• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

کڻي نالو خدا جو

جاويد نواز

سينيئر رڪن

نعت

کڻي نالو خدا جو هلڻو ٿئي
هٿين خالي جهان ڇڏڻو ٿئي

موت برحق آ اچڻي سا ايندئي
ڌوڙ کي ڌوڙ سان ئي رلڻو تئي

تنهنجو قيني ۽ ڪلفتن سان ڇا
درس سڪ پيار جو ئي وٺڻو ٿئي

اچي جي مُشڪلاتون ويئي سرَ تي
وردِ نادِ علي جو ڪرڻو ٿئي

ڪوڙي جو هتڙي گهر اڏيئي ڇاهي
گهر اصُلي اُتي ئي اڏڻو ٿئي

گُٿي تر جي ٿي کائي سَوَ چوٽان
هاڻي هڪڙو پهر نه گُسڻو ٿئي

چڙهين ڀل جان ئي ڦاهي تون جاويد
نعرو حق سچ جو پو ڀي هڻڻو ٿئي

جاويد نواز

دعائن ۾ ياد
 
جواب: کڻي نالو خدا جو

چڙهين ڀل جان ئي ڦاهي تون جاويد
نعرو حق سچ جو پو ڀي هڻڻو ٿئي
[/i
ادا جن نارو حق سچ جو هنيو سي اگهامي ويا الله اسن جي دلين ۾ اها جلا بخشي جي دليون حق سچ جون پاسبان هونديون آهن ۔
آمين وسلام
 
جواب: کڻي نالو خدا جو

ڪوڙي جو هتڙي گهر اڏيئي ڇاهي
گهر اصُلي اُتي ئي اڏڻو ٿئي
ادا جاويد واقعي ڪوڙي جو جهان آهي هر ڪنهن کي هلڻو آهي
تمام بهترين شاعري
 
Back
Top