جواب: ڏاڏل چٽائي
دوست ڏاڏل آ اوهانجي هن بيت کي قرآن شريف جي سوره الحج جي هن آيت جي ترجماني سمجهانٿو
شروع الله جي باجهاري نالي سان
46. پوءِ مُلڪ ۾ نه گھميا آھن ڇا؟ ته کين (اھڙيون) دليون ھجن جن سان اُھي سمجھن يا کين (اھڙا) ڪن ھجن جن سان ٻُڌن، بيشڪ ھي (حالت) آھي ته سندن اکيون انڌيون نه آھن پر دليون انڌيون اٿن جيڪي سندن سينن ۾ آھن۔
بيشڪ الله سچو آهي۔
دوست ڏاڏل ظاهر حواسن جي نه هجڻ سان ماڻهون انڌو ٻوڙو يا گونگو نٿو ٿئي بلڪ انسان جي جڏهن دل مري وڃي ٿي ته هو بي حس جانور ٿي پوي ٿو۔ هي انساني سماج جون سڀ برايون ان ڪري وجود رکن ٿيون ته انسان جون دليون مئل آهن۔
لک ٿورا سهڻي بيت ونڊ ڪرڻ جا۔