ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
جعفر شاه جو تعارف
سائين جعفر شاه جنهن جينالي سان منهنجي وجود جا ڪئي حصا جڙيل آهن۔ منهنجي ٻالڪ پن کان ويندي هن وقت تائين منهنجي رهبري جي هر واٽ ساڻين سان وڃي ملي ٿي، سائين جن جي لاءِ جي آءُ چوان ته هو هڪ سالڪ، اوشاڪ، شاعر، بهترين راڳي، فقير، انسان دوست ته شايد آءُ غلط نه ٿيندس، هن ڀيري جڏهن ڳوٺ ويس ته سائين جن کي مون عرض ڪيو ته سائين اوهان پنهنجي ڪلام جو ڪجه حصو اسان کي عنايت ڪريو ته آءُ ان کي نيٽ تي آڻيان ۔ مونکي سائين جن چيو ڏاڏل تو کي خبر آهي هي شي مونکي پسند ناهي ۔
جڏهن ته اها هڪ حقيقت آهي ته ڪيترن وڏيرن توڙي ننڍيرن سائين جن کي چيو آهي ته توهان پنهنجو ڪلام اسان کي ڏيو ته اسان ان ڪلام کي ڇپايون ۔ پر سائين جن جو هميشه اهو چوڻ ته هي منهنجو شوق آهي ان شوق کي آءُ پاڻ تائين رکندس ۔
هڪ ڀيرو اسان جڏهن سائين وٽ ويٺا ها سون ته سائين وٽ برکا وارا آيا ۽ سائين کي چيا ؤن ته اوهان ڪيسٽ ڪريو سائين چيو ته نه هي منهنجو شوق آهي هي منهنجو ڪاروبار ناهي جڏهن ته اها به هڪ حقيقت آهي ته سائين انتهائي قسمپُرسي واري زندگي گذاري رهيو آهي ۔
آءُ سائين جن جو هي تعارف ان لاءِ پيش ڪري رهيو آهيان جو مونکي وڏي مشڪل سان سائين جن جا ڏه شعر مليا آحن جن کي آءُ هن فورم تي ونڊڻ گهران ٿو اميد ته اوهان کي پسند ايندا ۔
وسلام