[JUSTIFY] دوستو سلام اوهان لاء هڪ ننڍڙي ٽيسٽ کڻي آيو آهيان ۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام آسان آهي۔ هي جيڪي اسان پاڻ کي چالاڪ ٿا سمجهون، ڪي مست ته ڪي جادوگر ته ڪي فقير ته ڪي درويش ته ڪي عاشق پيا سڏجون ۔۔۔۔ انهن سڀني لاء چيلينج آهي۔ هي هڪڙي ڪجهه سيڪنڊن جي ننڍڙي دماغي راند آهي، ڇا اوهان جو دماغ اوهان جي ڪنٽرول ۾ آهي۔ اهو سڀ هاڻي ئي چيڪ ڪري وٺو۔ هاڻي شروع ڪيو: سڀ کان پهرين اوهان پنهنجي ڪمپيوٽر يا آفيس ٽيبل جي سامهون ڪرسيء تي ويهو ۽ پنهنجو ساڄو پير مٿي کڻي ان کي گهڙيال جي ڪانٽي واري رخ ۾ گول دائري ۾ گهمايو، بلڪل ايئن ڄڻ اوهان ڪو گول دائرو ڪڍي رهيا آهيو ۔۔۔ اهو عمل ڪجهه سيڪنڊن تائين جاري رکو۔ هاڻي اوهان ان عمل سان گڏ پنهنجي ساڄي هٿ سان 6 لکڻ جي ڪوشش ڪيو ۽ پير سان پهرين وارو عمل به جاري رکو ۔۔۔۔ هي ڇا اوهان جو پير ته اوهان جو ساٿ ڪونه پيو ڏي ۽ ابتو پيو ڦري ۔۔۔ ڀلي اوهان ٻيهر ڪوشش ڪيو ۔۔۔۔ پر وري ناڪام ويا۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔۔ ۔ ۔۔ ۔۔۔۔ ۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔۔ ۔۔ ۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مان به فيل ٿيو هوس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آهي نه عجيب ٽيسٽ ۔۔۔ ان جو مقصد ته اسان جو دماغ اسان جي ڪنٽرول ۾ ناهي !! [/JUSTIFY]
جواب: اوهان ڪيترا چالاڪ آهيو ؟؟؟ مائينڊ ٽيسٽ اهو ڪم رڳو تاج مستاني کان ٿيندو باقي اسان کان زور آهي، ههههههه
جواب: اوهان ڪيترا چالاڪ آهيو ؟؟؟ مائينڊ ٽيسٽ ادا سليمان اسان جهونا فقير ته پهريان ئي ان گيم کان آئوٽ آهيون ڇو جو هڪ ته اسان جي نظر ايتري تيز ناهي مٿان وري ڪنهن شي کي ايتري دير غور سان ڏسون ته رهنندو چڪر ايندا باقي ٽنگ يا پير کڻڻ جي پاڻ کي عادت ئي نه آهي سو پاڻ کان اها گيم چڙهيل آهي ههههههه :chilli::chilli: باقي شڪارپور وارا اهڙن ڪمن ۾ تيز آهين ۔۔۔۔ ڏسون اهي ڇا ٿا ڪن ههه
جواب: اوهان ڪيترا چالاڪ آهيو ؟؟؟ مائينڊ ٽيسٽ ڳالهه ڳري آهي سائين، پير ڪجهه دير ۾ ئي ٿڪجي پوندو آهي ۽ چيو ئي نٿو مڃي
جواب: اوهان ڪيترا چالاڪ آهيو ؟؟؟ مائينڊ ٽيسٽ يار سليمان اسان شڪارپور وارا اڳ ئي ٿا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سڏجون وري ويتر ڇو ٿو اسان کي اهڙن ڪمن ۾ وجهين يار اسان فقير ماڻهو ڪٿي ٿا اهڙيون ٽيسٽون پاس ڪريون باقي رشيد هر ٽيسٽ پاس ڪندو اٿئي هي ٽيسٽ به اهو ئي پاس ڪري سگهي ٿو ههههههههههههههه سدائين گڏ
جواب: اوهان ڪيترا چالاڪ آهيو ؟؟؟ مائينڊ ٽيسٽ ايئن چئي جان ڇڏائڻ سولو ڪم آهي۔۔۔۔۔۔۔۔ يار جهونا ۔۔۔۔ڪوشش ته ڪيو باقي کٽ کٽائي شاهه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ گدڙ ڊاک نه پڄي، چئي ٿو کَٽا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: اوهان ڪيترا چالاڪ آهيو ؟؟؟ مائينڊ ٽيسٽ سائين ڪوشش مون به گهڻي ڪئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر ناڪام ويس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هٿ سان 6 لکڻ وقت پير به ابتو هلڻ لڳو۔۔۔