راڻيءَ جو آواز ڪن تي پيو هوس. هلي آءُ ڌيءُ هلي آءُ ، هي ته پنهنجو سائين آهي ، هن کان ڪهڙو پردو ۽ پوءِ رئي سان ڍڪيل هٿ جڏهن هن ڏانهن چانهه وڌائي هئي ته رئي جي اندران به هٿ تري ءَ جي سڀني لڪيرن تي ڄڻ هن پنهنجو ناڻءُ پڙهي ورتو هيو. ۽ گمنامي جي الائي ڪهڙي غفا ۾ سمورا حواس گم ٿي ويا هئا جو نه هن جي سلام جو اواز ٻڌو هئاين نه چانهه وٺڻ جي صلاح ۽ خبر تڏهن پئي هوس جڏهن بي علمي جي عالم ۾ چانهه جو گرم ڪوپ هٿ سان ٽڪرايو هو ۽ هن جي واپس ٿيڻ تي جهڙوڪر اڌ ڪوپ هارجندي هارجندي بچي ويو هو جنهن تي خميسي وينگس کي ڇنڊ پٽي هئي ته چانهه ڏيڻ ۾ ايتري تڪڙ ڪبي آ ڇا . خميسي وينگس کي ته تڪڙ کان روڪيو پر رئيس جي تن بدن ۾ جيڪا باهه ٻري هئي ان بي صبري جي انتها ڪري ڇڏي هئي ۽ بي ڏينهن تي ئي گاڏي موڪلي خميسي کي دوا جي بهاني پاڻ وٽ گهرايو هئائين ۽ ڊاڪٽر کان علاج ڪرائي پنهنجي بنگلي جي ساڳي ڪمري ۾ ويهاري هٿ ٻڌي چيو هئائينس ته تو ڪجهه عرصو اڳ جنهن وينگس کي منهنجي حويلي جي ٻانهي بنائن ٿي گهريو اڄ مان ان کي راڻي بنائڻ ٿو گهران ۽ پوءِ ايئن ئي ٿيو جيئن چوندا آهن ته انڌو گهري هڪ اک پر جي ٻئي ملنس ته ٻيو ڇا کپي. پوءِ رشتي جي ها ٿي ۽ وينگس ڪاليج پورو ڪري يونيورسٽي داخل ٿي . هاڻي رئيس پاڻ انکي گاڏيءَ تي يونيورسٽي کڻي ويندو هيو ۽ سچل جي درگاهه ، ڪوٽڏجي جو قلعو ، لبِ مهراڻ ، معصوم شاهه جو منارو ۽ اڃا به اڳتي موهن جو دڙو ، ڪڏهن ڪينجهر ڪڏهن ڪراچي ۽ ڪڏهن ڀٽ شاهه سڀ جو سڀ سنڌ جا ماڳ نظرن جي ڪينواس تان گذريا ۽ بحٿن مباحٿن جو هڪ ان کت سلسلو هلندو رهيو ، خميسي ۽ راڻي 4 جي بار بار چون جي باوجود رئيس منصور شادي ڪرڻ کان انڪار ڪندو رهيو ته جيستائين وينگس پنهنجي اعليٰ تعليم مڪمل نه ڪندي تيستائين شادي نه ڪبي ، وقت وڏو بيرحم ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ وينگس ۽ منصور جي وچ۾ سواءِ عمرين جي فرق جي ٻي ڪا به اختلافي ڳالهه نه هئي پر پوءِ به سندس هم ڪلاسيءَ شيراز جا دليل الائي ڪيئن وينگس جي من پاتال ۾ پيهي ويا ۽ ڪا خبر نه پئي جو منصور سان زمين آسمان جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪند جو سفر طئي ڪرڻ جا واعدن ۾ اُڻيل وينگس شيراز جي رازدان بنجي وئي ۽ ڪافي عرصي بعد جڏهن هڪ ڀيري سندس ماءُ راڻي کي شڪ پيو ته هن ڌيءَ کي منهن وارا ڌڪ هنيا ۽ خميسي کي باهه ٻاري ڏني ته اڄ جو اڄ رئيس کي چئو ته چپ چاپ ۾ نڪاح ڪري نه ته بدنامي جي اهڙي ڪاراڻ منهن تي ملجي ويندي جو لاهڻ ناممڪن ٿي