ميان نواز شريف جي سنڌ آمد

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏17 مئي 2011۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي


    ميان نواز شريف جي سنڌ آمد


    پاڪستان مسلم ليگ نواز گروپ جو سربراهه ميان نواز شريف سومر کان سنڌ جي دوري تي آيل آهي، جتي ٻن ڏينهن اندر سنڌي قومپرست جماعتن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري سنڌ ۽ سنڌين متعلق پنهنجي پارٽي پاليسيءَ جي نئين سر جوڙجڪ ڪرڻ چاهي ٿو. سندس ظاهر ٿيل پروگرام موجب هو سيد جلال محمود شاهه ۽ بعد ۾ سيد شاهه محمد شاهه توڙي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سان گڏجاڻيون ڪري سنڌ جي حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. مستقبل جي گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ ۽ سهڪار ڪرڻ واسطي کين دعوت ڏيندو. انهيءَ کان اڳ گذريل مهيني جي 30 تاريخ تي سنڌ جي قومپرست ڌرين طرفان آدمشماري واسطي گهرن جي ڳڻپ ۾ ٿيل بدعنوانين ۽ بي قاعدگين خلاف ڪامياب احتجاجي هڙتال ۾ پڻ ميان نواز شريف جي مسلم ليگ سنڌ شاخ پاران حصو ورتو ويو هو ۽ اها هڙتال سمورين ڌرين جي جاکوڙ سان سڦل ثابت ٿي.
    ميان نواز شريف جا سنڌي قومپرستن سان لاڳاپا سڀ کان پهرين 1990ع ڌاري تڏهوڪي وزير اعليٰ ڄام صادق علي مرحوم ۽ مئڊم حميده کهڙو جي معرفت ٿيا هئا. پر ان وقت جي تقاضائن ۽ سوچ ۾ اڄوڪين حالتن پٽاندڙ وڏو ڦيرو اچي چڪو آهي. مثال طور ويهه ورهيه اڳ ۾ ٿيل انهن رابطن جو مرڪزي نقطو پ پ خلاف اهڙو فائول پلي وارو محاذ ٺاهڻ هو، جنهن جو مقصد ملڪ جي هِن سڀ کان وڏي سياسي جماعت ۽ ان جي قيادت کي اهڙيءَ طرح بلڊوز ڪرڻ هو، جو پ پ جا اڳواڻ سياست ڇڏڻ تي مجبور ٿي ميدان خالي ڪري ڇڏين.

