• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مفاهمت جي نالي ۾ هي ڇا پيو ٿئي؟

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
سنڌ جي عوام هميشه آمرن ۽ لٽيرن اڳيان پنهنجو ڪنڌ نه جهڪايو آهي، پر افسوس هڪ اهڙو قدم تازو سامهون آيو، جنهن مونکي ڇا پر سڄي سنڌ کي حيرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو، اهو آهي پ پ ۽ مسلم ليگ (ق) ۾ اتحاد، مسلم ليگ ”ق“ اها ئي پارٽي آهي، جنهن مشرف جهڙي آمر جي ڪارڊ تي کيڏندي يارنهن سال ظلم ڪيو پر جڏهن انهن کي عوام پ پ سان گڏ حڪومت ۾ شامل ٿيندي ڏٺو ته هر اک آلي ٿي ويئي. جڏهن پ پ جي حڪومت آئي ته اسانجي عوام اهو سوچيو هو ته شايد اها حڪومت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي وڇوڙي وارن ڦٽن مٿان مرهم رکي سگهندي، اهو مرهم ته ٺهيو پر جنهن شخص تي محترمه بينظير صاحبه کي خدشو هو، جنهن جو هوءَ نالو به کڻي چڪي هئي، اهو ساڳيو شخص هاڻي اهم عهدي لاءِ چونڊيو ويو آهي. شهيد بينظير جا سپاهي اڄ به مايوسين جي دور مان گذري رهيا آهن. پ پ ۾ اختلاف روز جو معمول بڻيل آهن. اڄ به پ پ سنڌ جا وزير بينظير ڀٽو جي سپاهين، جنهن کي ناراض گروپ جو نالو ڏنل آهي، خلاف بيان ته ڏئي سگهن ٿا پر جن پ پ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن کي اڄ عهدا ملي رهيا آهن. پ پ قيادت ٿورو سوچي فيصلو ڪري ها. انهن مائرن جو ڇا ٿيندو، جن 12 مئي ۽ 18 آڪٽوبر تي پنهنجا پُٽ پ پ ۽ شهيد محترمه تان گهوري ڇڏيا هئا؟ مونکي اهو ڏينهن اڄ به ياد آهي، جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميرپور خاص ۾ جلسو ڪرڻ آئي هئي، تڏهن طاهر ناريجي جي مائٽن وٽ عذر خواهي ڪرڻ وئي هئي، جن سڏڪندي ۽ لڙڪ هاريندي محترمه بينظير ڀٽو کي جواب ڏنو هو ته، ”اهڙا سئو پُٽ هجن ته به توهان تان گهوري ڇڏيون.“ اڄ به پ پ اڳواڻ هڪ ٻئي خلاف بيان ڏئي پ پ کي ڌڙن ۾ تقسيم ڪري رهيا آهن. پ پ حڪومت ڪڏهن ايم ڪيو ايم سان اتحاد ٿي ڪري ته ڪڏهن وري مسلم ليگ ”ق“ سان اتحاد ٿو ڪيو وڃي. اهڙن عملن پ پ جي جيالن کي گهرن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. اهڙيون پارٽيون حڪومت ۾ هوندي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، جنهن جو مثال اهو آهي ته حڪومت تيل جي قيمتن ۾ اضافو ڪري ٿي ته ايم ڪيو ايم فوراً حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي ڌمڪي ڏئي ٿي. پوءِ حڪومت اهو فيصلو واپس وٺي ٿي ۽ ايم ڪيو ايم اهو بيان جاري ڪري ٿي ته متحده جي مطالبي تي حڪومت گوڏا کوڙي ڇڏيا ۽ تيل جي قيمتن ۾ اضافي وارو اعلان واپس وٺي ڇڏيو. اتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ شامل ڪانهي؟ جيڪو به پ پ اڳواڻ ايم ڪيو ايم خلاف بيان ڏئي ٿو يا ته ان کي وزارت تان لاٿو ٿو وڃي يا وري پارٽي طرفان شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ٿو وڃي. وفاقي گهرو وزير ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ روڪرائڻ ۾ ته ناڪام وڃي ٿو پر ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ آڻڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو. منهنجي پ پ قيادت کي گذارش آهي ته هيءَ شهيدن جي پارٽي آهي، جيڪا توهان وٽ امانت آهي، ان جو هر طرح سان تحفظ ڪريو، ڪٿي ائين نه ٻُڌڻو پوي ته پ پ، شهيد محترمه تائين هئي.

امداد مراد علي سومرو/عمرڪوٽ
 
جواب: مفاهمت جي نالي ۾ هي ڇا پيو ٿئي؟

ادا هي سڀ پارٽيون عوام کي پيون بيوقوف بڻائن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔باقي پي پي وارن لاء ڇا چئجي صرف ايترو چوندس۔۔۔۔۔۔۔۔

ويا مور مري هنج نه رهيو هيڪڙو۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top