• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موت جي ياد

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
موت جي ياد​

ڪٿي ساز وڄن ڪٿي روئڻ ۽ رڙيون
ڪٿي خوشي ڪٿي اکيون سانوڻ ڦڙيون
نه رهندي اوڌر هر هڪ لاءِ هي گهڙيون
ڏاڏل جنهن جهڙيون، سي ڳالهيون ڳوٺن ۾
ڪالھ هُتي اڄ هِتي، وسي ٿو جٿي ڪٿي
ڪٿي بوند بهار جي ڪٿي وڏڦڙو ٿو وسي
ڪٿي هيٺ ٿي هلي ڪٿي مٿانڀري مٿي
ڏاڏل هوا سا ٿي هلي قادر جا ٿو ڪٿي
هُو وٺي يا رکي ، مون رضا ۾ راضي رهڻو آ​
 
Back
Top