يونس ملڪاڻي
سينيئر رڪن
شيخ سعدي رحمت الله عليه ڪيڏانهن وڃي رهيا هئا ته انهن هڪڪانگ ۽ ٻگلي پکي کي گڏ ويٺل ڏٺو ، پاڻ بيهه رهيا ۽ غور سان ڏسڻ لڳا، خدمتگار پڇيو سائين ڇا ٿا ڏسو ته چيائون ڏسان ٿو ته ڪانگ ۽ ٻگلي پکي جي پاڻ ۾ ڪهڙي نسبت آهي جو گڏ ويٺا آهن ضرور هنن ۾ ڪا هڪ جهڙائي آهي ، اهو چئي پاڻ پکين ويجهو ويا ته خبر پئي ته ڪانگ ۽ ٻگلي جي هڪ هڪ ٽنگ ۾ ڌڪ لڳل آهي ۽ ٻئي منڊا آهن ، پاڻ فرمايائون ڪوبه انسان يا جانور پاڻ ۾ هڪ جهڙائي کان سوا نٿو ملي، تازو نواز شريف سنڌ جو دورو ڪيو آهي سنڌ جي قومپرستن تي افسوس کان سوا ڇا ٿو ڪري سگهجي جن سنڌ جي ازلي دشمن نواز شريف جي مهماني جهلي سندس مان مٿانهون ڪيو آهي:hitwall:، سنڌ ۾ نواز شريف اچڻ تان ئي هٿ کڻي ويو هو پر جڏهن آيو ته اسان جا مان وارا قومپرست سندس آڏو وڇائجي ويا آهن، نواز شريف موجب سندس ۽ قادر مگسي جي پارٽي جا خيال ساڳيا آهن، اياز لطيف پليجو چوي ٿو اسان نواز شريف آڏو سنڌ جو ڪيس رکيو آهي هن اسان جي موقف کي مڃيو آهي!!! حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته اهي دانا ماڻهو اهڙيون اوڀايون لهواريون ڪن ٿا نواز شريف جي حڪومت ۾ اسان سان سدائين ويڌن ٿيا آهن ۽ اڄ وري شڪايت به نواز سان ٿي رهي آهي، جنهن ظلم ڪيا آهن اهو ايڏو معصوم ڪيئن ٿا بڻايو؟؟؟ ٿيڻ ته اهو گهرجي ها ته نواز شريف جي اچڻ تي قوموپرست پنجاب جي ڪيل زيادتين تي احتجاج ڪري سندس دوري کا ناڪام ڪن ها پر ڇا ڪجي جڏهن خيالات ساڳيا هجن تڏهن اهڙا خيال ونڊڻ ئي صحيح ناهي اسان کي اها خبر آهي ته ن ليگ سنڌ جي سڄڻ ناهي نواز شريف کي قومي ليڊر چوندڙ قادر مگسي کي نواز جي بيان جي وضاحت ضرور ڪرڻ گهرجي ته نواز ليگ جا ڪهڙا خيال سنڌ ترقي پسند پارٽي سان ملن ٿا؟؟؟؟