[JUSTIFY] زندگيءَ کي اڃان سهڻو بڻائي سگهجي ٿو، جيڪڏهن ماڻهون پنهنجي خام خيالي يا ڪاٽو سوچ کي سڃاڻي وٺي، ۽ انهن ڪاٽو سوچن کي واڌو ۽ سهڻي سوچ سان بدلائي ڇڏي ... ڪاٽو سوچ پنهنجي پوري سگهه سان ماڻهونءَ جي ذهن ۾ ، ڳالهه ٻولهه ۽ عمل ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي وٺندي آهي ۽ ماڻهونءَ کي خبر به نه پوندي آهي ... ڪاميابي جي ڪنجي اها آهي ته ماڻهون پنهنجي ان ڪاٽو سوچ کي پڪڙي وٺي ۽ انهن کي پيرن هيٺان ائين لتاڙي جيئن ڪنهن زهريلي، خون پياڪ ڪيڙي کي لتاڙبو آهي، انکانپوءِ انجي جاءِ ته سهڻين سوچن کي جڳهه ڏيڻ شروع ڪري، ائين ڪرڻ سان هر عمل ۾ هڪ واڌو بدلاءُ ڏسڻ ۾ ايندو ... اچو ته ڪجهه اهڙن طريقن تي غور ڪريون جن سان ڪاٽو سوچ پئدا ٿئي ٿي ... انهن طريقن کي چٽو ڪري يا واضح ڪري ان جي جاءِ تي سهڻي ۽ واڌو سوچ کي آڻجي ته ماڻهونءَ جي پوري دنيا بدلجي وڃي ٿي ... 1. آءُ تڏهن خوش ٿيندس، جڏهن......؟ مسئلو؛ جيڪڏهن اوهان اهو سوچيندا ته اوهان تيستائين خوش نٿا ٿي سگهو جيستائين ڪنهن هڪ منزل يا حد تائين رسندا ... يا وري ڪنهن خاص ڪمائيءَ تائين پهچندا ... يا وري ڪو مخصوس گهر ٺاهي يا خريد ڪري سگهندا ... يا گاڏي خريد ڪري سگهندا يا وري فلاڻو ڪمپيوٽر خريد ڪري وٺندا، ته يقين ڄاڻو اوهان زندگي ڀر خوش ٿي نه سگهندا، ڇاڪاڻ ته هزارين خواهشون اهڙيون جو هر خواهش تي دم نڪري جي ڳالهه جيئان، هڪ خواهش پوري ڪندا ته ٻي اڀري بيهندي ۽ خواهش ڪڏهن ختم ناهي ٿيندي ... انسان گهڻي کان گهڻي جي پويان عمر ڀر هلندو رهندو آهي ... حل؛ اوهان پنهنجي حال ۾ خوش رهڻ سکو، جيئن آهيو، جت آهيو ۽ جهڙا آهيو، جيڪي آهيو، خوشي حاصل ڪرڻ ڪو فارمولو ناهي، جو اوهان اهو فارمولو استعمال ڪندا ته خوش رهندا، خوشي ته اوهان بلڪل هاڻ جو هاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا، پنهنجي مٿان قدرت جون رحمتون ڳڻڻ شروع ڪريو، موجوده حالتن ۾ به ڪيتريون ئي سهڻيون شيون آهن اوهانجي چوڌاري؟ ممڪن اها ڳالهه اوهانکي سادي لڳندي هجي پر پوءِ به خوش رهڻ اوهانجي هٿ ۾ آهي ... 2. منهنجي خواهش آهي ته آءُ هُنَ جهڙو ٿيون ... جيئن هو فلاڻو، اداڪار ، دوست يا امير آهي؛ مسئلو؛ اسين ڪڏهن به اهڙا سهڻا، اهڙا باصلاحيت، اهڙا امير، اهڙي شڪل وارا، نٿا ٿي سگهون جيئن ٻيا آهن، غور ڪري ڏسجي ته هن دنيا ۾ هر ماڻهون کان بهتر يا چڱو ٻيو ماڻهون موجود هوندو آهي، انڪري جيڪڏهن اسين ٻين سان پاڻ کي ڀيٽ ڪرڻ شروع ڪنداسون ته اسين ڪٿي نه ڪٿي پاڻ کي گهٽ محسوس ڪنداسون، ۽ پوءِ پاڻ کي خراب سمجهڻ شروع ڪنداسون، ان سان خوشي ناهي ملندي. حل؛ پاڻ کي ٻين سان ڀيٽڻ بند ڪريو، ان جي بجاءِ پاڻ کي غور سان ڏسو، اوهانجي سگهه ڇا آهي، اوهانجون حاصلات ڇا آهن، اوهانجون ڪاميابيون ڪهڙيون آهن، بيشڪ ڪيتريون ئي مختصر يا ننڍڙيون ئي ڇو نه هجن، اوهان پنهنجين ڪهڙين