پوندي. ۽ پوءِ سندس گهر کان نڪرڻ بند ٿي ويو ۽ چپ چاپ تٿ ٻڌجي وئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي کيس ونواهه ۾ ويهاريو ويو. ٻي طرف شيراز کي جيئن ئي اها خبر پئي ته هن فون نمبر ئي متائي ڇڏيو ۽ وينگس جي بار بار تراءِ ڪرن جي ڪو رابطو نه ٿيو آخر هڪ رات ڪاراڻ جي چادر ڍڪي هو ما۽ پيءُ جي ڀرم جي چادر چيهاڙيون ڪري گهران نڪتي ۽ شيراز وٽ پهتي صبح جو لوڪ تلوار کان تيز طعنا هيا ۽ خميسي جو جهڪيل ڪنڌ ڳوٺ وارن ماين جون تيرن کان تکيون ڳالهيون هيون ۽ راڻي ءَ جا رت روئندڙ نيڻ ... رئيس کي جيئن ئي خبر پئي ته هن جي چپن تي ماٺ جي اهڙي مهر لڳي وئي جو سڀئي لفظ گونگا بنجي ويا. نوڪرن چاڪرن ۽ خوشاندڙين وڏي حيلا هلايا ته رڳو حڪم ڪريو ته توهان جي دشمنن جي سرن سان ڪوٽ تي ڪنگرا ٺاهيون پر هن هڪ هٿ جي اشاري سان سڀني کي روڪي ڇڏيو ته نه ان بابت ڪجهه ڪيو نه ڳالهايو ۽ نه سوچيو ..... بس پوءِ ڪلين شيو رهندڙ منصور کان شيو ڪرڻ وسري وئي، پنهنجي وجود کي ڪاري شال ۾ ويڙهي هو اڪثر سچل جي درگاهه تي اچي ڪي گهڙيون صوفي راڳ ٻڌندو هيو ۽ فقيرن کي نذرانو ڏئي هليو ويندو هيو ، هوڏانهن شيراز وٽ وينگس پهچي ته وئي پر دلين جي ديس جا راهي همسفري جي هام هڻندڙ نيڻ الائي ڪهڙي موسم ۾ مٽجي چڪا هئا. اهو شيراز جنهن هڪ دفعو شراب جي پيگ ۾ اکيون کپائي وينگس جي ڪنڌ کان ٻانهن ڦيرائي کيس رڳو جام چپن تي رکي هلال ڪري ڏيڻ لاءِ ايلاز ڪيا هئا ۽ پوءِ پوري جنت جا خواب لفظن جي مالها ۾ پوئي کيس پيش ڪيا هئا ۽ کيس گڏ جيئڻ گڏ مرڻ جا واعدا ڪيا هئا ۽ انهن سپنن جي سرور ۾ اڻي سندس انگ انگ جي تارن کي ڇيڙيو هيو ۽ هوءُ سڄي حياءُ جي پردي کان ٻاهر اچي سندس ٻانهن ۾ ٻکجي وئي هئي سو شيراز اڄ کيس وڙهن جهڙي انداز ۾ دليلن مٿان دليل ڏئي رهيو هيو ته پيار ۽ شادي ٻه الڳ الڳ شيون آهن ، مون توکي چاهيو آهي ۽ چاهيان ٿو پر تو سان شادي جو ڪڏهن سوچيو به ناهي ۽ تو ونواهه مان اٿي مون وٽ اچي وڏي غلطي ڪئي آهي هينئر جو هينئر واپس هلي وڃ ، جيڪڏهن تون چوين ٿي ته مون تنهنجي عزت ۽ عصمت سان راند ڪئي آهي ته عزت جهڙي تنهنجي لٿي تهڙي منهنجي ڇو ته عزت رڳو عورت جي نه پر مرد جي به هوندي آهي ۽ پيار جي رستي جو نه پرو پاند هوندو آهي نه ڪو انت. شيراز جي گهر ڪيترن ئي ڏينهن کان لوڪ کان لڪي وينگس پنهنجي ضد ۽ انا تي رهي کيس سمجهايو ۽ پنهنجي همراز يونيورسٽي جي سهيلين کي گهرايو ۽ شيراز جي ويجهن مٽن مائٽن سان ضد ڪيو ته مون هن جي ڪري پنهنجو سڀ ڪجهه داءُ تي لڳايو اهي