[JUSTIFY]مونکي چکيء طرح ياد آهي ته جڏهن اسان پرائمري ۾ پڙهندا هئاسين ته امتحان جنوريء ۾ ٿيندا هئا، ڇهين کان اٺين درجي جا امتحان فيبروريء جي شروعات ۾ ۽ مئٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان فيبري جي آخر ۽ مارچ جي شروعات ۾ ٿيندا هئا۔ موسم سٺي هوندي هئي، گرم ڪپڙا پائي اسان امتحان ۾ خوشي خوشي ويندا هئاسين ۽ هاڻي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سڀ ڪجهه تبديل آهي۔۔۔ مئٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان سخت گرم موسم ۾ مئي ۾ ٿي رهيا آهن ۔۔۔۔۔ بجلي جو بحران آهي، بجلي نه رات جو آهي ۽ نه ڏينهن جو، شاگرد پريشان آهن، نفسياتي مريض بنجي ويا آهن۔ وري اسان جي وزير تعليم جو اهو فيصلو ته اڃان عبرت ۾ وجهڻ جهڙو آهي ته گرميء جون موڪلون جون بجاء هاڻي آگسٽ ۾ ٿينديون۔۔۔۔ جون سنڌ ۾ گرم ترين مهينو هوندو آهي پر شاگردن کي بغير پکن، بغير بجليء جي اسڪول جي ڪڙهندڙ ماحول ۾ ويهي پڙهڻو آهي ۔۔۔۔۔۔۔ اڄوڪي ڪاوش ۾ ان سلسلي جو هڪ خط محترم اختيار کوکر جي نالي سان هائيڊ پارڪ ۾ شايع ٿيو آهي جيڪو اوهان اڳيان حاضر آهي: [/JUSTIFY] [JUSTIFY]سنڌ جي تعليم واري سينئر وزير جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪاميٽيءَ جي فيصلي موجب، صوبي جي سمورن اسڪولن ۾ هلندڙ سال کان وٺي ايندڙ ٽن سالن تائين گرميءَ واريون موڪلون جون ۽ جولاءِ مهينن بدران جولاءِ ۽ آگسٽ مهينن ۾ ڪيون وينديون، پر حڪومت جي ان فيصلي تي ڪئمبرج اسڪولن جي انتظاميا عمل ڪرڻ جي پابند نه هوندي، هنن کي اها اجازت هوندي ته اهي اڳ وانگر جون ۽ جولاءِ مهينن ۾ گرمين جون موڪلون ڪري سگهن ٿا. وزير موصوف جو چوڻ آهي ته ڪئمبرج اسڪولن جي نمائندن هن جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل صوبائي تعليم کاتي جي ڪاميٽيءَ سان ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ صاف صاف چيو ته هو حڪومت پاران تڪڙ ۾ ڪيل اهو فيصلو نٿا مڃي سگهن، ڇاڪاڻ جو هنن جي موڪلن گذارڻ ۽ ٻين سرگرمين جو شيڊيول پهرين ئي طئه ٿيل هوندو آهي، جنهن کي تبديل ڪرڻ هنن لاءِ ڏکيو آهي. صوبائي وزير پاران گرمين جي موڪلن جو شيڊيول تبديل ڪرڻ جي حوالي سان بنيادي سبب اهو ٻڌايو ويو آهي ته، جيئن ته هن سال ۽ ايندڙ ٻن سالن تائين رمضان المبارڪ آگسٽ ۾ اچي رهيو آهي ۽ ٻيو ته آگسٽ ۾ چوماسي جي بارشن جو پڻ امڪان آهي، رمضان المبارڪ جي ڪري آگسٽ مهيني ۾ يارهن ڏينهن موڪل ٿي وڃي ٿي، جيڪڏهن آگسٽ ۾ اسڪول کليل هوندا ته ٻارن جي پڙهائي سخت متاثر ٿيندي، ان ڪري فيصلو اهو ٿيو آهي ته ٽن سالن لاءِ جون- جولاءِ بدران جولاءِ- آگسٽ مهيني ۾ گرميءَ جي موڪل ڪئي وڃي. سينئر وزير جو موقف اکين تي، پر هتي بنيادي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته گرميءَ جون ٻن مهينن واريون موڪلون ڇو پيون ڪيون وڃن؟ ظاهر آهي ته اهي موڪلون ڪرڻ جو بنيادي ڪارڻ ٻارن کي گرميءَ جي لپيٽ ۽ موسم جي سختيءَ کان بچائڻ آهي. ان ڪري اهي موڪلون سال جي انهن ٻن مهينن ۾ ڪيون وڃن ٿيون، جن مهينن ۾ سخت گرمي هوندي آهي. ائين ئي ملڪ جي اترين علائقن ۾ وري گرميءَ بدران سرديءَ واري مند ۾ ڊسمبر ۽ جنوري مهينن ۾ اسڪولن جي وئڪيشن ڪئي ويندي آهي ته جيئن ٻارن کي سخت سرديءَ کان بچائي سگهجي. جيڪڏهن گرمين جون موڪلون ڪرڻ جو بنياد ئي موسم جي سختيءَ تي آهي ته پوءِ ڇا موڪلن جو اهو شيڊيول تبديل ڪندڙن، فيصلو ڪرڻ وقت ان بنيادي نقطي کي نظر ۾ رکيو آهي؟ مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن ان نقطي کي نظر ۾ رکيو وڃي ها ته اهڙو غلط فيصلو نه ڪيو وڃي ها. اهو سوال مون جڏهن فيصلو ڪندڙ تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪاميٽيءَ جي هڪ اهم ميمبر کان ڪيو ته هن وراڻيو ته، گڏجاڻيءَ ۾ موسم جي معاملي تي ته غور ئي نه ٿيو، صرف ان نقطي تي غور ٿيو ته ڪراچيءَ جي هڪ سماجي تنظيم صوبائي وزير سان ملاقات ۾ اها صلاح ڏني ۽ گڏجاڻيءَ ۾ مبصر جي حيثيت ۾ خصوصي طور گهرايل ڪراچي انٽر بورڊ جي چيئرمين جو مشورو هو ته جون بدران آگسٽ ۾ موڪلون ٿيڻ سان ٻارن جي تعليم وارا ڏينهن ضايع ٿيڻ کان بچي پوندا. هاڻي ٻڌايو ته جنهن سرگرميءَ جو بنياد جنهن معاملي تي هجي، ان کي غور هيٺ نه آڻجي ته پوءِ ڪهڙو فيصلو ٿيندو؟! جيستائين ٻارن جي پڙهائيءَ وارا ڏينهن بچائڻ واري سوچ آهي ته اها سوچ خراب ناهي، پر ان سوچ جي بنياد تي گرمين جي موڪلن وارو شيڊيول تبديل ڪرڻ ڪيترو درست آهي؟ ڀلا رمضان شريف پهريون ڀيرو ته آگسٽ ۾ ڪونه ٿو اچي، يا رمضان ۾ هر سال ٿيندڙ موڪلون پهريون ڀيرو ته ڪونه پيون ٿين. باقي جيستائين تعلق آهي گرمين جي موڪلن جي بنياد يعني گرميءَ جو، ته اهو ڏسڻ جي ضرورت آهي ته وڌيڪ سخت گرمي جون ۾ ٿئي ٿي يا آگسٽ مهيني ۾ ٿيندي؟ ان لاءِ جڏهن موسميات کاتي جي ويب سائيٽ تي وڃجي ٿو ته سڀ کان پهرين اها ڇرڪائيندڙ خبر ملي ٿي ته سڄي ايشيا کنڊ ۾ هن وقت تائين سخت کان سخت رڪارڊ ڪيل گرمي موهن جي دڙي لاڙڪاڻي ۾ 26 مئي 2010ع تي ساڍا 53 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي. صوبي جي مجموعي گرمي پد جو جائزو وٺڻ لاءِ وچولي علائقي نوابشاهه جي گرمي پد کي بنياد بڻائي سگهجي ٿو. موسميات کاتي جي ويب سائيٽ ٻڌائي ٿي ته، نوابشاهه ۾ جون مهيني ۾ گرمي پد مجموعي طور تي 41 سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي. ان جي ڀيٽ ۾ آگسٽ مهيني ۾ ان علائقي ۾ مٿيون گرمي پد 37 سينٽي گريڊ گرمي رهڻ جو امڪان ڏيکاريو ويو آهي. اهڙي طرح صوبي جي راڄڌاني ڪراچي ۾ به جون ۾ گرميءَ جو مٿيون درجو مجموعي طور 33 سينٽي گريڊ ۽ آگسٽ ۾ 31 سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان ڏيکاريو ويو آهي. انهن انگن اکرن مان صاف ظاهر پيو ٿئي ته جون مهيني ۾ گرمي وڌيڪ سخت ٿئي ٿي، جڏهن ته صوبي جي لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، قمبر- شهداد ڪوٽ، ڪشمور، سکر، دادو ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ ته جون ۾ گرمي پد 49 ۽ 50 سينٽي گريڊ تي به پهچي وڃي ٿو. هاڻي کان وٺي انهن علائقن ۾ گرم جهولا لڳڻ شروع ٿي ويا آهن، جيڪي جون ۾ پنهنجي جوڀن کي پهچن ٿا، جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ 15 جولاءِ کانپوءِ چوماسي جون برساتون شروع ٿي وڃن ٿيون. ان ڪري آگسٽ مهينو جون جي ڀيٽ ۾ ٿڌو رهي ٿو. هاڻي ٻڌايو ته جيڪڏهن وڌيڪ گرمي جون ۾ ٿئي ۽ موڪلون آگسٽ ۾ ڪجن ته پوءِ انهن جو ڪهڙو ڪارج رهي ٿو؟ باقي جيڪڏهن زور ٻارن جي تعليم وارا ڏينهن بچائڻ تي آهي ته پوءِ ڀلا موڪلون ڪجن ئي ڇو؟ سڄو سال پيا ٻار اسڪول وڃن، کين اڃا وڌيڪ پڙهائيءَ جا ڏينهن ملي ويندا. جيڪڏهن جون مهيني ۾ 50 سينٽي گريڊ گرمي پد ۾ ٻار اسڪول ويا ۽ ڪنهن جي جگر جي ٽڪر کي گرميءَ جي لپيٽ اچي وئي ته حڪمرانن جي گهران ڇا ويندو. هنن جا پنهنجا ٻار ته ايئرڪنڊيشنڊ گهرن ۾ رهن ۽ ايئرڪنڊيشنڊ اسڪولن ۾ پڙهن ٿا. چون ٿا ته ٻوڏ جي ڪري ٻارن جي تعليم متاثر ٿي آهي، پر ٻڌايو وڃي ته ان جو ذميوار ڪير آهي؟ اسڪولن ۾ اچي پناهه وٺي ويٺل ٻوڏ ستايلن جي اڃا تائين واپسي مڪمل ڇو نه ٿي سگهي آهي؟ گذريل سال آگسٽ ۾ آيل ٻوڏ جي متاثر ماڻهن جي جيڪڏهن وقت سر واهر ٿئي ها ۽ هنن جي ابتدائي بحالي (ارلي ريڪوري) وارو ڪو پلان جڙي ها ۽ ان تي عمل ٿئي ها ته ٻارن جي تعليم ايتري متاثر نه ٿئي ها، جيتري سرڪاري ادارن جي نا اهلي ۽ لاپرواهيءَ سبب ٿي آهي. ٻيو فيصلو اهو ٿيو ته اي ليول ۽ او ليول واري تعليم ڏيندڙ ڪئمبرج اسڪول حڪومت جي نئين فيصلي تي عمل ڪرڻ جا پابند نه هوندا. ڪئمبرج اسڪولن ۾ ڪنهن جا ٻار پڙهندا آهن؟ ظاهر آهي، انهن اسڪولن ۾ اڪثر اميرن ۽ وزيرن جا ٻار داخل ٿيندا آهن، ته ڇا اهڙي فيصلي سان ٻارن ۾ طبقاتي فرق وارو احساس جنم نه وٺندو؟ مطلب ته اهو فيصلو ڪندڙ وزيرن، اعلى ڪامورن ۽ اميرن جا پنهنجا ٻار ڀلي جون ۾ موڪل ڪن، باقي زور ان تي آهي ته غريبن ۽ وچولي طبقي جي ٻارن جي رمضان شريف ۾ پڙهائي متاثر ٿيندي، ان ڪري هو جون بدران آگسٽ ۾ موڪل ڪن. جيڪڏهن ڪئمبرج اسڪول وارا چون ٿا ته، جيئن ته هو پنهنجون موڪلون گذارڻ جو شيڊيول ٻه مهينا اڳ جوڙيندا آهن، ان ڪري اهو تفريحي شيڊيول حڪومت جي فيصلي ڪري تبديل نٿا ڪري سگهن ٿا، ته ڇا اهڙي آزادي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارن ۽ انهن جي والدين، يا اسڪولن جي استادن کي حاصل نه هجڻ گهرجي؟ سنڌ صرف ڪراچيءَ تي ختم نٿي ٿئي. ڪراچيءَ ۾ هونئن به سمنڊ جي ڪري ايتري سخت گرمي نٿي ٿئي، ان ڪري صرف ڪراچيءَ سان تعلق رکندڙ ڪجهه ادارن جي ماڻهن سان مشورا ڪري اهڙا فيصلا ڪرڻ بدران جيڪڏهن صوبي جي سخت گرميءَ هيٺ ايندڙ علائقن جي ماڻهن کان پڻ پڇڻ جي ضرورت آهي ته اهي جون ۾ ٻار اسڪول موڪلڻ کي ترجيح ڏيندا، يا آگسٽ ۾ اسڪول کليل هجڻ گهرجن، باقي صوبن جي تعليم جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ بدران تعليم واري شعبي کي هرڀرو تجربيگاهه نه بڻايو وڃي ته بهتر ٿيندو. پهرين به اڳوڻي صوبائي وزير تعليم نئون تعليمي سال اپريل بدران آگسٽ کان شروع ڪرڻ جو غلط فيصلو ڪيو هو، جنهن کي موجوده حڪومت رد ڪري ڇڏيو آهي. اختيار کوکر/ ڪراچي [/JUSTIFY]
جواب: سخت گرمي جون ۾ ۽ موڪلون آگسٽ ۾ ؟!! ادا بلڪل صحيح لکيو آهي هن همراهه ! سنڌ ۾ جون ۽ جولائي جا مهينا گرمي پنهنجي چوٽ تي هوندي آهي، جيڪڏهن هنن کي رمضان جي ڪري موڪل ڪرڻي آهي ته 15 جون کان وٺي 31 آگسٽ تائين ڪن موڪليون يعني اڍائي مهينا۔۔
جواب: سخت گرمي جون ۾ ۽ موڪلون آگسٽ ۾ ؟!! ادا جي ڳاله ڪندا سي ته سڀ ڪجه اهو پي پي حڪومت جي بدولت آهي ته ادو سليمان ناراض ٿيندو ان ڪري اسان ڪجه نٿا ڪيون باقي حڪومت اسان کي اڃا ڪهڙآ ڪهڙآ تحفا ڏئي ڪري سنڌي عوام جي فٽڻ تي لوڻ ٻرڪيندي اهو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائي سگهي ٿو ۔۔۔۔ باقي في الحال ايتو ته شينهن جي مرضي آنا ڏي يا ٻچا ۔۔۔۔
جواب: سخت گرمي جون ۾ ۽ موڪلون آگسٽ ۾ ؟!! ادا اڄ جي خبر اها آهي ته گرمين جون موڪلون جون، جولاء ۾ ئي ٿينديو، باقي اسانجي وزير تعليم جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي جي ڪجهه چوندس ته توهان چوندو ته پي پي وران تي تنقيد پيا ڪن ان ڪري ڍڪي ڀلي