• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رهجي ويل سار

عرس پريو

سينيئر رڪن
(چندر ڪيسواڻي)

مونکي هوائن ۾ ڳولهه
سرءُ جي سڪل ڇڻيل پنن ۾،
سمنڊ جي اڇي گج ۾،
يا ڪڏهن وارياسي ڪناري تي،
مونکي گهري ننڊ ۾ ڳولهه
ڪنهن وسري ويل ياد جي سرٻاٽ ۾.
مونکي ڳولهيندي ڳوڙها نه وهاءِ،
ان هوا ۾،
جا وڻن وچ ۾ سيسراٽ ڪندي آهي
مان اجري چانڊوڪيءَ جو هڪ ڪرڻو آهيان
۽ تنهنجي خوابن ۾ اڻيل ڪو پاڇولو
مان اتي ئي هوندو آهيان،
هر گھڙي تنهنجي ساهه ۾
تون مونکي هوريان ڌڙڪندڙ دل ۾،
محسوس ڪندينءَ،
مان هميشه اتي ئي هوندو آهيان،
تنهنجي ڀر ۾.
 
جواب: رهجي ويل سار

تون مونکي هوريان ڌڙڪندڙ دل ۾،
محسوس ڪندينءَ،
مان هميشه اتي ئي هوندو آهيان،
تنهنجي ڀر ۾.


تمام لاجواب ونڊ آهي ادا جاري رکجو

سدائين گڏ
 
Back
Top