
دوستو سلام
اوهان لاء هڪ ننڍڙي ٽيسٽ کڻي آيو آهيان ۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام آسان آهي۔ هي جيڪي اسان پاڻ کي چالاڪ ٿا سمجهون، ڪي مست ته ڪي جادوگر ته ڪي فقير ته ڪي درويش ته ڪي عاشق پيا سڏجون ۔۔۔۔ انهن سڀني لاء چيلينج آهي۔
هي هڪڙي ڪجهه سيڪنڊن جي ننڍڙي دماغي راند آهي، ڇا اوهان جو دماغ اوهان جي ڪنٽرول ۾ آهي۔ اهو سڀ هاڻي ئي چيڪ ڪري وٺو۔
هاڻي شروع ڪيو:
سڀ کان پهرين اوهان پنهنجي ڪمپيوٽر يا آفيس ٽيبل جي سامهون ڪرسيء تي ويهو ۽ پنهنجو ساڄو پير مٿي کڻي ان کي گهڙيال جي ڪانٽي واري رخ ۾ گول دائري ۾ گهمايو، بلڪل ايئن ڄڻ اوهان ڪو گول دائرو ڪڍي رهيا آهيو ۔۔۔ اهو عمل ڪجهه سيڪنڊن تائين جاري رکو۔
هاڻي اوهان ان عمل سان گڏ پنهنجي ساڄي هٿ سان 6 لکڻ جي ڪوشش ڪيو ۽ پير سان پهرين وارو عمل به جاري رکو ۔۔۔۔ هي ڇا اوهان جو پير ته اوهان جو ساٿ ڪونه پيو ڏي ۽ ابتو پيو ڦري ۔۔۔ ڀلي اوهان ٻيهر ڪوشش ڪيو ۔۔۔۔ پر وري ناڪام ويا۔۔۔۔۔۔۔۔۔
هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔۔
۔
۔۔
۔۔۔۔
۔۔۔۔۔۔
۔۔۔۔
۔۔
۔
۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مان به فيل ٿيو هوس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آهي نه عجيب ٽيسٽ ۔۔۔ ان جو مقصد ته اسان جو دماغ اسان جي ڪنٽرول ۾ ناهي !!