• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سمجھيم تون آيو آهين

مزمل چانڊيو

سينيئر رڪن
رات جي ڪارن پهرن ۾ ٿيو کٽڪو اچانڪ
سمجھيم تون آيو آهين

ٻـڌم آواز جــڏهن سڪــــل پنن تي هلڻ جـــو
سمجھيم تون آيو آهين

ڀـري ڇــــرڪ جــڏهن اُڏريــــا پکــي وڻ مــان
سمجھيم تون آيو آهين

ســـــــڏ تنهنجا پـــڙاڏو ٿـــــي گونجــا ڪنن ۾
سمجھيم تون آيو آهين

ٿيو محـــــسوس ڄــــڻ دروازي تي ڪــو آهي
سمجھيم تون آيو آهين

پيو سڏڪي ڪــوئي ڳـــوڙن جي لارن سان
سمجھيم تون آيو آهين

مزمل چا نڊ يو
 
جواب: سمجھيم تون آيو آهين

سائين بهترين شاعري اوهان جي انشاءِ الله جاري رهندي۔
وسلام
 
Back
Top