• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پنهنجو ڪر ڪرم

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
پنهنجو ڪر ڪرم
پنهنجو ڪر ڪرم آءُ ته ادنى آهيان
پل پل ۾ اڀري اچن ٿا وڏا ڪي وهم
دنيا ڌوڪي ساز آ تو ۾ آس اٿم
مونکان مون شرم ، ڏاڏل عمل اهڙا​
 
جواب: پنهنجو ڪر ڪرم

تمام بهترين ادا ڏاڏل پر شاه صاحب جو بيت آهي ته پاڻهي ايندم هوت پر آء به ڪجه اڳڀري ٿيان متا چئي خان بلوچ ڪميڻي مان ڪجه نه ٿيو ۔۔ انسان کي هر وقت خدا جي رحمت جو طلبگار رهڻ گهرجي پر ان سان گڏگڏ پهنجي عملي زندگي ۾ به اهڙا ڪم ڪرڻ گهرجن جنهن سان پهنجي پر ور دگار ان رحمان ۽ رحيم جي غضب کان بچي سگهون ۔۔ڇو ته هو جيترو غفور ۽ رحيم آ ته اوترو قهار به آهي ۽ شديد العقاب به آهي ۔۔ لک ٿورا اوهان جا اوهان جي ان سهڻي شيئرنگ جا ۔۔
 
جواب: پنهنجو ڪر ڪرم

سائين اوهان جي پسند ڪرڻ جي مهرباني ۔ بيشڪ اوهان سچ چيو ان ۾ ڪو شق ناهي ته اسان کي اوتري ڪوشش ڪرڻ گهرجي جنهن مان هن کي بخشش جو بهانو ملي سگهي ۔
وسلام
 
Back
Top