پر وريو ڪجهه به ڪونه ۽ ڪافي بحث کانپوءِ هر ڪنهن کيس اهو ئي چيو ته جيڪڏهن شيراز توسان شادي ڪرن ئي نٿو چاهي ته پوءِ توکي واپس وڃڻ ئي کپي ... واپسي جا ڪيئي طريقا ٻڌايا ويا پر وينگس ڪنهن جي به نه ٻڌي آخر نا اميديءَ جڏهن انتها تي پهتي ته هن اوچتو شيراز جي گهران قدم ٻاهر ڪڍيا ۽ موت ، زلت ۽ بدنامي جي چادر ۾ ويڙهجي ذهني ۽ ضمير سان ڪو فيصلو ڪري اڪيلي سر لڪي لڪي ٻاهر هلي آئي ۽ ڪنهن گاڏي تي چڙهي پنهنجي گهر پهچي وئي جتي خميسو تيز بخار ۾ ويڙهيو رلي وجهيو هڪ کٽ تي پيو هو ته راڻي به پنهنجي قسمت جي فيصلي کي سيني سان لڳقائي گهر کي ٻهاري ڏئي رهي هئي جنهن سان هر دند ڪچرو ته ميڙجي پئي ويو پر هڪ بدناميءَ جو گند هو جو جيئن پوءِ تيئن نکري رهيو هيو . اوچتو سندس نظر وينگس تي پئي ته سندس پيرن هيٺان ڌرتي نڪري وئي ڪاوڙ ڪروڌ ۽ ڏک مان بي اختيار لفظن خميسي کي به ڇرڪائي وڌو ۽ هو جيئن ئي سٽ ڏئي اٿيو ته سندس نظر وينگس تي پئي ڪاور مان الائي ڪهڙيون ڪهڙيون گاريون ڪڍندو هو جيئن ئي اٿيو ته ڊورندي وڃي ڪهاڙي ۾ هٿ وڌائين . سندس اکين مان نڪرندڙ نفرت ۽ آواز مان اڀرندڙ غصي کي سمجهڻ ۾ وينگس کي گهڻو وقت نه لڳو ۽ هن کي موت سندس آڏو جهمريو هڻندي محسوس ٿيو ۽ هو انهن ئي پيرن تي پوئتي مڙي گوڙ ۽ سور ۾ ويڙهيل رڙين ۾ ڪا خبر نه پئي پئي ته خميسي ڇا پئي چيو ۽ راڻيءَ ڇا پئي چيو.... بس هن کي في الحال پاڻ بچائڻو هيو ۽ ڊوڙندي ڊورندي هن ڄڻ ته فيصلو ڪري ورتو ته مري هوئن ويندس پر مان رئيس وٽ ضرور پهچنديس ڇو ته مون هن سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي ان جي هٿان ئي موت ملي ته من کي قرار اچي. خميسو توڻي جو پيرسن هيو بخار ۾ ورتل هيو ۽ هوءَ نوجوان هئي پر پوءَ به هڪ هنڌ هو کيس بلڪل قريب اچي ويو ۽ سندس الاريل ڪهاڙي جو پاڇو ڄڻ ته هو پنهنجي سر مٿان محسوس ڪري رهي هئي. هن جان بچائڻ لا۽ رستو مٽيو ۽ سامهون سچل جي درگاهه هئي پاڻ بچائڻ لاءِ هو اڃا به تيز ڊوڙي درگاهه جي صحن م ڦرندڙ ماڻهن مان ڪراس ڪندي اڳتي وڌن لڳي ماڻهو سڀ حراس ۽ حيراني ۾ اچي ويا . ۽ پو۽ هڪ ڪنڊ تي ويٺل ڪاري شال ۾ ويڙهيل منصور بي ڌياني ۾ اٿيو ۽ ڀڙڪو ڏئي اڳتي ڊوريو کيس اها خبر نه هئي ته هي ساڳي وينگس آهي جيڪا سندس خوشين کي قتل ڪري چڪي آهي پر هوءَ هڪ عورت کي مرد جي ڪهاڙي کان بچائڻ لاءِ اڳتي وڌيو ۽ خميسي ۽ وينگس جي وچ۾ ديوار بنجي بيهي رهيو ۽ سندس هڪ هٿ ڪهاڙيءَ ۾ پئجي ويو . خميسي به بي ڌياني مان ۽ ڪاوڙ مان ڪهاڙي کي هڪ سٽ ڏني پر اڳيان به