راحيل احمد ميمڻ

'تعارف' فورم ۾ راحيل طرفان آندل موضوعَ ‏16 مئي 2011۔

  1. راحيل

    راحيل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 اپريل 2011
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سنڌ سلامت سنڌ جو شايد ته پهريون فورم آهي جنهن تي اسين پنهنجي ماڌري ٻوليءَ ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري ٿا سگھون۔

    آئون سنڌ سلامت جي سڄي ٽيم کي هن ڪاميابي تي مبارڪون ٿو ڏيان۔

    منهنجو تعارف؛
    آئون نالي راحيل احمد ميمڻ رهندڙ شهر دڙو ضلعو ٺٽو کان آهيان، منهنجي بيچلر ڪمپيوٽر انجنئرنگ ڊپارٽمينٽ، مهراڻ يونيورسٽي مان آهي، انکان پوءِ ڪجهه عرصو ڪراچي شهر ۾ هڪ ملٽي نيشنل ڪمپني ۾ سافٽوئر ڪوالٽي اشورنس انجنيئر طور 2 سال ڪم ڪيم، تنهن کان پوءِ بلوچستان انجنئرنگ يونيورسٽي خزدار ۾ 2 سال ليڪچرار طور ڪم ڪيم، ۽ حال ۾ سائوٿ ڪوريا جي ميانگجي يونيورسٽي ۾ ماسٽرس جي تعليم حاصل ڪري رهيو آهيان، ان سان گڏو گڏ آئون ميانگجي يونيورسٽي جي سسٽم سافٽوئر لئبارٽري ۾ رسرچ اسسٽنٽ جي حيصيت سان به ڪم ڪري رهيو آهيان۔۔

    ساٿ سلامت سنڌ سلامت،

    راحيل احمد ميمڻ
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: راحيل احمد ميمڻ

    محترم دوست راحيل ميمڻ صاحب، دل جي گهراين سان ڀليڪار، اوهانجي تعليمي قابليت ۽ سنڌيت سان چاهه ڏسي فخر سان ڳاٽ اوچو آهي جو سنڌ جا پٽڙا سنڌ جي خدمت جي نه فقط اهليت رکنٿا بلڪ تعليمي ميدان ۾ پڻ سوڀارا ۽ اڳ کان اڳرا ٿي رهيا آهن ۔۔۔ اوهانجو سنڌ سلامت تي اچڻ اسان لا باعث فخر آهي ۔۔۔ سنڌي سهڻا جت به هجن اسانجي ساهه جي رڳن ۾ آهن ۔۔۔

    دوست ميمڻ هي اوطاق قائم ئي انڪري ڪيل آهي ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا دوست پنهنجون خوشيون ۽ غم هڪٻئي سان ونڊ ڪري سگهن ۽ سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ۔۔۔ اسانجي هن اوطاق جو نعرو آهي سنڌ سلامت ساٿ سلامت ۔۔۔

    منهنجا دوست، اميد آهي ته اوهان سنڌ سلامت سان دوستي جا پيچ گهرا ڪندا ۽ سنڌ سلامت جي دوستن سان حالي احوالي پيا ٿيندا ۔۔۔

    اسانجون دعائون ۽ نيڪ تمنائون اوهان سان گڏ آهن ۔۔۔ اميد ته تعليم جي ميدان ۾ هماليا جي جبلن تي پنهنجا جهنڊا جهولائي ايندا ۽ سنڌ ڌرتي ۽ قوم جي خدمت ۾ پاڻ ملهائيندا ۔۔۔

    اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: راحيل احمد ميمڻ

    ادا ڀلي ڪري آيا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. و حيد کوسو بلوچ

    و حيد کوسو بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2011
    تحريرون:
    298
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نيشنل بئنڪ ۾ OGII OFFICER
    ماڳ:
    پوسٽ ڌنڱ ڳوٺ ڌنڱ تعلقه شهداد ڪوٽ
    جواب: راحيل احمد ميمڻ

    دوست راحيل سنڌ سلامت فورم تي دل جي گهراين سان ڀليڪار
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: راحيل احمد ميمڻ

    محترم راحيل ميمڻ صاحب ۔۔۔ سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار۔۔۔
    ڪوشش رهندي آهي ته پنهنجا سنڌي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهي ڪري جيڪا پنهنجي مادرِ وطن جي پيڙاء ۽ تڪليف محسوس ڪري رهيا آهن انهن کي گهٽائڻ، ٿڌڙي ڇانوَ ۽ هير جي جستجو ڪندي جڏهن سنڌ سلامت تي اچن ته کين پنهنجن کان دوري بلڪل به محسوس نه ٿئي۔۔۔ جڏهن به کين سنڌ ۽ پنهنجن ماڻهن جي ياد اچي ته بس سنڌ سلامت کولين ۽ هتان جي سڀني ڪمرن ۾ گهمندي سندن وقت ائين گذري جهڙوڪ ۽ پنهنجي ديس ۾ آهن۔۔۔۔
    ان ۾ اسان ڪيترا ڪامياب ٿيا آهيون ۔۔ اهو ته توهان ئي ٻڌائي سگهو ٿا۔۔۔ ان کانسواءِ توهان طرفان اسان کي انتظار رهندو ته پنهنجا سور سليندي اهو ضرور ٻڌائيندا ته ديس کان ڪوسين دور توهان کي ڪهڙيون تڪليفون، پريشانيون يا مونجهارا آهن ۽ انهن ۾ سنڌ سلامت ڪهڙو ڪردار نڀائي سگهي ٿي۔۔۔؟

