شانتي هيرانندراڳ جي راڻي شانتي هيرانند کي ليجنڊري فنڪاره بيگم اختر تراشي هيرو بڻايو، 1947ع ۾ پنهنجي لاڏاڻي کان فقط ڪجهه مهينا اڳ بيگم اختر چيو هو ته جيڪڏهن توهان منهنجي موت کان پوءِ منهنجو راڳ ٻڌڻ چاهيو ته شانتي جو راڳ ٻڌو. 1957ع ۾ شانتي هيرانند بيگم اختر جي شاگرد بڻي ۽ کانئس ٺمري، دادرا ۽ غزل جي سکيا ورتي. هن ڪيترائي سال پنهنجي گروءَ سان گذاريا ۽ سندس انداز اختيار ڪندي زندگيءَ جو بلڪل نئون رخ سکيو ۽ ساڻس گڏ ڪنسرٽ، ڪانفرنسون ۽ پرفارمنس ڪئي، لکنئو جي هڪ ڪاروباري خاندان ۾ جنم وٺندڙ شانتي هيرانند ننڍ پڻ کان ئي موسيقي ۾ دلچسپي رکندي هئي. هن ننڍ پڻ جا ڏينهن لکنئو جي موسيقي جي ڪاليج ۾ گذاريا پر 40ع واري ڏهاڪي ۾ هوءَ لاهور هلي وئي. هن پنهنجي پهرين پرفارمنس 1947ع ۾ لاهور ريڊيو تي ڏني، ورهاڱي کان پوءِ سندس خاندان لکنئو موٽي ويو، جتي هن رام پور جي اعجاز حسين خان کان سکيا ورتي، ان عرصي دوران هن آل انڊيا ريڊيو تي ڪم ڪرڻ جاري رکيو. هن ريڊيو کان سواءِ سينٽر فار پرفارمنگ آرٽس، ساهتيا ڪلا پريشد ۽ سنسڪار لاءِ به راڳ ڳايو. سالن پڄاڻان سندس پرفارمنس نه وسرندڙ جادو بڻجي وئي جيڪو پنهنجي ٻڌندڙن کي چُرڻ به نه ٿو ڏئي. شانتي هيرانند پهرين هندستاني فنڪاره هئي جنهن 1981ع ۾ پوءِ 1984ع ۾ پاڪستان ۾ پرفارم ڪيو. هن لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي ۽ ڪراچي ۾ ڪنسرٽ ڪيا. سندس موسيقي تمام گهڻي پسند ڪئي وئي ۽ سندس پرجوش آجيان ٿي. هندستان ۾ پاڪستان جي ان وقت جي سفير چيو ته شانتي هندستان جي سچي سفير هئي ۽ جيڪڏهن اهڙا سفير اماڻڻ جاري رکيا ويا ته ٻنهي ملڪن جا ناتا دلي ۽ دوستاڻا ٿي ويندا. شانتي ٽورنٽو، وينڪوور، بوسٽن، نيويارڪ، ملواڪي، واشنگٽن، لنڊن ۽ جنيوا سميت سڄي دنيا ۾ ڪنسرٽ ڪيا ۽ ليڪچر ڏنا. جڳ مشهور فلم “Dance of the winds” ۾ سندس ٺمري ۽ دادرا لاثاني انداز ۾ ڳايل آهي. هڪ ٻي مشهور فلم سڌارٿ ۾ هن ٽائيٽل گانو ٺمري ۾ ڳايو آهي. کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز ڏنا ويا جن ۾ ساهتيه ڪلا پريشد ايوارد، سنڌي اڪيڊمي ايوارڊ، هندوجا ڪلا ايوارڊ، تريويني ڪلاسنگم ايوارڊ به شامل آهن. 2005ع ۾ کيس هندستان جي صدر پدم شري ايوارڊ ڏنو. شانتي هيرانند هڪ ڪتاب “Begam Akhtar: The story of my Ammi” لکيو آهي جنهن کي تمام گهڻو ساراهيو ويو آهي. فن جي ناقد جي اسٽيمين ڪلڪتا آگسٽ 1980ع ۾ سنڌي يوٿ ايسوسيئيشن طرفان منعقد ڪرايل سندس هڪ ڪنسرٽ بابت لکيو آهي ته شانتي هيرانند جو غزل سندس گروءَ کان مختلف نه آهي. هن پنهنجي غزل ۾ اعليٰ پائي جي سنجيدگي ۽ انتهائي شوق پيدا ڪيو آهي جيڪو پرسڪون ۽ نرم ۽ ملائم آهي. هن شروعات هندي غزل سان ڪئي پر ڪيترائي سنڌي غزل به ڳايائين جن ۾ سڀ کان خوبصورت دعائيه غزل ”ننگڙا نماڻي دا“ هو. سندس ”سهڻ هرڻ هيم صنم“ به جوش ۽ زندگي سان ڀرپور هو. صابر خان جي ساڻس طبلي تي سنگت به بهترين هئي. اهو چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي ته اهو شانتي جي جو جادو ئي هو جنهن ماڻهن کي سنڌي سمجهه ۾ نه اچڻ باوجود ڀرپور لطف اندوز ڪيو. جولاءِ 1987 ۾ سائين جي ايم سيد دهلي ويو هو اتان جي سنڌين خاص طور تي شانتي کي دعوت ڏئي گهرايو هو، جنهن سنڌ جي سائين آڏو ڳائي محفل ۾ موجود سنڌين کي جهومائي ڇڏيو هو