نورعلي پاشا
سينيئر رڪن
سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بقا، ترقيءَ، واڌاري ۽ سُڌاري لاءِ سنڌ ۾ رهندڙ سمورن اصلوڪن زمين جي فرزندن ۽ وسيل سنڌين (Son of Soil: Natural & Naturalized Sindhis) کي هيٺين ڳالهين کي تمام اهم ۽ ضروري سمجهندي، سنڌي سماج جي جاگرافيائي حدن ۽ ان کان ٻاهر عمل ڪرڻ گهرجي.
1. سنڌي قوم جو هر فرد پنهنجي ٻارن کي سنڌي اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ڏياريندو ۽ انهن لاءِ مددي ٻاراڻا ڪتاب خريد ڪندو انهن کي سنڌي مشاهيرن جون ڪهاڻيون، واقعا، شاعري ۽ سائنسي ڳالهيون زباني توڙي پڙهي ٻڌائيندو. ان ريت پنهنجي فڪري ۽ ثقافتي خزاني واري هن اباڻي موڙيءَ کي هڪ پيڙهيءَ کان ٻي پيڙهيءَ تائين منتقل ڪندو رهندو.
2. سنڌي قوم جو هر فرد سنڌي سماج جي جاگرافيائي حدن اندر هر جڳهه ۽ هر سطح تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ واري حق کي قومي فرض سمجهي ادا ڪندو ۽ ڪنهن به صورت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڳالهائڻ ۽ واهپي واري حق تان هٿ نه کڻندو.
3. سنڌي قوم جو هر فرد سنڌي سماج کان ٻاهر ٻين صوبن ۽ ٻين ملڪن، ڀارت جي مختلف علائقن، ايران، سعودي عرب، انگلينڊ، آمريڪا ۽ افريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ ممڪن صورت ۾ سنڌيءَ ٻوليءَ جو واهپو ڪندو ۽ جتي رابطي لاءِ ضروري ٿئي ته سرائيڪي، بلوچي، پشتو ۽ ٻين اصلوڪين ٻولين يا عالمي رابطي واري ڪنهن ٻولي جهڙوڪ انگريزيءَ جو واهپو ڪندو.
4. سنڌي قوم جو هر فرد پنهنجي گهر ۾ شاهه جو رسالو ۽ ٻين ڪلاسيڪل شاعرن جا رسالا ۽ ديوان رکندو ۽ انهن جو مطالعو ڪندو رهندو.
5. سنڌي قوم جو هر سرنديءَ وارو فرد گهٽ ۾ گهٽ روزاني هڪ سنڌي اخبار وٺندو، مهيني ۾ هڪ ٻاراڻو ۽ وڏن جو سنڌي رسالو/ مئگزين وٺندو ۽ هر ٽئين مهيني هڪ سنڌي ڪتاب خريد ڪندو ۽ انهن جو مطالعو ڪندو.
6. سنڌي قوم جو هر فرد پنهنجي گهر ۽ پاڙي ۽ رابطي واري هر جڳهه تي سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي صحيح ادائگي ۽ اُچارن جي درست واهپي/ استعمال جي ڪوشش ۽ پرچار پيار ۽ پاٻوهه سان ڪندو.
7. سنڌي قوم جو هر ليکڪ سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ ترقي لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ واري ڪارج کي قومي جياپي لاءِ ضروري سمجهندي، پنهنجيون سموريون توانائيون سنڌي ٻوليءَ جي علمي، ادبي، فڪري، سائنسي ۽ ساهتي خزاني ۽ ذخيري ۾ واڌاري لاءِ خرچ ڪندو، ضرورت آهر ۽ قومي بقا خاطر عالمي رابطي جي ٻوليءَ کي به استعمال ڪري سگهي ٿو، ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي قدامت، تاريخ اهميت، ادب ۽ تهذيب جي ڄاڻ دنيا کي پهچائي سگهجي.
8. سنڌي قوم جو هر فرد سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي گهر جي نالي جي تختي، گاڏيءَ جي نمبر پليٽ، پنهنجي آفيس جي تختي، پنهنجي ڪاروبار جا اشتهار پنهنجي جماعت جا بينر ۽ پمفليٽ، پنهنجي دڪانن جا سائن بورڊ ۽ اهڙي ٻئي نماءَ ۽ اشتهارن لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي ڪتب آڻيندو.
9. سنڌي قوم جو هر فرد پنهنجي قومي ڪاڄن ۽ خاص ڏينهن تي سنڌي ڪلچر جو ڀرپور نماءُ ڪندو، سنڌي ڪئسٽ ۽ سي ڊيون خريد ڪندو ۽ سنڌي ڪلاڪارن، ڳائڻن ۽ مڱڻهارن کي گهرائيندو ۽ انهن کان سنڌي گيت ڳارائيندو.
10. سنڌي قوم جو هر فرد شادين ۽ ٻين ڪاڄن ۾ سوکڙيءَ طور لطيف سائين جو ”شاهه جو رسالو“ ۽ مولانا حاجي احمد ملاح جو قرآن پاڪ جو منظوم ترجمو ”نورالقرآن“۽ اهڙا ٻيا ڪتاب ۽ ثقافتي سوکڙيون ڪري پيش ڪندو.
11. سنڌي قوم جو هر فرد سنڌ جي هر علمي ادبي، ثقافتي ادارن ۽ خاص طرح سنڌي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا سان سنڌي ٻوليءَ جي بقا، بحاليءَ، واڌاري ۽ سڌاري لاءِ لکپڙهه وسيلي رابطي ۽ ڳانڍاپي ۾ رهندو.
12. سنڌي قوم جو هر فرد هڪ عظيم سنڌي قوم جو ٻيهر اوج ماڻن لاءِ سامونڊي بندرگاهن وارن علائقن ۾ رهندو ۽ معاشي هلچل ۾ روزگار ۽ ڀيٽ قوت لاءِ اتم کيتي ۽ وڌندڙ واپار وارو اصول اختيار ڪندو.
13. سنڌي قوم جو هر فرد قبيلائي سوچ ۽ قبيلائي عصبت کي ننديندو ۽ پاڻ کي سنڌي سمجهندو ۽ سنڌ ۾ وسيل مختلف قبيلن سان مٽي مائٽي ڪرڻ ۾ عيب نه سمجهندو، ان حيثيت ۾ سنڌي قوم جي ٻڌي ۽ ايڪتا واري عملي سوچ وڌائيندو.
14. سنڌي قوم جو هر فرد سموري ڏيتي ليتي ڪاروبار، واپار، مٽي مائٽي ۽ ٻيو سماجي وهنوار پاڻ ۾ ڪندو يا اهڙين ٻاهرين فيملين ۽ ذاتين سان ڪندو جيڪي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت جو واهپو ڪن ٿا.
15. سنڌي قوم جو هر ڳوٺاڻو خاندان گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي آڪهه مان نوجوان اولاد کي شهري زندگي اختيار ڪرڻ لاءِ شهر ۽ ان جي پسگردائي ۾ پنهنجي خاندان کي آباد ڪندو ۽ شهري طور طريقا ۽ شهري هنر ۽ روزگار سکڻ کي اوليت ڏيندو.
16. سنڌي قوم جو هر فرد قومي ثقافتي ۽ ٻوليءَ جا ڏهاڙا، مشاهيرن جا ڏهاڙا ڀرپور نموني ملهائيندو رهندو ۽ زنده قومي خدمتگارن کي مڃتا لاءِ ڪاڄ ڪوٺائيندو.
17. سنڌي قوم جو هر فرد سنڌ جي ڳوٺاڻين راندين، ملهه، ونجهوٽي ۽ ٻين عالمي راندين ۾ نوجوانن جي بهرو وٺڻ لاءِ اهڙا اُپا وٺندو ۽ همت افزائي ڪندو.
18. سنڌي قوم جو هر فرد سنڌ جي سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي آزادي، ترقي، وڌاري ۽ سُڌاري ۾ ايمان رکندو ۽ انفرادي توڙي اجتماعي حيثيت ۾ قومي بقا جي امڪانن ۾ واڌارو آڻڻ لاءِ جاکوڙيندو رهندو.
19. سنڌي قوم جو هر فرد پنهنجي قومي سماج ۾ بنيادي سطح کان سنڌين جي تعليمي ترقيءَ لاءِ جاکوڙيندو.
20. سنڌي قوم جو هر فرد، هر اهڙي فورم، تنظيم جماعت، گروهه جي سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ حصو پتي وٺڻ (Participation) کان پاسو ڪندو جن جو نظريو سنڌ جي آجپي بابت اڻ چٽو يا دشمني وارو هوندو.
21. سنڌي قوم جو هر فرد پنهنجي سماج ۾ بنيادي ڳوٺاڻي سطح کان شهري سطح تائين هر ننڍي وڏي سماجي چڱڀلائي ۽ ثقافتي سرگرمي ۽ هلچل ۾ ڀرپور حصو وٺندو.
22. سنڌي قوم جو هر فرد سنڌي عورتانن حق، ترقيءَ ۽ تعليم ۾ ايمان رکندڙ هوندو ۽ نياڻين جي تعليم جي حق جو حامي ۽ حمايتي ۽ پرچارڪ هوندو.
23. سنڌي قوم جو هر فرد، سنڌ مان نهڪاري روايتن خلاف جاکوڙيندو، ڪارو ڪاري، بدو، ننڍي عمر جي شادي ۽ عورتن تي تشدد ۽ استحصال ڪرڻ وارن سان نيات نيڪالي (Oster size) وارو طريقو ۽ ورتاءُ ڪندو.
24. سنڌي قوم جو هر فرد پاڻ کي سنڌي ڪلچر جي محاذ (Sindhi Cultural Front) جو سپاهيءَ جي حيثيت ۾ قومي بقا جي ذميوارين کي محسوس ڪندي ۽ مٿين ڳالهين جو پاڻ به عملي مظاهرو ڪندو ۽ ٻين کي به اهڙي عمل لاءِ پيار ۽ پاٻوهه سان پرچار ڪندو رهندو.
خاص ۽ ضروري نڪتو:
1. سنڌي قوم جو هر فرد، هر انهيءَ وفاقي ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ/ محاذ / پارٽي، جنهن وٽ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي بقا ۽ بحاليءَ جو منشور ۾ بنيادي ذڪر ناهي، ان کي قومي حقن جي بحاليءَ واري پارٽي نه سمجهندو ۽ ان تي مناسب تنقيد ڪندو رهندو ۽ ان ۾ ايستائين شامل نه ٿيندو جيستائين هو سنڌي ٻوليءَ جي سنڌي سماج ۾ مڪمل بحاليءَ جو نڪتو پنهنجي سياسي منشور جي منڍ ۾ شامل نه ڪندي.
پاران: سنڌي ٻولي سٿ، سنڌ
حفيظ قريشي صاحب جي ٿورن سان