    ميان صاحب ۽ سندس جماعت مسلم ليگ، صدر غلام اسحاق، ڄام صادق علي، ايم ڪيو ايم ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ٻين ڇاڙتن جي مدد سان سنڌ مٿان ڏاڍ، زور ۽ جبر وسيلي پنهنجي حڪمراني قائم ڪري ورتي، انهيءَ مقصد ۾ کين جنرل گل حميد جي سربراهي هيٺ خفيه قوتن جو کليل ساٿ هو، جن نوي وارين عام چونڊن ۾ اسلامي جمهوري اتحاد جي نالي ۾ ذري گهٽ سمورين سياسي پارٽين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ بيهاري، پ پ کي اڪيلو ڪري ڇڏيو. ايتري قدر جو مٿس بيهودا الزام به مڙهيا ويا ته هيءَ پارٽي ملڪ دشمن يا Security risk آهي، تنهن ڪري عوام ان جي حق ۾ ووٽ نه وجهن. هي اهو ئي زمانو هو، جڏهن نواز شريف پهريون ڀيرو جاڳ پنجابي جاڳ جو نعرو بلند ڪري پنجابي قومپرستي کي اُڀاريو. گذريل 22 سالن ۾ بهرحال پاڪستان اندر ۽ بين الاقوامي سطح تي جيڪا تاريخ ساز اٿل پُٿل ۽ تباهي ٿي چڪي آهي، خود نواز شريف ۽ پ پ قيادت نان-سويلين قوتن هٿان قيد ۽ جلاوطنيءَ جا جيڪي عذاب سَٺا آهن، ٻنهي ڌرين، وفائن جي عيوض جيڪي بيوفائيون ڀوڳيون آهن، تن مان ايترو تجربو ۽ سبق حاصل ضرور ڪيو اٿن، جو هاڻي هڪ ٻئي جي وجود جا ويري ناهن رهيا. منجهن سياسي اختلاف ۽ سوچ فڪر جا تضاد برابر آهن، پر ايترو سمجهي چڪا آهن ته ملڪ جي بقا لاءِ جمهوري سرشتو ۽ سمورين سياسي پارٽين جو جياپو ۽ سهپ لازمي آڪسيجن آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي ته مسلم ليگ نواز جا ٻيا ليڊر ڪيترا به سخت ۽ تلخ بيان ڏيندا هجن، ميان صاحب هر ڀيري ۽ هر قسم جي بحران ۾ جمهوري حڪومت جي خاتمي لاءِ زور نٿو ڀري. مثال طور ائبٽ آباد ۾ تازو ٿيل آمريڪي سي آءِ اي جي فوجي آپريشن کانپوءِ جتي ڪيترن اڳواڻن صدر آصف علي زرداري ۽ وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلانيءَ کان استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، اتي مسلم ليگ جي سربراهه انهيءَ گهوٽالي جو ذميوار سياسي قيادت کي ٺهرائڻ بدران عسڪري قوتن کي قرار ڏنو ۽ چونڊيل حڪومت کي هٽائڻ يا استعيفيٰ ڏيڻ جي ڳالهه ئي نه ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو حڪومت ۽ اپوزيشن ان ڪئمرا ۾ ٿيل پارليامينٽ جي اجلاس اندر گڏيل منظوريءَ سان تحقيقاتي ڪميشن قائم ڪرڻ ۽ اصل جوابدارن کان حساب ڪتاب وٺڻ جو متفقه فيصلو ڪرڻ ۾ سوڀ حاصل ڪئي. ميان نواز شريف جي سنڌ اچڻ بابت اڄ صبح کان وٺي مختلف دوستن ۽ سوچيندڙ ذهن رکندڙ نوجوانن ايس ايم ايس ذريعي پنهنجا ويچار ونڊيا آهن.
    ساڳئي وقت اڄوڪي ڪاوش جي هائيڊ پارڪ ۾ گل چوهاڻ نالي سان خط ڇپيو آهي، جنهن ۾ ميان نواز شريف کي اها ميار ڏني ويئي آهي ته ”پاڻ جڏهن پنجاب ۾ هوندو آهي ته کيس سنڌ جا ٻوڏ سٽيل بي يار و مددگار سنڌي وسري ويندا آهن. انهن ئي شريف ڀائرن اقتدار ۾ اچي پيپلز پارٽيءَ سان پلاند ڪرڻ خاطر هزارين سنڌي نوجوانن کان روزگار کسي سندن گهرن جا چُلها اُجهائي ڇڏيا ۽ جڏهن ٻيهر پ پ پ اقتدار ۾ اچي انهن نوجوانن کي روزگار سان لڳائيندي آهي، ته اهي ساڳيا شريف برادرز اهڙي فيصلي خلاف اسيمبلين مان واڪ آئوٽ ڪندا آهن. ٻيو ته ٺهيو پر هو پنهنجي تخت لاهور تي ويهي سنڌ جي ورهاڱي جي به ڳالهه ڪن ٿا. ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي ڳالهه ڪري سنڌي قوم جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪين ٿا. اڄ جڏهن ميان صاحب سنڌ ياترا تي اچي پيو ۽ سنڌ جي قومپرست اڳواڻن اياز لطيف پليجو، ڊاڪٽر قادر مگسي، سيد جلال محمود شاهه ۽ ٻين سان ملاقات ڪندو ته سنڌ جي قومپرست اڳواڻن کان اسان جو مطالبو آهي ته اهي ميان صاحب کان پنجاب ۾ ويهي سنڌ خلاف ڏنل بيانن بابت پڇاڻو ضرور ڪن.“
