السلام عليڪم سنڌ سلامت دوستو مون جو مسئلو اهو آهي ته مان پهريائين ونڊوز ايڪس پي استعمال ڪندو هوس پر هاڻي وري ادا رشيد جي چوڻ تي ونڊوز 7 پيو استعمال ڪريان هاڻي دوستو مسئلو اهو آهي ته مان جيڪو انٽرنيٽ ڊائونلوڊ مئنيجر استعمال ڪندو هوس ان جو ڪريڪ مون وٽ آهي اهو ڪمپني وارن ڪڏهن نه پڪتو هو ۔۔۔۔۔۔۔۔ هاڻي ونڊوز 7 ۾ اصل منٽ ٿا پڪڙي وجهن ان ڪري مان ڪنهن به سائيٽ تان ڊائونلوڊ نه ٿو ڪري سگهان هون ٻيا ته رستا ۽ سافٽ ويئرکوڙ آهن ڊائونلوڊ ڪرڻ لا۽ پر مون جو پسنديده سافٽ ويئر اهو آهي انٽرنيٽ ڊائونلوڊ مئينجر سو دوستن کي عرض آهي ته انجو ڪو حل ڪڍي ڏين ته مسئلو حل ٿئي جيئن فقير پنهنجو ڪم ڪڍي وڃي ۽ پڪڙجي به نه سگهي :no::no: سدائين گڏ
جواب: انٽرنيٽ ڊائونلوڊ مئنيجر گهرجي ۔۔۔ يار فقير معنى ته اهو چڪر آهي ۔۔۔ مان به چوان ته منهنجي ليپ ٽاپ ۾ ونڊوز7 هوندي انٽرنيٽ ڊائونلوڊ مينيجر مهيني کان مٿي ڇو نه ٿو هلي۔۔۔۔ پر گهٻرايو نه هوبهو توهان جي ليپ ٽاپ وارو ماڊل ادا طاهر سنڌي به ورتو آهي۔۔۔ جنهن جي خوشي مون کي به آهي۔۔۔ (ڪيئن نه هجي خوشي ۾ ڊنر جو کارايو هين)۔۔۔ جنهن توهان جي ليپٽاپ جا سمورا ڊرائيور هجڻ سان گڏو گڏ انٽرنيٽ ڊائونلوڊ مينيجر جو بلڪل تازو ورجن سو به مفت وارو ٿيل پڻ موجود آهي ۔۔۔ بس دعا ڪجو ته کيس تڪڙي پي ٽي سي ايل جي ايوو يو ايس بي ملي ۽ اهي ڊرائيور ۽ سافٽويئر ڏيڻ ۾ هو ڪنجوس نه هجي ته توهان جو ڪم ٿي ويندو۔۔۔
جواب: انٽرنيٽ ڊائونلوڊ مئنيجر گهرجي ۔۔۔ سائين طاهر سنڌي صاحب کي ليپ ٽاپ جو مبارڪون بس هاڻي طاهر سنڌي صاحب کي گذارش آهي ته ڊرائيور ۽ سافٽ ويئر ڪٿي اپ لوڊ ڪري سنگت سان شيئر ڪن ۔ انتظار رهندو سدائين گڏ
جواب: انٽرنيٽ ڊائونلوڊ مئنيجر گهرجي ۔۔۔ ادا هتان ڊائونلوڊ ڪري وٺو، ڪو مسئلو ئي ناهي۔۔۔۔ ايڇ ٽي ايم ايل: http://www.filedropper.com/idm607build7inclfixed-rea