نماڻو عرض

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ صفدر عباس طرفان آندل موضوعَ ‏17 مئي 2011۔

  1. صفدر عباس

    صفدر عباس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 مئي 2011
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڏکايل انسانن جي مدد ڪرڻ
    ماڳ:
    سنڌ
    سلام اعيلڪم مانَ وارا ساٿيو۔۔۔
    مونکي ويب ڊزائين سکڻ جو شوق ڪافي عرصي کان آهي ۽ نيٽ جي ذريعي ڪافي ڪجهه سکڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي ۽ هڪ سنڌي ۾ سائيٽ به ٺاهي آهي، جنهن کي آئون انٽرنيٽ تي ڏيڻ ٿو چاهيان۔ ان سلسلي ۾ اوهان جي مدد جي ضرورت آهي۔ مونکي ڪنهن سستي هوسنٽگ سائيٽ جو ڏس به ڏيو ۽ ان تي پنهنجي سائيٽ کي اپلوڊ ڪرڻ جو طريقو به سمجهايو ته توهان جا وڏا وَڙَ ٿيندا۔۔۔ڊومين نيم جي خريداري ،،،،،،،،،، مطلب ته سائيٽ کي انٽرنيٽ تي لائونچ ڪرڻ لا جن مرحلن مان گذرڻو ٿو پوي انهن جي ڄاڻ ملي وڃي ته هوند واه واه ٿي وڃي۔

    مِٺي ڌڻي در توهان دوستن لا دعاڳو آهيان۔
     
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: نماڻو عرض

    ادا خبر هجي ها ته ضرور ڏيون ها ڀا
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: نماڻو عرض

    ادا صفدر عباس، اجهو اسانجو دوست رشيد سمون آيو ته ممڪن اوهانجي سوالن جا جواب ڏئي وجهي، ۽ جيڪڏهن اوهانکي تڪڙ آهي ته اوهان کيس ذاتي نياپو ڪريو ته کيس جلد ملي ويندو ۽ اوهانکي جواب ڏيندو ۔۔۔

    اوهانکي سنڌ سلامت تي اچڻ سان ڀليڪار ٿي چئجي ۔۔۔ اميد ته ڀيرو نه ڀڃندا ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: نماڻو عرض

    محترم صفدر عباس صاحب ۔۔۔ سنڌ سلامت فورم تي توهان کي ڀليڪار۔۔۔
    منهنجا دوست اها منهنجي خوش نصيبي هوندي جو توهان جي ڪنهن ڪم اچي سگهان۔۔۔ جيتري تائين سستي هوسٽنگ جو تعلق آهي ته منهنجي توهان کي صلاح آهي ته سڀ کان پهريان پنهنجي سائيٽ کي ڪنهن مفت جي هوسٽنگ تي لڳائي ڏسو۔۔۔ جئين توهان ان کي بهتر طريقي سان آن ايئر ڏسي سگهو ۔۔۔۔ ان سلسلي ۾ محترم مشتاق اصغر جن جو هي موضوع توهان کي ڪافي فائدو ڏيندو جتي توهان پنهنجي سائيٽ کي هوسٽنگ کان وٺي سائيٽ جي ڊومين کي مختصر ڪرڻ به سکي وٺندو۔۔۔
    پر جيڪڏهن توهان پنهنجي سائيٽ مڪمل ڪري ڇڏي آهي ۽ مفت هوسٽنگ جو تجربو به ڪري ڏٺو آهي ۽ هاڻي توهان مفت هوسٽنگ کان هٽي کان گهٽ اسپيس ۽ ڊومين سان خريداري ڪرڻ ٿا چاهيو ته ان سلسلي مون کي ذاتي پيغام ڪريو۔۔۔ ڪوشش ڪري پنهنجي ذاتي احبابن وٽ توهان کي هوسٽنگ ڏياربي جيڪا سستي هجڻ سان گڏ معياري پڻ هوندي۔۔۔
     
  5. صفدر عباس

    صفدر عباس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 مئي 2011
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڏکايل انسانن جي مدد ڪرڻ
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: نماڻو عرض

    سائين رشيد سمون سائين توهان جا قرب جو توهان منهنجي نماڻي عرض تي نظر وڌي۔ مون کي خوشي ٿي توهان جو جواب ڏسي۔ مون هڪ ذاتي پيغام توهان ڏانهن موڪليو آهي ، اميد آهي ته ان مسئلي ۾ منهنجي رهنمائي ڪندا۔۔۔
    سنڌ سلامت
    ساٿ سلامت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو