• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽٽل هي منهنجي دل

جاويد نواز

سينيئر رڪن

غزل

ٽٽل هي منهنجي دل جا داغ ڪو اچي ته ڏسي
جئين مان برھ ۾ پڃريو هان ڪو پچي ته ڏسي

وفا نه سڪ نه محبت نه ڪائي پنهنجائپ
هلان ٿو اهڙي حال ۾ مان ڪو هلي ته ڏسي

رکيو سين مُرڪندي زخمن تي جو پرين کان مليو
هيو ته لوڻ پر ڪو مون جيئان رکي ته ڏسي

هئين ته هرڪو هتڙي پنهنجي موت مرندو آ
پر ڪوئي سونهن سنڌ لاءِ ڀي مري ته ڏسي

جئين شمع ڏي آ ويندو پتنگ اکيون ٻوٽي
ائين ڪو عشق جي مقتل ڏي ڀي وڃي ته ڏسي

وفا لئي سونهن لئي سنڌ لئي جي ويم مري خير آ
وڏي نه ننڌڙي سهي حام ڪو هڻي ته ڏسي

ننڍو ٿي ٽانڊو ۽ ٽانڊي مان ڦري لئي شعلو
مزو آ تنهن ڪوئي شعلي جان مچي ته ڏسي

تنهن کي ها پئجي خبر ويندي عشق چا شئي آ
شاھ جا بيت ڪوئي غور سان پڙهي ته ڏسي

جاويد نواز

دعائن ۾ ياد
 
جواب: ٽٽل هي منهنجي دل

ٽٽل هي منهنجي دل جا داغ ڪو اچي ته ڏسي
جئين مان برھ ۾ پڃريو هان ڪو پچي ته ڏسي

ادا جاويد بهترين شاعري

اوهان ته ڪنهن ڪٺل عاشق جي وارتا بيان ڪئي آهي۔ لفظم ۾ ڏک جو بيان ڪرڻ به ڪو شاعرن کان سکي۔
 
Back
Top