ڳالهين کي پسند ڪريو ٿا، پنهنجو پاڻ کي اهميت ڏيو ۽ اوهين جهڙا به ۽ جيئن به آهيو پاڻ سان پيار ڪريو، نه ڪي ان کي نظر ۾ رکو جنهن جهڙا ٿيڻ ٿا چاهيو، هر هڪ ۾ پنهنجيون پنهنجيون سٺايون آهن، هر هڪ ۾ پيار آهي ۽ اسان هر هڪ ۾ پوريون، سهڻيون ۽ ڪامل انساني صلاحيتون ڀريل آهن. 3. ٻين جي سوڀ تي ساڙ يا حسد سبب اندر ۾ تڪليف ٿئي ٿي. مسئلو؛ ڇا هن ڪائنات ۾ تمام ٿورائي ماڻهن جي ڪامياب ٿئي ٿي، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته تمام گهڻا ماڻهون ڪامياب ۽ ڪامران ٿين ٿا، بيشڪ سڀني جون حاصلات الڳ الڳ ٿين ٿيون پر ڪاميابيون ٿين ٿيون. حل؛ ٻين جي ڪاميابي کي قبول ڪرڻ ۽ ان تي خوش ٿيڻ گهرجي، ۽ انهن ڪاميابين مان سبق پرائڻو آهي، ۽ خوش ٿيڻو آهي، انهن ڪاميابين کي قبول ڪرڻ ۽ سمجهڻ کانپوءِ پاڻ تي نظر گهمايو، ڇا اوهان ڪامياب نٿا ٿي سگهو؟ اوهان ڪو رستو اختيار ڪيو، پهرين کان وڌيڪ سهڻو ۽ سگهارو ته سمجهو اوهين ڪامياب آهيو، انهن ماڻهن تي نظر نه رکو جيڪي اوهان کان اڳ ڪي ڏاڪا چڙهي اڳڀرا ٿي چڪا آهن، پر انهن ماڻهن تي نظر ڦيرايو جيڪي اوهانکان هيٺ اڃان ڏاڪڻ جي پهرين ڏاڪي تي بيٺا آهن يا اڃان ڏاڪڻ ڪڏڻ شروع ئي نه ڪئي اٿن. اوهانکي ڪروڙين ماڻهون نظر ايندا جيڪي اوهان کان گهڻو گهٽ هوندا آهن، جن وٽ اڃان ايترو به ناهي هوندو جيترو اوهان وٽ موجود آهي. 4. آءُ نپٽ ناڪاره ماڻهون آهيان، آءُ ڪا به شئي سهي طرح سان ڪري نٿو سگهان؟ مسئلو؛ هر هڪ ماڻهون ناڪامياب ٿيندو آهي، جيڪڏهن غور ڪبو ته هر ماڻهون ڪٿي نه ڪٿي ڪري پوي ٿو، ڪيترائي گهمرا ۽ ڪيترن ئي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪامياب ٿئي ٿو، جيڪڏهن صرف ناڪاميابين تي نظر ڪبي ته ماڻهون پاڻ کان نفرت ڪرڻ لڳي ٿو، ان طرح سان سوچ ڪبي ته پنهنجي شڪل ڀيانڪ نظر ايندي ۽ ماڻهونءَ کي اهڙيون ته ذهني ڪمزوريون اچي وڪوڙينديون جو هو اڳتي هلڻ جهڙو ئي نه رهندو آهي. حل؛ پنهنجين ڪاميابين تي نظر ڪيو ۽ پنهنجي ناڪاميابين کي پاسي تي رکو، پنهنجي پوئتي واري حياتيءَ تي نظر ڦيرايو، ڪجهه ڏينهن، مهينا يا سال اڳ جيڪي سوڀون اوهان ماڻيون آهن انهن تي غور ڪيو، پنهنجين سوڀن جي لکت پاڻ وٽ ٺاهيو، ڪتاب جي صورت ۾ يا آنلائين انٽرنيٽ تي، هر روز پنهنجي ننڍي کان ننڍي ڪاميابي کي لکت ۾ آڻيو، سال گذرڻ کانپوءِ جيڪڏهن اوهان اهو ڪاغذ يا ڪتاب کڻي ڏسندا ته اوهانکي حيرانگي ٿيندي ته اوهان ڪيتريون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. جنهن سان اوهانجي واڌو سوچ وڌندي ۽ پاڻ تي اعتماد وڌندو. 5. آءُ فلاڻي ڪه فلاڻي کي ڪيئن به ڪري هارائيندس، آءُ هن کان وڌيڪ آهيان، آءُ کيس ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ ۾ مدد نه ڪندس، ممڪن هو مونکي ئي هارائي وجهي ...؟ مسئلو؛ مقابلي واري جنون ۾ اها سوچ وڌندي آهي ته هن دنيا ۾ سون جو مقدار تمام گهٽ آهي جنهنکي صرف آءُ ئي حاصل ڪريان ... ان کان اڳ جو ٻيو ڪو کڻي وڃي، اهڙي سوچ اسانکي لالچي طبيعت ڪري ڇڏيندي آهي، جنهن سبب اسين پنهنجن ئي ماڻهن کي ڌڪا ڏيندا آهيون ۽ انهن کي ڏکوئيندا آهيون، اسين ماڻهن جي لتاڙ ڪري اڳتي وڌڻ جي سوچ پئدا ڪري وٺندا آهيون، ڇاڪاڻ جو اسانجي سوچ مطابق دنيا ۾ سون تمام گهٽ آهي. انجو مثال ائين آهي ته هڪ ٽي وي چينل وارو سوچيندو آهي ته سندس ئي ٽي وي چينل ڏٺو وڃي ۽ ڏسندڙ ٻيو ڪو به چينل نه ڏسي، انڪري هو ٻين ٽي وي وارن جو ذڪر به نه ڪندو آهي، بلڪه انهن جون خرابيون ڳولهي ماڻهن کي ٻڌائيندو آهي، انجو مثال تازو هڪ انٽرنيٽ تي هڪ سنڌي بلاگ کوليو ويو آهي، جنهن جي شروعات سنڌ سلامت.ڪام جي مخالفت ۽ برائي ڪرڻ سان ٿي. حل؛ اسانکي ٻين جي ڪاميابين ۾ خوش ٿيڻو آهي ۽ انهن جي ڪاميابين ۾ ڀاڱيوار ٿيڻو آهي، ۽ اها سوچ پئدا ڪرڻي آهي ته جيڪڏهن اسين هڪٻئي جي مدد ڪنداسون ته ممڪن اسين سڀ ڪامياب ٿي وڃون، جيڪو کيڙي سو کائي ... جيڪو پنهنجي اندر حسن پئدا ڪندو اهو ئي اڳتي وڌندو، ٻه ماڻهون هڪ منزل طرف گڏجي وڌندا ته نتيجا سٺا نڪرندا انجي بجاءِ جو ٻئي ماڻهون ان منزل ڏانهن ويندي هڪٻئي کي ڌڪا ڏئي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪن. دنيا ۾ تمام گهڻي دولت آهي، دنيا ۾ تمام گهڻا رستا موجود آهن ۽ تمام گهڻيون سوڀون موجود آهن، پنهنجي اندر گهڻائيءَ واري سوچ پئدا ڪجي نه ڪي محدود ۽ ننڍڙي. 6. لعنت پويس؛ اهي سڀ خراب شيون منهنجي ئي جهوليءَ ۾ ڇو اچي پون ٿيون..؟ مسئلو؛ خراب شيون هر هڪ جي سامهون اچن ٿيون، جيڪڏهن اسين انهن ۾ اٽڪي پونداسون ته اهي اسانکي ڪيرائي وجهنديون ۽ اسانکي چريو ڪري وجهنديون آهن. حل؛ برين شين کي به زندگيءَ جو حصو سمجهڻ گهرجي، مشڪلاتون انسان جي لاءِ ئي هونديون آهن، پر اهي گذري وينديون آهن، آخرڪار سڀ سور ختم ٿي ويندا آهن، ساڳئي وقت اوهين انهن ڏکن کي يا تڪليفن کي پاڻ تي قبضو ڪرڻ نه ڏيو ۽ ان سبب اوهان پنهنجي وڌڻ جي رفتار نه گهٽايو، خراب شين تي بيهجي وڃڻ هار آهي، اوهانجي نظر مستقبل جي ڀلائيءَ تي هجڻ کپي، خراب شين سان منهن ڏيڻ سکڻو آهي، اهي خراب حالتون اوهان لاءِ سکيا آهن اڳتي وڌڻ ۽ مستقبل ۾ ڪاميابين جي حاصل ڪرڻ لاءِ ... اهي مشڪلاتون ئي آهن جيڪي انسان کي وڌيڪ سگهارو ڪن ٿيون. 7. ڪو به ڪم سهي نٿا ڪريو، اوهين ڦلان ڦلان جيئن ڇو نه ٿا ٿي سگهو؟ مسئلو؛ هي جملو اوهان پنهنجي اولاد کان يا پنهنجي هيٺان ڪم ڪندڙ کان يا پنهنجو پاڻکان به ڪري سگهو ٿا، پهرين ڳالهه ته هڪ ماڻهونءَ کي ٻي سان ڀيٽ ڪرڻ غلط سوچ آهي، ڇاڪاڻ هر ماڻهون مختلف هوندو آهي، هر ماڻهونءَ جي ڪم ڪرڻ جو طريقو الڳ هوندو آهي، هر ماڻهونءَ جي سگهه ۽ ڪمزوري الڳ الڳ هوندي اهي، مختلف انساني ڪرداري صلاحيتون هونديون آهن، جيڪڏهن اسين سڀ هڪجهڙا هجون ته ان جو مقصد ته اسين مشيني روبوٽ آهيون، ٻي ڳالهه ته اهڙا ڪاٽو رايا ڏيڻ سان حالتن کي سٺي ڪرڻ ۾ ڪا مدد ناهي ملندي، ممڪن اوهان سٺو محسوس ڪندا هجو، ۽ اوهانکي سگهه ملندي هجي، پر حقيقت ۾ اهڙن راين سان اوهان پنهنجن لاڳاپن ۾ خرابي پئدا ڪندا آهيو، ۽ اوهان ۾ ڪاٽو قسم جي سوچ پئدا ٿيندي آهي، ۽ پڪ سان سامهون واري ماڻهونءَ ۾ پڻ اوهان لاءِ خراب يا ڪاٽو سوچ پئدا ٿيندي آهي، اهڙي سوچ سان ٻنهي طرفن کي نقصان رسندو آهي ... حل؛ ٻين جي خرابين يا غلطين کي قبول ڪريو انلاءِ ته انهن ۾ سڌار آڻيو، غلط کي سهي ڪرڻ جو طريقو ڳولهيو يا ٻڌايو، ماڻهن ۾ موجود مثبت سگهه جي تعريف ڪرڻ سکو، ۽ انهن جي سوڀن تي کين شاباشي ڏيڻ سکو، ۽ سڀ کان اهم شئي ته انهن ماڻهن سان پيار ڪريو، جيئن به آهن ۽ انهن جي مختلفپڻي کي قبول ڪري ان کي مثبت موٽ ڏيو. 8. تنهنجو ڪم چيڙائي ٿو، ڦڏو چٻو آهين، موڳو ڏڏ آهين ۽ ڪڏهن به ڪنهن چڱي ڪم جي لائق ٿي نٿو سگهين؟ مسئلو؛ اهڙي قسم جا رايا ته اوهان ٻڌا هوندا يا چيا هوندا، اهڙا رايا عجيب احساس پئدا ڪندا آهن، اچو ته ان مسئلي کي ٻڌڻ واري جي نقطي نگاه کان نه پر چوڻ واري جي نقطه نگاهه سان جاچيون، ڇا اهڙي قسم جي راءِ ڏيڻ سان اوهان پنهنجي يا ڪنهن ٻي جي مدد ڪريو ٿا؟ ممڪن اوهان جي ڪجهه وقت ضايع ٿيڻ جي ڪاوڙ ۾ اوهان اهي جملا چئي پنهنجي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪريو، پر اوهانجو ڪيترو وقت ضايع ٿيو هوندو ... ” ڪجه گهڙيون“ ۽ ٻي ڳالهه ته ڇا ان وقت جي ضايع ٿيڻ ۾ سئو سيڪڙو ان ماڻهونءَ جو قصور آهي؟ حقيقت ۾ ڪاٽو راءِ قائم ڪرڻ يا ڏيڻ سان نقصان اوهانکي به ٿيندو آهي جو اوهانجو ذهن ڪاٽو سوچ رکڻ شروع ڪندو آهي، ۽ اهو سڀ کان خراب طريقو آهي هر قسم جي رشتن کي وڃائڻ جو. حل؛ تعميري حل سکو، انکان پهريان جو ڪنهنکي اوهان انجون خاميون بيان ڪريو، انکان اڳ واڌو حل بيان ڪريو، ٻين جي مدد ڪريو ته هو سٺائيءَ جي طرف وڌن، جيڪڏهن اوهان ڪنهنجي ڪم تي ڪجهه تنقيد ڪرڻ چاهيو ٿا ته اوهان پنهنجي وقت کي سهڻي ۽ احسن طريقي سان نڀائيندي ٻي جي اصلاح ڪريو، ماڻهن سان واڌو ۽ دوستاڻا رويا اختيار ڪريو، ان سان اوهين نه فقط پاڻ سٺو محسوس ڪندا بلڪه ٻين کي به سٺو لڳندو، ان رويي سبب اوهان تمام سٺا دوست ۽ سڄڻ پئدا ڪري وجهندا ... اهو ئي هڪ احسن طريقو آهي هڪ انسان جو ٻي انسان طرف. 9. بيعزتيءَ جي بدلي ۾ ماڻهن جي بيعزتي ڪرڻ؛ مسئلو؛ جيڪڏهن ڪو ماڻهون اوهانجي بيعزتي ڪري يا ڪاوڙ ڪري ته ان جي بيعزتي ڪرڻ يا ان تي ڪاوڙ ڪرڻ ائين آهي جيئن ان جا مسئلا اوهان پنهنجي ڳيچيءَ ۾ وجهي ڇڏيا. ان ماڻهون جو ممڪن خراب ڏينهن هجي (يا خراب سال) ۽ انجي خرابي اوهانجي سامهون اچي وڃي، هاڻ جيڪڏهن اوهان به موٽ ۾ ان سان اهڙو ئي رويو اختيار ڪندا ته هاڻ اهو خراب ڏينهن اوهان وٽ به شروع ٿي ويندو. هن ماڻهونءَ جو مسئلو هاڻ اوهانجو مسئلو ٿي ويو. نه فقط ايترو پر ممڪن اهو مسئلو وڌي وڻ ٿئي ۽ ڳالهه مارا ماريءَ تائين يا وري ڄنڊا پٽ يا وري قتل و غارتگريءَ تائين پهچي وڃي. ٻنهي کي حد درجي جي نقصان جا انديشا ممڪن ٿيندا. حل؛ ٻين جي ڪاوڙ يا ٻين جي خراب روين کي پاڻ تان ائين ترڪڻ ڏيو جيئن پاڻي تيل تان ترڪي ويندو آهي، ٻين جي مسئلن کي پنهنجا مسئلا نه ٺاهيو، بلڪ حقيقت ۾ انهن جي مسئلن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو، ٻيو ڪو ماڻهون اوهان تي ڇو ٿو ڪاوڙ ڪري يا ڇو ٿو تنقيد ڪري؟ ان سان ڪهڙو مسئلو آهي، ؟ ٻين جي لاءِ ٿورڙي به همدردي يا سمجهه رکڻ سان اوهان انهن جي ان ڪاوڙ يا ان رويي کي سمجهڻ جي قابل ٿي وڃو ٿا، ان سبب اوهان ڪاوڙ جي بجاءِ ان مسئلي کي واڌو طريقي سان حل ڪري پاڻ به خوش رهندا ۽ اڳلي کي به لاجواب ڪري ڇڏيندا. ۽ اڳتي هلي اها خوبي اوهان کي پنهنجي آس پاس ۾ ممتاز ڪري ڇڏيندي آهي. 10. مونکي نٿو لڳي ته آءُ ائين ڪري سگهندس، آءُ ايترو منظم ئي ناهيان ؟، ممڪن ڪنهن ٻي دفعي ... ؟ مسئلو؛ جيڪڏهن اوهان ۾ اها سوچ ئي ناهي ته اوهان ڪجهه ڪري سگهو ٿا، ته يقينن اوهان اهو ڪجهه ڪري به نه سگهندا. ۽ اهو به خاص جڏهن ڪو وڏو معاملو هجي. ان ۾ منظم هجڻ جو ته ڪو سوال ئي ناهي، همٿ ۽ ارادي جي ضرورت هوندي آهي ڪنهن ڪم کي ڪرڻ جي. ۽ جيڪڏهن اوهان ان ڪم کي ٻي ڪنهن وقت تي ٽاريندا، ته اهو ڪم به نه ٿيندو. اهڙِي قسم جي ڪاٽو سوچ اسانکي هميشه سٺن ۽ وڏن ڪمن ڪرڻ کان روڪيندي آهي. حل؛ پنهنجي سوچ کي ڦيرايو، اوهين ڪري سگهوٿا! اوهانکي ڪنهن خاص انتظام جي ضرورت ناهي، پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ جو رستو ڳولهي لهو، جيڪڏهن اوهان ناڪامياب ٿيو ته پنهنجي غلطيءَ مان سبق حاصل ڪريو، ۽ وري ڪوشش ڪريو، ناڪاميابي ڪڏهن ڪڏهن ان کان بهتر هوندي آهي جو اوهان اهو ڪم ئي نه ڪريو. شروعات ڪريو، هڪ وقت ۾ هڪڙي ڪم تي توجهه ڏيو، پنهنجي سموري سگهه استعمال ڪريو، پنهنجن دوستن، ساٿين کان جيتري مدد وٺي سگهو ته وٺو، سچ به ته اوهان جبل به لوڏي سگهو ٿا، جيڪڏهن اوهان واڌو سوچ سان ڪم شروع ڪندا. ++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++ سڀ کان آخر ۾ بلوچ رهنما اڪبر بگٽيءَ جو هي قول ونڊ ڪندو هلجي؛ ”جڏهن اوهانکي پنهنجو پاڻ تي اعتماد هجي ٿو ۽ پنهنجي فتح جو يقين ٿي وڃي ٿو ته اوهانجو ذهن خودمختيار طريقي سان ان جي حاصلات لاءِ رستا ڳولهي وٺي ٿو.“ [/JUSTIFY]
جواب: واڌو ڪاٽو سوچ جا نفسياتي اثر سائين ابڙا صاحب اوهان جا وڏا وڙ ۔ اوهان جو ونڊ ونڊيو آهي سو اوهان جيان انمول آهي ۔ الله اوهان جي ڇانَو اسان جي مٿان دائم و قائم رکي ۔ آمين وسلام
جواب: واڌو ڪاٽو سوچ جا نفسياتي اثر لک ٿورا سائين ڏاڏل، اوهانجو وڏپڻو آهي جو اوهان مان ڏيو ٿا ۔۔۔ باقي ونڊ جو مقصد آهي اندر جي اصلاح ۽ دلين کي زنده ڪرڻ، ڪنهن هڪ دوست کي به اها ڳالهه سمجهه اچي وڃي ته اسانجو مقصد پورو ٿي ويندو ۔۔۔ دعائن ۾ ياد ڪندا ڪريو
جواب: واڌو ڪاٽو سوچ جا نفسياتي اثر سائين نثار سلام تمام سهڻو ۽ پيارو ونڊ جنهن جي هر سٽ، هر نقطو نصيحت آهي۔ انسان جيڪڏهن چاهي ته هر ٺٺول، هر ناڪامي، هر ڪاميابي، هر سٽ ، هر ڳالهه مان ڪجهه نه ڪجهه سکي سگهي ٿو پر شرط اهو آهي ته ان تي ويهي سوچي۔ اسان گهڻو جذباتي آهيون ۽ هميشه ناڪاري سوچ جو اثر جلدي ٿي وڃي ٿو۔ دعا آهي ته رب پاڪ اسان سڀني کي سوچڻ ۽ سٺين ڳالهين تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري۔۔۔۔۔آمين
جواب: واڌو ڪاٽو سوچ جا نفسياتي اثر لک ٿورا سائين وساڻ صاحب، ليک کي پسند ڪرڻ جا ۔۔۔ مون پڻ جڏهن هي ليک انگريزي ۾ پڙهيو هو ته مونکي ان مان گهڻو ڪجهه سکڻ لا مليو هو، انڪري مون انکي سنڌي ويس پارائي دوستن آڏو پيش ڪيو ۔۔۔ اڄڪلهه يورپ ۽ ٻي دنيا جا ادارا پنهنجن ماڻهن جي نفسياتي ۽ شخصي تدريب ۽ تعليم ۾ اڳ کان اڳرا ٿي پنهنجن ماڻهن کي چمڪائي رهيا آهن، مصيبت اها آهي ته سنڌ ۾ تعليم جو ڪرندڙ معيار ۽ اقتصادي ڦرلٽ سنڌي قوم کي ڪنهن جا جو نه رکيو آهي ۔۔۔ انڪري اسان وٽ تعليم ۽ تدريب جا سڀ سلسلا موڳا ۽ بي ڪار آهن ۔۔۔ خئير اسين پنهنجو فرض پورو ڪريون ۽ سنڌ سلامت کي سهڻن ۽ ڪارائتن مضمونن سان سنواريون، من ڪو اسانجو سنڌي ڀا ان مان لاڀ حاصل ڪري وٺي ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: واڌو ڪاٽو سوچ جا نفسياتي اثر توهان جي هن نقطي تي مون کي ياد آيو ته هڪ دفعي ڪنهن غير سنڌي سان گفتگو هلي رهي هئي ۔۔۔ هو سنڌ جي ٻهراڙي جي علائقن ۾ ڪافي عرصو نوڪري ڪري ڪراچي آيو هو۔۔۔ مون کائنس پڇيو ته توکي سنڌ جا معصوم ۽ سادا ماڻهون جيڪي ڌارين کي جي ۾ جايون ڏيندا آهن ڪيئن لڳا۔۔۔ ڪجهه وقت تعريف ڪرڻ کان پوءِ چيائين ته۔۔۔ ”حسد، ساڙ ۽ بغض مون پنهنجي علائقي ۾ به ڏٺو آهي پر سنڌ ۾ اچي اهو مون کي واضح نظر آيو هتي ڪو به ڪنهن کان پٺتي رهڻ نه ٿو چاهي ۔۔۔ پوءِ جيڪڏهن هو ان وانگر اڳتي نه ٿو وڌي سگهي ته ان کي وڌيڪ ترقي ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو۔۔۔۔“ منهنجي تيز ٿيڻ تي هن مثال ڏنو ته ۔۔۔ ”مان جنهن ڳوٺ ڀرسان نوڪري ڪندو هيم۔۔۔ اتان جو هڪ همراهه مون سان اڪثر ملندو هو۔۔ ڪئي دفعا مان به سندس ڳوٺ ويو هيم۔۔۔ هڪ ڏينهن چيائين هي پاڙي وارو همراه منهنجو ماسات آهي ۔۔۔ تازو هن وٽ ڪافي مال آيل ٿو لڳي جو۔۔۔ نئون موٽر سائيڪل ورتو اٿائين ۔۔۔ کيس موبائيل به نئين ڏٺي اٿم ۔۔۔ يقينن ڪنهن چور سان واسطا ٿا لڳن توهان هن کي گرفتار ڪرايو ته سڀ ڪجهه سچي ٻڌائيندو۔۔۔ ۽ پنهنجي سموري ٽولي کي به پڪڙائيندو۔۔۔ مان حيران ٿي ويم ته اهو ته سندس ماسات آهي ان جي طرف داري بجاءِ ان جا پول کولي رهيو آهي۔۔۔ مون کيس چيو ۔۔۔ ته نئين موٽر سائيڪل ۽ موبائيل وٺڻ ڪو جرم ناهي ۔۔۔ ان ڪري مان ان خلاف ڪجهه نه ڪندس۔۔۔ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اهو همراهه مون سان مليو ڪافي خوش ٿي لڳو ۔۔۔ پڇيومانس خوش ٿيڻ جو سبب ۔۔۔ چيائين مون واري ماسات کان موبائيل ۽ موٽر سائيڪل جي ڦُر ٿي وئي آهي۔۔۔۔ مون کيس چيو پوءِ ان ۾ خوش ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي۔۔۔۔ اها ته پريشاني جي ڳالهه آهي۔۔۔ همراهه آهستي رازداري ۾ چيو۔۔۔ ”جنهن ڏينهن کان وٺي منهنجي ماسات گاڏي ۽ فون ورتي آهي ان ڏينهن کان وٺي هُو مون کي غرور سان ڏسندو هو۔۔۔ مون کي هن اڳيان پنهنجو قد ننڍو لڳندو هو۔۔۔ گهر ۾ مون واري مائي به بار بار چوندي هئي ته تو ڇا ڪيو آهي ۔۔۔ ؟ تنهنجي ماسات محنت مزدوري ڪري پنهنجي گهر ۾ سامان ۽ عزت جو اضافو ڪري رهيو آهي۔۔۔ اهي لفظ ٻڌي مان چڙچڙو ٿي پوندو هيم ۔۔۔ پنهنجي مائي کي به دڙڪا ڏيندو هيم۔۔۔ بس مون کان سندس ايترو تڪڙو اڳتي وڌڻ برداشت نه ٿيندو هو۔۔۔ توکي به چيم پر تو جڏهن ڪم نه ڪيو ته آخر نبو لوفر کي چيم کيس 100 روپيا کيسي تي رکيم ٻئي ڏينهن ئي منهنجي ٻڌايل هنڌ تان ساٿين سان بيهي ۔۔ مون واري ماسات جو غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو۔۔۔“ بس مان مٿي تي هٿ رکي کيس تڪيندو رهيم۔۔۔ هڪ دفعي ادا سليمان سان فون تي ڳالهه ٿي ته هڪ نقطي تي بحث هليو۔۔۔ آخر فيصلو اهو بيٺو ته جڏهن ڪو سٺو ۽ جامع ليک سنڌ سلامت تي ايندو آهي ته ان تي رڪن ٽيڪا ٽپڻي ان ڪري نه ڪري سگهندا آهن ته ليک ۾ چئني پاسن کان واضح ۽ چٽا لفظ اهڙي طرح چٽيل هوندا آهن جو جيڪڏهن اهڙي موضوع يا ليک تي واه واه ڪجي ته به ان لاءِ گهٽ ٿيندي آهي ۽ جي ان جي تعريف ڪجي ته به ليک جي مقابلي ۾ لفظ نه ملندا آهن۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو توهان جي ليکن تي مون وانگر ڪافي دوست اهو سوچي سوچي سوچيندا ئي رهجي ويندا آهن ته هن ڀرپور ليک تي آخر ڪهڙي راءِ ڏجي۔۔۔ سو سائين منهنجي توهان جي هن ليک کي پڙهڻ، سمجهڻ، غور ڪرڻ ۽ عمل ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو دڳ نه هوندو آهي۔۔۔ توهان جي هن ليک جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهي۔۔۔۔ وقفي وقفي سان توهان جي طرفان ايندڙ اهڙا ليک يقينن اسان کي گهڻو ڪجهه سيکاريندا آهن جن تي عمل ڪرڻ سان ۔۔ رستي تان ڀٽڪندي ڀٽڪندي سنڀلجي ويندا آهيون ان ڪري ادا ڦلپوٽي فقير وانگر اهو چوڻ تي پڻ مجبور آهيان ته ”جاري رکجو۔۔۔“
جواب: واڌو ڪاٽو سوچ جا نفسياتي اثر [JUSTIFY][JUSTIFY]ادا نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم ۔توهان سان اسان جي اڃا تائين آمهون سامهون ته ملاقات نه ٿي آهي پر توهان جا قيمتي معلومات ڀريل سخن پڙهي اسان کي يقين ٿي ويو آهي ته توهان هڪ بلند شخصيت جا مالڪ آهيو۔توهان جي هر ليک ۾ ڪا نه ڪا رمز جي ڳاله جيڪا زندگي کي آسان ۽ بهتر انداز ۾گذارڻ لاء شامل هوندي آهي۔ يقينن انهن ڳالهن تي عمل ڪر ڻ سان زندگي آسان ٿي ويندي ۔ پنهنجن کي نه برداشت ڪرڻ ۽ انهن جي ترقي تي جيلئس ٿيڻ ته اڄ ڪلهه اسان جي قوم ۾ عام ٿئي ويو آهي۔پاڻ محنت نه ڪرڻ ۽ ٻين جي مال تي نظر رکڻ به اڄ ڪله اسان جي سوسائٽي ۾ زور وٺي ويو آهي۔ ڏاهن هميشه سوڙ آهر پير ڊيگهرڻ جي تلقين ڪئي آهي پر اسا ن هميشه پنهنجا پير سوڙ کان باهرئي ڪڍايا آهن۔ڪڏهن ضرورت جي نالي تي۔وري ڪڏهن عياشي جي نالي تي ۔اسان ڪڏهن به اهو سوچڻ گوارا نه ڪيو آهي ته اسان جي نصيب ۾ الله پاڪ جيڪو لکيو آهي۔اسان کي اهوئي ملڻو آهي ۽ ان کان نه وڌيڪ ملندو نه گهٽ۔توهان سان حضرت علي ڪرم الله وجه جن جو هڪ قصو ونڍ ڪندا هلئون۔ حضرت علي سائين جن هڪ دفعو گهوڙي تي ڪنهن سفر ته روانا ٿيا۔ظهر جي ٽائيم تي هڪ مسجد وٽ پهتاڇاڪاڻ ته نماز جو ٽائيم هو انهڪري پاڻ نماز پڙهڻ جو سوچيائون۔گهوڙي کي ٻڌڻ لاء ڪا جڳهه ڪانه هئي۔ايتري دير ۾ هڪ يهودي جو اتان گذار ٿيو۔حضرت علي سائين جن انهن کي چيو ته مهرباني ڪري هنن جي گهوڙي جو خيال ڪن ته هو نماز پڙهي اچن۔يهودي هاڪار ڀري۔پاڻ سائين جن گهوڙي انهن جي حوالي ڪري نماز پڙهڻ ويا۔جڏهن واپس آيا ته ڏٺائون ته گهوڙي ته موجود آهي پر زين ۽ يهودي ڪونه آهن۔پاڻ کي ڏاڍو افسوس ٿين۔نئين زين وٺڻ لاء ويجهي بستي ۾ ويا۔هڪ لوهار جي دڪان ته سائين جن کي پنهنجي گهوڙي واري زين نظر آئي۔پاڻ لوهار کان پڇو ته ڇا اها زين ان ٺاهي آهي۔لوهار جواب ڏنو نه ۔اها زين هڪ يهودي وڪڻي ويو آهي۔پاڻ پڇئون ڪيترن درهمن ۾ توهان ورتي۔لوهار جواب ڏنوچئن درهمن ۾۔پاڻ سائين جن هڪدم آسمان طرف نهاريو ۽ فرمايو ته بيشڪ هر انسان کي اهوئي ملڻو آهي جيڪو هن جي نصيب ۾ لکيل آهي۔لوهار اها ڳاله سمجهي نه سگهيو انڪري حضرت علي سائين کان ان جي وجه پڇي۔پاڻ فرمايون ته اها زين انهن جي گهوڙي جي آهي۔نماز جي ٽائيم تي گهوڙي زين سميت يهودي کي حفاظت ڪر ڻ لاءڏني هئن ۔نماز پڙهڻ جي دوران هنن کي اهو خيال آيو ته يهودي الائي ڪهڙي ڪم سان وڃي رهيو هو هن جو ٽائيم اسان ورتو آهي انڪري هن کي چار درهم بخشش ڏينداسين۔يهودي جي نصيب ۾ چار درهم هئا۔جيڪڏهن هو ٿورو صبر ڪري هئا ته ساڳيا چار درهم هن کي حلال انداز ۾ ملن ها پر هن تڪڙ ڪئي ۽ چار درهم حرام واري انداز ۾ حاصل ڪيا۔جيڪي هن جي لا جهنم جي سببن ۾ هڪ ٿي ويا۔هڪ تمام بهترين ليک لکڻ تي توهان کي مبارڪون هجن۔ [/JUSTIFY][/JUSTIFY]
جواب: واڌو ڪاٽو سوچ جا نفسياتي اثر سائين اميد ته اوهان سان ملاقات ضرور ٿيندي ۔۔۔ باقي پاڻ خادم آهيون سنڌ جا ۔۔۔ ڪا وڏي يا قدآور شخصيت ته پاڻ ناهيون بس دوستن جي دوستيءَ ۾ رنڱيل آهيون ۔۔۔ اوهان جهڙن دوستن سان رهي ڪجهه فهم ۽ فڪر کي سمجهڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهيون ۔۔۔ هن ليک ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهه جي پر معني قصي سان چار چنڊ لڳي ويا آهن ۔۔۔ لک ٿورا ٿورا ناهن ٿورا