    جيتوڻيڪ مٿين ٻنهي دوستن ميان نواز شريف ۽ سندس پارٽيءَ پاران ماضيءَ ۾ سنڌ جي ماڻهن ۽ انهن جي نمائندن سان ڪيل ڏاڍائين تي دانهيو آهي، پر خط لکڻ واري دوست جي ڳالهه ۾ وڌيڪ وزن آهي ته هاڻي هڪ دفعو ٻيهر جڏهن مسلم ليگ جو سربراهه سنڌي قومپرست ڌرين ڏانهن اتحاد جو هٿ وڌائي رهيو آهي ته کيس گهٽ ۾ گهٽ ماضيءَ ۾ سنڌين سان ڪيل ارهه زورائين ۽ سندس پارٽيءَ پاران ٿيل ناانصافين جي يادگيري ضروري ڏيارجي. ساڳئي وقت سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن بابت کليل بحث مباحثو ڪري پنهنجي موقف جي سچائي مٿس ۽ ٻين مسلم ليگي اڳواڻن مٿان عيان ڪرڻ نهايت ضروري امر آهي. کيس احساس ڏيارڻ گهرجي ته اڄ کان اڳ ۾ سندس جماعت نه رڳو ناڻي جي ورڇ پر ارسا جي سنڌ دشمن بيوروڪريسي پاران چشمه-جهلم ڪئنال وسيلي بار بار سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙا هڻڻ جي وارداتن، سنڌ جي معدني وسيلن خاص ڪري تيل، گئس ۽ ٿر جي ڪوئلي جي مالڪيءَ بابت صاف صاف ڳالهه ڪرڻ کان نه رڳو ڪيٻايو آهي، بلڪه گهڻو تڻو سنڌ جي حق تلفين ۾ شريڪ پڻ رهي آهي. ٻي اهم ڳالهه ته پيپلز پارٽي ۽ ڀٽو دشمنيءَ ۾ سموريون حدون اورانگهي هنن بنگلاديش منجهان جيڪي بهاري گهرايا ۽ کين پنجاب ۾ آباد ڪرڻ جو آسرو ڏنو، سي سڀ جا سڀ اتان ڀڄي اچي ڪراچي ۽ ٺٽي ضلعي ۾ گهارو ۽ ڌاٻيجي شهرن ۾ پنهنجن مائٽن وٽ آباد ٿيا آهن. انهن ۾ سوين تربيت يافته الشمس ۽ البدر جا قاتل دهشتگرد پڻ شامل آهن، جن مشرقي بنگال ۾ بنگالي مسلمانن سان ويل وهايا ۽ هاڻي هتي سنڌين جو جيئڻ جنجال ڪيو اٿن. ميان نواز شريف کان اهو پڇاڻو ضرور ٿيڻ گهرجي ته آخر سنڌي عوام سندن ڪهڙو ڏوهه ڪيو، جنهن جي کين اذيت ناڪ سزا ڏيڻ خاطر ان وقت سندن پارٽيءَ جي وزير اعليٰ پنجاب مرحوم غلام حيدر وائين بهارين جي آمد لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو هو؟ جيڪڏهن سنڌي ماڻهن مسلم ليگ کي ووٽ نه ڏنو ۽ پ پ پ جي حق ۾ پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪيائون ته اهو سندن جمهوري حق هو. مسلم ليگ جي سربراهه کي سنڌين سان ڪيل هن ناحق جي معافي ته ضرور وٺڻ گهرجي، ته جيئن سنڌين جي دلين ۾ جيڪا جائز ڪاوڙ آهي، سا جَهڪي ٿئي ۽ سندس جماعت کي سنڌ ۾ پير پائڻ جو موقعو ملي سگهي. چريا کريا آهيون، پر ايترو سمجهون ٿا ته حڪمران پارٽيءَ جي پرفارمنس مان پيدا ٿيل مايوسيءَ جو فائدو وٺڻ خاطر ميان نواز شريف سنڌ اندر اتحادين جي ڳولها شروع ڪئي آهي، پر ميان صاحب کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته ماضيءَ ۾ پاڻي، ناڻي، نوڪرين، معدني وسيلن، ترقياتي فنڊن توڙي ٻين شعبن ۾ جنهن سنڌ دشمني کان ڪم ورتو ويو آهي، ان جو ازالو ڪرڻ لاءِ سنڌي عوام اڳيان نئون نڪور پروگرام ميان نواز شريف کي ضرور پيش ڪرڻو پوندو.
    پر ميان نواز شريف کان اڳ ۾ سنڌي قومپرست تنظيمن کي گهرجي ته پنجاب جي سياسي قيادت کي ذهن نشين ڪرائين ته جيستائين 1940ع واري قرارداد پاڪستان موجب هڪ نئون آئين تيار ڪري، هڪ نئون دستور ٺاهي ملڪ ٺاهيندڙ اصل قومن جي خودمختيار حيثيت يعني کين اسٽيٽ يا رياست جو درجو ڏيئي، برابري واري بنياد تي نئين سر وفاق يا مرڪز نه ٺاهبو ۽ قومن جي تاريخي وجود توڙي سندن وسيلن جي مالڪيءَ واسطي آئيني ضمانت نه ڏني ويندي، تيستائين جمهوريت توڙي پاڪستان جي بقا جي ضمانت به حاصل ٿي نه سگهندي. بلڪه اڃا ائين چئجي ته جيسين گذريل 64 سالن ۾ ننڍين قومن سان ٿيل مسلسل ناانصافين ۽ واعدي خلافين جو ازالو ڪرڻ لاءِ سچي نيت سان هڪ صاف سٿري ايجنڊا تي ڪم جي شروعات نه ڪئي ويندي، تيسين سڀني صوبن جي ماڻهن اندر نه ٻڌي پيدا ٿي سگهندي، نه قومي جذبو ۽ نه ئي پاڪستان جي بنيادن کي مضبوط بڻائي سگهبو. هن سلسلي ۾ پنجاب کي اڳڀرائي ڪرڻي آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪي پيداوار جو وڌ ۾ وڌ حصو پنجاب ۽ ان سان لاڳاپو رکندڙ عسڪري ادارن مٿان خرچ ٿئي ٿو، جنهن جو اڄ ڏينهن تائين چونڊيل پارليامينٽ کي به ڪو حساب ڪتاب نه ڏنو ويو آهي. تازو هن اهم ترين سوال کي به مسلم ليگ نواز شريف جي پارلياماني اڳواڻ چوڌري نثار عليءَ ميڊيا آڏو کنيو آهي ۽ بار بار ورجائي چيو آهي ته دفاعي بجيٽ جو خرچ پکو عوام اڳيان پڌرو ڪرڻ خاطر، آئينده قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ پيش ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي خبر پوي ته سندن رت پگهر جي ڪمائي ڪهڙن ڪهڙن دفاعي ڪمن تي خرچ ٿي رهي آهي.
    اسٽيبلشمينٽ جي ڊارڪ روم ۾ ٺاهي تيار ڪيل پارٽي يعني مسلم ليگ اڄڪلهه ميان نواز شريف جي قيادت ۾ خود اسٽيبلشمينٽ لاءِ ئي وڏو ڌچو يا چئلينج ثابت ٿي رهي آهي. ننڍن صوبن جي عوام کي ان منجهان خير جي اميد رکڻ گهرجي يا نه، سو ته وقت ٻڌائيندو باقي اسامه بن لادن مرندي مرندي هڪ تاريخي ڪم ڪري ويو، جو 64 سالن ۾ شايد پهريون ڀيرو عسڪري قيادت پنهنجو پاڻ کي چونڊيل نمائندن آڏو سرينڊر ڪري پنهنجين خطائن جي معافي ورتي آهي.

    تحرير دستگير ڀٽي
    روزاني ڪاوش











    .
     
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ميان نواز شريف جي سنڌ آمد

    پاڻ جڏهن پنجاب ۾ هوندو آهي ته کيس سنڌ جا ٻوڏ سٽيل بي يار و مددگار سنڌي وسري ويندا آهن. انهن ئي شريف ڀائرن اقتدار ۾ اچي پيپلز پارٽيءَ سان پلاند ڪرڻ خاطر هزارين سنڌي نوجوانن کان روزگار کسي سندن گهرن جا چُلها اُجهائي ڇڏيا ۽ جڏهن ٻيهر پ پ پ اقتدار ۾ اچي انهن نوجوانن کي روزگار سان لڳائيندي آهي، ته اهي ساڳيا شريف برادرز اهڙي فيصلي خلاف اسيمبلين مان واڪ آئوٽ ڪندا آهن. ٻيو ته ٺهيو پر هو پنهنجي تخت لاهور تي ويهي سنڌ جي ورهاڱي جي به ڳالهه ڪن ٿا. ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي ڳالهه ڪري سنڌي قوم جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪين ٿا.

    سائين هي سوال نواز شريف کان وڌيڪ سنڌي قوم پرست نام نهاد اڳواڻن کان ڪرڻ گهرجن هو ته پنهنجي مقصد سان آيو آهي ۔ بس هنن قوم پرستن توڙي سياي پارٽين جي اڳواڻن جو مطب هڪ ئي آهي اهو آهي اقتدار هي اهي ماڻهون آهن جن پنهنجي اڇليل ڪئي ڀيرا پنهنجي مقصد لاءِ کنئي آهي ۔ هنن کي ناهن ميارون ميار ڪنهن با ضمير با ظرف کي ڏبي آهي ۔
    وسلام
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ميان نواز شريف جي سنڌ آمد

    جي ادا بلڪل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو