• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

واه زمانا تنهنجي چال!

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ ٻروچ
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ
ادا ٻروچ اڄ ته صفا تو ڇُٽيان ڳالهيان ڪري ڇڏيون تمام بهترين واه زمانه تُنهنجي چال اسان دوستن سان ونڊ ڪري لک لائيق ڪري ڇڏيا۔ هن سُگهڙ يا هن شاعري ڪندڙ جي نالي جي خبر لُقو يا لُڪو هن اسم جي آخري شعر مان خبر پوي ٿي۔ پر جيڪڏهن مٺا ٻروچ توهان هُن سُگهڙ جي تفصيل لکي ٻُڌايو ته اهو سگهڙ اصل ڪٿان جو آهي، ذات جو ڪير آهي، ته اسان سڀني سنڌ سلامت وارن تي توهان جا تمام تمام تمام گهڻا ٿورا ٿيندا۔ بهرحال اهڙي شاندار ۽ اثر انگيز شيئرنگ تي توهان جا احسان اسان ادا ئي نٿا ڪري سگهون۔ بس اها دُعا اٿم شال جُڙيو هُجين پنهنجي پيارن سان(آمين)
 
ادا ٻروچ! مهرباني، سٺو ونڊ ڪيو اٿوَ پر يار جڏهن اها وڊيو ختم ٿي ته غلطيءَ سان سنڌي ڪمدار واري وڊيو تي ٽڙڪ هڻي اصل ڦاسي ويس، همراه اهڙيون ته ست سريون ٻڌايون جو اڃان تائين فشار دم جو دورو جاري آهي ... اوهان دوستن کي مخلصانه صلاح آهي ته اوهان اها ڪوشش نه ڪجو ...

ڪنهن جي ٿوم ته ڪنهنجي دال
واه زمانا تنهنجي چال.
 
ادا ٻروچ! مهرباني، سٺو ونڊ ڪيو اٿوَ پر يار جڏهن اها وڊيو ختم ٿي ته غلطيءَ سان سنڌي ڪمدار واري وڊيو تي ٽڙڪ هڻي اصل ڦاسي ويس، همراه اهڙيون ته ست سريون ٻڌايون جو اڃان تائين فشار دم جو دورو جاري آهي ... اوهان دوستن کي مخلصانه صلاح آهي ته اوهان اها ڪوشش نه ڪجو ...

ڪنهن جي ٿوم ته ڪنهنجي دال
واه زمانا تنهنجي چال.

ها ها ها ها

سائين اهڙي غلطي آئون به ڪري ويٺس، بس سائين پوءِ ته اهڙا ٻول ٻڌايائين جو هاڻي ٻيهر يو ٽيوب تي وڃڻ جي همت ئي نٿي ٿئي. دوستن کي اڳواٽ خبردار ڪري سٺو ڪيوَ.

گذشتہ را صلوات آئندہ را احتياط
 
ڪن ڪانه ملي ٿي ڪنوار
ڪن کي آهن زالون چار
ڪو آهي شادي ٻي لاءِ تيار
ته ڪو آ اڳلي مان بيزار
ٿڪ بجو ۽ لعنت گار
مُڪن جي وارو وار
صبح سانجهي لاءِ سنڀال
واه زمانا تنهنجي چال


ادا ٻروچ بهترين شيئرنگ ڪئي اٿوَ .......
سائين نثار ابڙو ۽ ادا ابو زين توهان جي لکڻ کانپوءِ مون کي سنڌي ڪمدار کي بڌڻ جو شوق ڏاڍو مهانگو پيو..... ٻيلي ڏاها ٿيو ...
 
Back
Top