    توهان جي ڀرپور لکڻين ۽ راين جو انتظار رهندو
     
  6. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    جواب: راحيل احمد ميمڻ

    محترم ڀا راحيل ميمڻ صاحب سنڌ سلامت جي هن محبت ڀرئي اڱڻ ۾ پير پائڻ تي اسان اوهان کي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا سنڌ سلامت سڄي دنيا جي سنڌي ڀائرن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي ڇڏيو آهي اوهان کي هتي تمام گهڻو مزو ايندو اميد ته ڀيرو ڀڃڻ نه وساريندا ۽ پنهنجا سهڻا ويچار دوستن سان ونڊيندا رهندا
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: راحيل احمد ميمڻ

    ادا راحيل احمد ميمڻ صاحب

    سڀ کان پهريائين ته توهان کي اسان سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون سائين ابڙو صاحب توهان جو اهڙو ته آڌر ڀا۽ ڪري

    چڪو آهي جو مون وٽ ته اهي لفظ ئي نه آهن

    مان صرف توهان کي ايترو چوندس ته ادا سنڌ سلامت فورم تي ڀيرو ڪندا رهجو

    ۽ اسان کي اوهان جي نڪور لکڻين جو انتظار رهندو

    سدائين گڏ
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: راحيل احمد ميمڻ

    محترم دوست راحيل احمد ميمڻ صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون

    تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان پنهنجي سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔ يقينن ماڻهو ديس کان ڏور هجي، پنهنجي عزيزن ۽ دوستن کان پري رهي ته انهن کي ياد ڪندو رهندو آهي پر اوهان اسان سان گڏ آهيو ۽ سنڌ سلامت اوهان سان هر وقت گڏ هوندي ۽ اوهان کي اڪيلائيء جو احساس ٿيڻ ڪونه ڏيندي۔ اوهان جو پنهنجي سنڌين جي گڏيل فورم تي اچڻ اسان لاء پڻ حوصلامند آهي۔

    اميد ته اوهان پنهنجي لکڻين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا ۽ اسان جو ساٿ اوهان سان هر دم گڏ هوندو ، ڪڏهن به ڪابه ڳالهه بي تڪلف ٿي چئجو۔ نه صرف ايترو پر اوهان اسان جي ڪوتاهين جي نشاندهي پڻ ڪجو ۽ اسان جي رهنمائي به ڪجو ۽ اسان جي مددد به ڪجو جيئن سنڌيء ٻوليء جي ترقيء لاء ڪجهه وکون کڻڻ ۾ اسان پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهون۔

    ڪي اوڏائِي ڏُورِ، ڪي ڏُورِ به اوڏا سُپِرِين؛
    ڪي سَنڀِرجَن نه ڪَڏھِين، ڪي نه وِسرَنِ مُورِ؛
    جِئَن مينهِن ڪُنڍِيءَ پُورِ، تِئَن دوسِتَ وَراڪو دِلِ سين


    [​IMG]
     
  9. حاجي يار محمد جمالي

    حاجي يار محمد جمالي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2011
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Saudi Arab
    جواب: راحيل احمد ميمڻ

    ادا راحيل سنڌ سلامت جي هن اڱڻ تي ڀلي ڪري آيا۔۔۔۔۔
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: راحيل احمد ميمڻ

    ادا راحيل! سنڌ سلامت جي محبتي ۽ سڪ سان سجايل اڱڻ تي اوهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار، اوهان سافٽ ويئر جي شعبي ۾ جيڪي محنتون ڪيو پيا تمام بهترين آهن، الله توهان کي اڃان وڌيڪ ڪامياب ڪري ۔۔۔ ٻاهرئين ملڪ ۾ رهڻ سان پنهنجي وطن جي قدر ٿئي ٿي، سنڌ اسان جو ۽ توهان جو وطن آهي، اسان جي ڪوشش اها آهي ته هن سنڌ سلامت نالي سان سجايل اڱڻ تي پرديس ۾ رهندڙ سنڌين کي پنهنجي وطن يا پرديس ۾ رهڻ جو فرق محسوس نه ٿئي۔۔۔۔ اميد ته اوهان ضرور ساٿ نڀائيندا۔۔۔​
     
  11. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: راحيل احمد ميمڻ

    ادا اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو