• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نادان دل

مزمل چانڊيو

سينيئر رڪن
غزل
تـتــــل ڌرتــــي جيئان ٿــــــي ٻــري نادان دل
فـٽــــن تـــي لــــوڻ جيئان ٿي قُــري نادان دل

جــدائي جــــــــو دونهو ڪري لارون ٿو مٿــي
سڪـل ڪـــــاٺ جيئان ٿي سڙي نادان دل

ٻــاري مهڻن جـــــي تيـلي ڏنــــي تو آ جيڪا
ڪـنهن ممـــڙ جيئان ٿـــــــي مچي نادان دل

هـن دل کـــي تو ڪــيو ڪيئن آ ننڌڻڪو
ننـــڍي ٻـــــــــار جــيئان ٿـــــي رڙي نادان دل

تو ســـــــواءِ زنـدگـــــي ۾ جــــئيڻ آ بيقــراري
ڏکــــئي مــوت جيئان ٿــــــي مـري نادان دل

مزمل چانڊيو
 
Back
Top