• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪـڍي منهن دري مان سڪائيندو نـ ڪر

مزمل چانڊيو

سينيئر رڪن
غزل
ڪـڍي منهن دري مان سڪائيندو نـ ڪر
ڏ ئـــي هـــــٿ جــا اشـــــارا ستــائيندو نـ ڪر

ڏ کـــايــل هـــان ڏاڍو مــان تنهنجي ڪـــري
ڪــري مـذاق مشڪريون کلائيندو نـ ڪر

ڏســـــي مونکي ســـامهون مٽائين ٿـــو منهڙو
بڻائي پاگــــل پويان پنهنجي ڀڃائيندو نـ ڪر

هــر ڪو ماڻهو ڏســـي ٿو توکي واٽ ويندي
ڏ ئـــــي ســــــٽ وارن کــــــي ورائيندو نـ ڪر

ڪـرڻ چـار ڳــالهيون ڪـڏهـن ايندا ڪيو
رهـــي ڏور دل منهنجي کــي ڏکائيندو نـ ڪر

ڪــــيان يــاد تــوکــي آئـــون ا ٺيي پهــر ويٺو
ڪــري يـــــاد گـهــڙي کـــــن ڀلائيندو نـ ڪر

تنهنجي دل ۾ آئــــون ٺاهـــڻ گهر ٿو چاهيان
ان دل تان "مزمل" کي وري لاهيندو نـ ڪــر

مزمل چانڊيو
 
جواب: ڪـڍي منهن دري مان سڪائيندو نـ ڪر

واه جي واه تمام بهترين مهرباني سائين
 
Back
Top