ڪارلوس زرتضي! (عوامي آواز) [JUSTIFY] ا فغان بلوچ ملڪ جي خوبصورت گلدستي جو هڪ گل آهن ۽ پشتونن تاجڪن ۽ ازبڪن جيان بلوچن به وچ ايشيا جي ظالماڻن سرحدي فيصلن جيان پنهنجي ڌرتي ورهايل ڏٺي آهي. اٺن سان گڏ رڻ پٽ جهاڳيندڙ خانه بدوش، گهري رنگ واريون چمڪندڙ پوشاڪ پهريندڙ عورتون (برقعو صفا گهٽ) ۽ هلمند درياهه ڪناري گهرا نيرا بلوچ غاليچا ڌوئيندڙ ٻار..... هي ڪجهه تصويرون آهن بلوچن جون. اهي لفظ هئا ڪابل يونيورسٽي جي تاريخ جي پروفيسر دولت بوپل جا سندس چوڻ هو ته انهن وساريل ماڻهن بابت گٺل پيٺل رومانوي ۽ رنگين جملن کان سواءِ به گهڻو ڪجهه آهي. ايران، افغانستان ۽ پاڪستان جي سرحدن ۾ ورهايل بلوچن وٽ پنهنجي ٻولي بلوچي ۽ فرانس جيتري ڌرتي بلوچستان آهي. سندس پيرن هيٺان ناهموار ڌرتي، فخر لائق گيس، سون ۽ پتل جا وڏا ذخيرا، دريافت نه ٿيل تيل جا وسيلا، يورينيم ۽ اسٽريٽ آف هرمز تائين پکڙيل هزارين ڪلوميٽر ڊگهو سامونڊي ڪنارو آهي، پر سندس حال تي بلوچي پهاڪي جو هي ترجمو ٺهڪي اچي ٿو ته سون جهڙي ڌرتي تي اسان جا ٻار پيرن اگهاڙا گهمن ٿا. اها حقيقت آهي ته بلوچ افغانستان سميت ٽن ملڪن ۾ ورهايل ٽن سڀ کان گهٽ ترقي ڪيل خطن ۾ رهن ٿا. پروفيسر بوپل جو چوڻ آهي ته افغان بلوچ عجز ۽ انڪساري جو ڀنڊار آهن ۽ ڪوبه مسئلو پيدا نه ٿا ڪن. (پر سندس بيان تمام منجهائيندڙ تصوير پيش ڪري ٿو). سندس اسٽريٽجڪ حيثيت ۽ سڀ کان وڌيڪ ايراني نار سان ڊگهي سامونڊي ڪناري جي ڪري افغانستان تي سوويت قبضي دوران بلوچن کي ڪريملن جو آشيرواد حاصل رهيو، هنن بلوچ باغين لاءِ افغانستان ۾ سکيا ڪئمپون پڻ قائم ڪيون، پر هنن ۾ ڪميونسٽ نظريو پکڙجڻ جي راهه ۾ وڏي رنڊڪ سندن قوم پرست ايجنڊا هئي. سوويت يونين هنن کي راغب ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو ۽ هندي وڏي سمنڊ جي گرم پاڻين تائين رسائي جو واحد موقعو به وڃائي ويٺو. اڄ به پاڪستاني بلوچ باغي افغانستان ۾ پناهه وٺن ٿا. چيو وڃي ٿو ته سيڪيولر ۽ قوم پرست گوريلن جون سکيا ڪئمپون قنڌار ۽ زابل ۾ موجود آهن جتان هو آساني سان پاڪ – افغان سرحد پار ڪري پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز تي حملا ڪن ٿا. ان کان سواءِ ايران جا بلوچ باغي به سرحد پار ڪري نمروز ۾ پناهه وٺن ٿا. نمروز افغانستان جو اڪيلو صوبو آهي جتي بلوچ اڪثريت ۾ آهن. افغانستان ۾ بلوچ ثقافت کي زندهه رکڻ لاءِ زندگي وقف ڪندڙ بلوچ دانشور عبدالستار پردلي جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ ڏيڍ کان ٻه ڪروڙ بلوچ آبادي هجڻ جو ڪاٿو آهي پر سڀ بلوچي نه ٿا ڳالهائين. قنڌار وردڪ، اروزگان ۽ بلخ صوبن ۾ رهندڙ بلوچ پشتو ڳالهائين ٿا، قندوز، بدخشان،ل تار ۽ دائي ڪنڊي جا بلوچ دري ڳالهائيندا آهن جڏهن ته بلوچي ڳالهائيندڙ رڳو هلمند ۽ نمروز ۾ رهن ٿا. هو ويڙهاڪ صوبن فرح ۽ هلمند وچ ۾ سينڊوچ بڻيل صوبي نمروز جو رهواسي آهي جنهن جي 500 ڪلوميٽر سرحد پاڪستان ۽ ايران ٻنهي سان ملي ٿي جيڪڏهن افغانستان ۾ جيو پوليٽيڪل طور ڪو اهم هنڌ آهي ته اهو يقينن نمروز اهي. سيڪنڊ ميرين ريجمنٽل ڪمبيٽ ٽيم نمروز جي راڄڌاني زرنج ويجهو سرحدي علائقي ديلارام ۾ مقرر آهي پر پوءِ افغانستان جي ڏاکڻي اولهندي سرحد پوءِ به غير محفوظ آهي جو اتي اچ وڃ جا ڪيترائي رستا موجود آهن. مشهور ليکڪ احمد راشدي جو چوڻ آهي ته نمروز افغانستان ۾ وڏي پئماني تي اسمگلنگ جو مرڪز آهي، هتان افغان ايران سرحد وسيلي هيروئن ويندي آهي ۽ هتان هٿيار ايندا آهن. ڏاکڻن صوبن کان وڌيڪ فوج مقرر ڪرڻ جي ضرورت ڪٿي به نه آهي. فوج نه هجڻ جو مطلب اهو نه آهي ته نمروز افغان جنگ کان بنهه متاثر ئي نه ٿيو آهي. مقامي پوليس جي بلوچ سربراهه عبدالجبار پردلي اعتراف ڪيو ته نمروز جي علائقن ديلا رام خشرود ۽ پاڪستان واري سرحد تي طالبان جو قبضو آهي ۽ گادي وارو شهر زرنج ڪابل جي ڪنٽرول ۾ آهي. پردلي کان مٿيون آفيسر ۽ نمروز جو گورنر به هڪ بلوچ، ڪريم بروهي آهي جيڪو افغانستان جي باغي تحريڪ جو وڏو نالو رهيو آهي. احمد شاهه مسعود جي اترئين اتحاد جي باري ۾ ته سڀني ٻڌو آهي پر ڪي تمام ٿورا ماڻهو ڄاڻن ٿا ته ملڪ جي اترئين علائقن جي سامهون به ڪجهه ٿي رهيو آهي. اتي هڪ ڏاکڻو اتحاد به هو جيڪو 1979ع ۾ نمروز محاذ جي نالي سان ڪريم بروهي جوڙيو هو. پهرين روسين ۽ پوءِ طالبان سان وڙهيو ۽ اتحاد جي سربراهي ڪيائين، سندس لشڪر 300 کان 700 ڄڻن تي مشتمل هو جن سان اڪثر سيڪيولر ۽ کاٻي ڌر جا ويڙهاڪ هئا جڏهن ته ٻئي طرف مذهبي سخت گير گروهه پڻ روس سان وڙهي رهيا هئا ان ڪري ئي ڪريم کي سڄي افغانستان ۾ سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو. هن ٻڌايو ته بنيادي طور اهو بلوچ گروپ هو پر پشتون به ان ۾ شامل هئا. اسان افغانستان ۾ دشمن تي حملا ڪري ايران ۾ پناهه وٺندا هئاسين. زرنج جي بازار ۾ موبائل فون دڪان هلائيندڙ 50 ورهين جي دڪاندار ڪمال چيو ته افغانستان ۾ اسان جو تعداد تمام گهٽ آهي ۽ اسان ڪابل کان تمام پري رهون ٿا. اسان لاءِ ڪابل وڃڻ کان وڌيڪ سولو سرحد پار ڪري ايران وڃڻ آهي. آئون ڪوئيٽا ۾ پڙهيس پر جڏهن طالبان آيا ته زاهدان (ايران) هليو ويس. زرنج ۾ وڪامندڙ هر شيءِ ايران مان ايندي آهي ۽ اتي ايراني سڪو تمن به هلندو آهي ۽ هن مارڪيٽ کان پنڌ ايراني سرحد تي پهچي سگهجي ٿو. ڪمال جيان ڪيترائي بلوچ خاندان ٽن ملڪن ۾ ورهايل آهن. ڪمال جيان اڪثر ماڻهو طالبان جي تشدد، خام نه اي جي ظلم ۽ پاڪستان جي سختي کان بچڻ لاءِ سڄي زندگي سرحدون پار ڪندي گذاري ڇڏيندا آهن. پاڪستاني بلوچستان ۾ به بلوچن خلاف آپريشن ۽ بلوچن جي گمشدگي عام ڳالهه آهي زرنج جي بازار ته وچ اوڀر جي علائقن جي ياد ڏياري ٿي پر ڏهن منٽن جي پنڌ کان پوءِ لڳندو ته توهان آفريڪا جي ڪنهن علائقي ۾ پهچي ويا آهيو جتي ڪچين سرن جا گهر آهن، بجلي يا پاڻي ڪجهه نه آهي. ڪچي رستي جي ٻنهي پاسي ڪا سونهن ناهي، رڍون ۽ ٻڪريون ڪچري جي ڍير مان ”گاهه“ چرندي ننظر اينديون جڏهن ته ٺوڙها ٻار پنهنجي گڏهن تي هلمند درياهه مان پاڻي جا دٻا ڀري ايندي نظر ايندا. اهو ته نصيرآباد ڳوٺ جو نظارو آهي پر ڀرواري حاجي عبدالرحمان ڳوٺ ۽ بلوچن جي ٻين ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن جي به ساڳي صورت حال آهي. افغانستان جا بلوچ صدين کان هلمند درياهه جي ڪناري آباد آهن پر گذريل ڏهن سالن جي سوڪهڙي، درياهي پاڻي جي ڏوڏي جي پوک لاءِ استعمال ۽ آبپاشي نظام جي تباهي سبب زراعت تباهه ٿي وئي آهي. سوين بلوچ خاندانن کي اباڻي زمين ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي جڏهن ته فرح ۽ هلمند صوبن ۾ نيٽو آپريشن سبب اتي جا پشتو لڏي اچي نمروز ۾ آباد ٿي رهيا آهن. جنهن کي آفيم ۽ هيروئن جي اسمگلنگ لاءِ شاهراهه ريشم به سڏيو وڃي ٿو. نمروزي بلوچ نوبت شڪايت ڪندي چيو ته آئون پنهنجي خاندان سان گڏ ڪنهن ٻئي پاسي وڃڻ چاهيان ٿو پر ڪيڏانهن وڃان؟ آئون خانه بدوش نه پر هاري آهيان، پڙهڻ نه ٿو ڄاڻان ان لاءِ مون وٽ يا ته سرحد پار کان تيل اسمگل ڪرڻ يا افغان آرمي ۾ شامل ٿي اها جنگ ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪابه راهه نه آهي جيڪا اسان اڳ ۾ ئي هارائي چڪا آهيون. نوبت جڏهن اها ڳالهه ٻڌائي رهيو هو ته سندس گڏهه بدبودار دٻي مان پاڻي پي رهيو هو. (ڪارلوس زرتضيٰ فري لانس صحافي آهي جيڪو ڪوهه ڪاف ۽ وچ ايشيا جي ويڙهه سٽيل علائقن مان رپورٽنگ ڪري چڪو آهي. کيس افغان، پاڪستان ۽ ايران جي بلوچ علائقن جي رپورٽنگ ڪرڻ تي 2009ع ۾ نواب اڪبر بگٽي رپورٽنگ ايوارڊ ڏنو ويو.) [/JUSTIFY]