السلام عليڪم سنڌ سلامت فورم جا دوستو دستو مون کي عاشق سولنگي نظر نه پئي آيو ڪٿي آهي ان جي باري ۾ ڪنهن ڪا خبر چار هجي ته فورم تي ونڊ ڪري يا وري خود عاشق هي خبر پڙهي ته جلد کان جلد رابطي ۾ اچي هتي سنگت کي ڪافي الڪو آهي سدائين گڏ
جواب: عاشق سولنگي نظر نه پئي آيو ۔۔ ادا عاشق سان ايس ايم ايس تي رابطو رهندو آهي ڳوٺ ۾ آهي، پر ڪالهه کان منهنجي موبائل پڻ خراب آهي ان ڪري رابطو منهنجو نه ٿي سگهيو آهي۔۔۔ بهرحال لڳي ٿو ته عاشق کي ڪو عشق جو رنگ لڳو آهي ان ڪري ايتري گرمين ۾ به ڳوٺ وڃي رهيو پيو آهي
جواب: عاشق سولنگي نظر نه پئي آيو ۔۔ ها يار عاشق کان سواء محفل ڪجهه اواٻاڻڪي پئي لڳي ويسي به عاشقن کان سواء محفليون اڌوريون هونديون آهين ادا عاشق يار مهرباني ڪري جلدي اوطاق تي ڀيرو ڀر يار ۔۔۔ ويسي به ڳوٺ واري گرمي کان ڪراچي جي گُهٽَ ڀلي آهي
جواب: عاشق سولنگي نظر نه پئي آيو ۔۔ عاشق سان فون تي رابطو رهندو آهي اڄڪلهه ڳوٺ ۾ آهي ۽ لاڙڪاڻي ، شڪارپور جا چڪر پيو ڏي۔ فقير ڦلپوٽي کي شاباس آهي جو سپر ايڊيٽر واريون ذميواريون نڀائيندي دوستن جو ايڏو خيال ٿورکي۔ خير عاشق ڳوٺ آهي ۽ شڪايت اٿس ته فقير جو نمبر نه ٿو ملي۔ تنهنڪري ساڻس رابطو ڪجو۔
جواب: عاشق سولنگي نظر نه پئي آيو ۔۔ مهرباني ادا سليمان صاحب مون کي اها خبر نه هئي عاشق مون ڏي ايس ايم ايس ته ڪري پيو سو مون کي ملن پيا خيئر مان ان سان رابطو ڪريان پيو وڏي مهرباني ادا سدائين گڏ
جواب: عاشق سولنگي نظر نه پئي آيو ۔۔ ابا جي عشق لڳو اٿس ته ڪاري تي پير اٿس، ادي طاهر جيئن سندس ڏانهن الله خئير ڪري ۔۔۔ پر ڪيترن ڏينهن کان فيسبڪ يا سنڌ سلامت سندس کان بغير ڪجهه ٻسو ٻسو آهي ۔۔۔ پر سنگت جي خبرچار مان اها خبر پئي ته خئير سان آهي، اهو ئي ڪافي آهي ۔۔۔ کيس ڪوسو وا نه لڳي ۔۔۔ آمين
جواب: عاشق سولنگي نظر نه پئي آيو ۔۔ سنڱت جو مان تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جو ههڙِي نفسا نفسي جي وقت ۾ به پيا ياد ٿا ڪن۔ محترم لوڪل فقير جي مهرباني۔۔۔۔۔۔۔۔فقير سائين مان شڪارپور پنهنجي ڳوٺ آيل آهيان بس ڪجھ ئي ڏينهن ۾ ڪراچي اچي ميلي کي مچائينداسين، فقير يعني لوڪل فقير کي عرض آهي ته جلدي عاشق سان رابطو ڪري پنهنجو ديدار نصيب ڪرائي۔۔۔۔۔۔۔۔۔باقي سڀني دوستن جي هڪ دفعو ٻيهر مهرباني۔۔۔۔سلام سنڌ۔
جواب: عاشق سولنگي نظر نه پئي آيو ۔۔ سنڱت جو پيار ۽ منهنجي سنڌسلامت کان دوري ۽ سائين سليمان وساڻ جو هر ٻئي ڏينهن ياد ڪرڻ لوڪل فقير سان مُلاقات ۽ ڪجھ فيس بوڪ جي دوستن سان ملاقات ۽ ان جي دوري تي مونڊ ٺهيو ته لکنداسين
جواب: عاشق سولنگي نظر نه پئي آيو ۔۔ ادا عاشق کي فورم تي هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار ٿا چئون ادا عاشق سولنگي سان ملاقات ٿئي حالانڪه ملاقات تمام مختصر هئي پر پاڻ جهڙو نالو اٿس اهڙو ئي پيارو ماڻهو آهي مولا پاڪ کيس آباد رکي سدائين گڏ
جواب: عاشق سولنگي نظر نه پئي آيو ۔۔ فقير اوهان جو مان ٿورائتو آهيان جو اوهان ٽائيم ڪڍي اسان کي پنهنجو ديدار ڪرايو۔