مظبوط هٿ هيا پوءِ هن ڪاوڙ مان ڪجهه چوڻ چاهيو ته سندس نظرن رئيس منصور کي سڃاڻي ورتو ۽ ڪهاڙيءَ مان هٿ ڪڍي سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ روئي کيس چيائين ته سائين مون کي مهلت ڏيو ته هن ڪاريءِ کي ماري پنهنجي منهن تان ڪارنهن جو داڳ ڌوئان . منصور پوئتي مڙي نهاريو ته وينگس سندس وجود کي چپر سمجهي لڪي رهي هئي ٻنهي جون نظرون مليو ن ته ٻئي دنگ رهجي ويا ان کان اڳ جو منصور ڪجهه چوي هوءَ پيرن تي ڪري پئي ۽ هٿ ٻڌي باڏايائين مونکي موت قبول آهي سائين مان سر بچائڻ لاءِ ڪونه ڊوڙي آهيان پر توهان جي گنهگار آهيان تنهنڪري توهان جي هٿان سزا کائن لاءِ ڊوڙي آهيان . مان غلط هوس مون دنيا کي سمجهڻ ۾ غلطي ڪئي ۽ پنهنجي مائٽن ۽ توهان جي دل ڏکائي . هاڻي دير نه ڪريو هڪ ئي وار سان منهنجي وجود کي ڳڀا ڳڀا ڪري هن زلت جي احساس کان آجو ڪري ڇڏيو. منصور هڪ نظر خميسي تي وڌي هڪ نظر سامهون بيٺل وينگس تي ۽ هڪ نظر سان گڏ ٿي ويل مجموعي کي ڏٺو وري ساڳي درگاهه مان ايندڙ آواز ڏانهن ڏٺو جتي هو مصرع چئي رهيو هيو ته ، مــيـــري آهـيــان مـنـدي آهـيـان ، بـيـشــڪ بــنــدي آهــيــان..... ڍڪــيـن مـــــيـــــڏا ڍولــــڻـــا ، عـــيـــب نه کـــولــڻـــا ....... هن هڪ نظر وري وينگس ڏانهن ڏٺو ۽ پنهنجي ڊگهي شال جو هڪ پاسو ڇڪي سندس وجود کي ويڙهي ڇڏيو ۽ هڪ ٻئي جي ڪنڌ تي گهڙي کن روئي درگاهه اندر دعا لاءِ هليا ويا.

    Siyal_hayat@yahoo.com Email :
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڍڪــيــن مــيــڏا ڍولـــڻـــا۔۔۔۔۔۔ســيـال حــيــات

    ادا لاجواب ونڊ آهي ۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڍڪــيــن مــيــڏا ڍولـــڻـــا۔۔۔۔۔۔ســيـال حــيــات

    مــيـــري آهـيــان مـنـدي آهـيـان ، بـيـشــڪ بــنــدي آهــيــان..... ڍڪــيـن مـــــيـــــڏا ڍولــــڻـــا ، عـــيـــب نه کـــولــڻـــا ....... هن هڪ نظر وري وينگس ڏانهن ڏٺو ۽ پنهنجي ڊگهي شال جو هڪ پاسو ڇڪي سندس وجود کي ويڙهي ڇڏيو ۽ هڪ ٻئي جي ڪنڌ تي گهڙي کن روئي درگاهه اندر دعا لاءِ هليا ويا.

    تمام سٺي ڪهاڻي، جنهن جو تت ۽ نتيجو مون آخر ۾ ڏنل لائينو مٿي ڪوٽ ڪيون آهن۔ ڪاش اسان جو سنڌي معاشرو سچل جي انهن سٽن کي سمجهي سگهي ۽ لطيف جي ڏسيل واٽ جي پوئواري ڪري ته صوفين جي سرزمين جيڪر امن جو گهوارو بڻجي وڃي۔

    لک قرب اوهان سائين حيات صاحب جي ڪهاڻي ونڊ ڪئي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو