ٻولي ڪنهن قوم جي اڪيلي سڃاڻپ (Lone National Identification)، گڏيل قومي سوچ (Collective National Thinking) ۽ رابطي ۽ ڳانڍاپي جو ذريعو ۽ وسيلو هوندي آهي. سجاڳ ۽ سڄاڻ قومن وٽ ٻوليءَ جي اهميت ۽ افاديت قومي سرحدن ۽ سرحدي قلعن کان به گهڻو وڌيڪ ۽ اهم هوندي آهي، ڇو ته کين سُڌ هوندي آهي ته ٻوليءَ جي ترقي، قوم جي ترقي، واڌارو ۽ سڌارو هوندو آهي ٻوليءَ جو زوال، قوم جو زوال ۽ نيٺ انت هوندو آهي. دنيا جو ڪو به سامراج ڪنهن به قوم کي سوء سيڪڙو قتل، نيست ۽ نابود نٿو ڪري سگهي، پر ڪنهن قوم جي ٻولي ۽ ٿقافت کي ختم ڪري، انهيءَ قوم کي ماري ۽ ميساري سگهجي ٿو. ٿورن لفطن ۾ ڪنهن قوم جو مڪمل طبعي قتلام (Physical Genocide) ممڪن ڪونهي، پر ڪنهن قوم جو ثقافتي قتلام (Cultural Genocide) ممڪن آهي. قومي ثقافت (National Culture) جو وڏو ۽ اهم حصو 60% ٻولي آهي ۽ جڏهن ته 40% سيڪڙو حصو رهڻي ڪهڻي، ريتون رسمون، ويس ۽ سجروپ (Dress & Fashion) هوندو آهي. انهن مان ٻوليءَ جي اهميت ۽ حيثيت قومي وجود ۾ دل ۽ دماغ جهڙي هوندي آهي ان ڪري رڳو ٻوليءَ جي انت سان ڪنهن قوم جو مڪمل خاتمو ٿي سگهي ٿو. جيئن وچ اوڀر مان آرامي ٻوليءَ (Aramaic Language) جي خاتمي سان هڪ قوم ۽ تهذيب جو انت اچي ويو. هاڻ اها ٻولي ڪي لڏ وڪاڻو قبيلا ڳالهائن ٿا، انهيءَ ٻوليءَ ۾ فلسطين جي مقدس سرزمين تي يسوع مسيح واعظ ڪندو هو تاريخ 24 مارچ 1843ع ۾ انگريزن ٽالپرن جي حڪومت ختم ڪري سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي اهميت کي محسوس ڪندي انگريز آفيسرن لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي امتحان کي پاس ڪرڻ لازمي قرار ڏنو سن 1948 ۾ انگريز آفيسرن سنڌ جي انتظام هلائڻ لاءِ جيڪا گڏجاڻي ڪئي ان ۾ سنڌ کي الڳ ملڪ قرار ڏيندي ان جي سرڪاري ٻولي سنڌيءَ کي قرار ڏيڻ جي تجويز ڏني. 68.We should introduce the language of the country (namely, Sindhee) as the medium of official intercourse. I do not see in what way our revenue and judicial officers (however their offices and courts may be constituted) can work effectively through a foreign medium of communication, such as Persian or English. A period of 18 months should, therefore, be allowed to the officers in civil employ to qualify themselves for an examination in the Sindhee language. I believe their doing so will be facilitated by the publication of the dictionary and grammar which I proposed lieutenant Stack should be allowed to have printed. ]اسان کي هن ملڪ جي ٻوليءَ ”سنڌيءَ“ کي سرڪاري لکپڙهه جي ٻوليءَ طور ڪرڻ گهرجي. آءُ نٿو سمجهان ته اسان جا روينيو ۽ قانون وارا آفيسر ۽ عملدار ڪنهن ڌاري ٻولي جهڙوڪ: فارسي ۽ انگريزيءَ ۾ اثرائتي نموني ڪاروهنوار هلائي سگهندا! ان لاءِ ارڙهن مهينن جو عرصو سول آفيسرن کي ڏنو وڃي ته هو سنڌيءَ جو امتحان پاس ڪري وٺن جنهن لاءِ اسان ليفٽيننٽ اسٽئڪ کي ڊڪشنري ۽ گرامر جا ڪتاب ڇپائڻ جي تجويز ڏني آهي.[ (Minutes 68. Sir.G. Clerk’s 1848) انکانپوءِ 29 آگسٽ 1857ع تي سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر هڪ سرڪيولر جاري ڪيو جنهن ۾ هيٺيون اهم ڳالهيون هيون. 1. هينئر کان اڳتي سموري لکپڙھ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪئي وڃي 2. سنڌ ۾ جيڪي به يورپ ۽ ٻين علائقن سان واسطيدار عملدار آهن اهي لازمي طرح سان سنڌي ٻوليءَ ۾ امتحان پاس ڪن ته جيئن هو چڱيءَ طرح سنڌ جي مقامي ماڻهن سان پنهنجي طور حال احوال ڪري سگهن. جيڪا به لکپڙهه انهن سان ڪئي وڃي ٿي اها سمجهي سگهن ۽ موٽ ۾ ضروري ڪارروائي به ڪري سگهن. 3. سنڌي اسڪول قائم ڪيا وڃن نه رڳو اهو پر ٽرومپ، ايڇ ٽي سورلي، رچرڊ برٽن، ايڇ ٽي لئمبرڪ جهڙا انگريز سنڌي عالم پيدا ٿيا، جن سنڌي ٻوليءَ جي قديم ماضيءَ واري حق کي بحال ڪرائيندي عاليشان ڪارناما ڪري ڏيکاريا. سنڌي ٻولي پاڪستان کان گهڻو پهرينسال 1921ع ۾ ڊي جي ڪاليج جي پروفيسر ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي جي ڪوششن سان بمبئي يونيورسٽي ۾ گريجويشن جي ٻولي بڻجي وئي هئي. هن رپورٽ “A Breif Survey of Sindhi Literature” ممبئي يونيورسٽي کي پيش ڪئي جنهن جي ڪري اهو ممڪن ٿيو. جڏهن 14 آگسٽ 1947ع کانپوءِ پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ سمورن ترقي يافته قومي سماجن خاص طرح سان بنگالين ۽ سنڌين سان غلامن جهڙو ورتاءُ ڪيو ويو. 1948ع ۾ لياقت علي خان جي هڪ حڪم سان ڪراچيءَ جا 1300 سنڌي ميڊيم پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول بند ڪري پنهنجي هندڪي نسلي عصبيت جو ثبوت ڏنو. 1948سن ع ۾ هڪ حڪم ذريعي هنديءَ (اردو) کي سڄي ملڪ جي واحد سرڪاري ۽ قومي ٻولي قرار ڏنو، انهيءَ هڪ ٻوليءَ جي سامراجيت مڙهڻ خلاف ۽ بنگالي ٻوليءَ جا حق حاصل ڪرڻ لاءِ بنگالي ڀائر 5 سال لاڳيتو اوڀر پاڪستان (بنگال) ۾ جاکوڙيندا رهيا جنهن جو مختصر تفصيل هن ريت آهي، 26 مارچ 1948ع ۾ بنگالين جو محمد علي جناح آڏو ڍاڪا ۾ احتجاج ڪيو ويو، 27 مارچ 1948 تي ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ بنگالي ٻوليءَ جي حق لاءِ احتجاج ڪيو ويو. 21 فيبروري 1952ع تي بنگالي ٻوليءَ جي بقا ۽ بحاليءَ لاءِ جاکوڙيندڙ ڍاڪا يونيورسٽي جي 3 شاگردن جي قتل کانپوءِ وڌيڪ 400 ماڻهن جو قتلام کان پوءِ نيٺ 1953 ۾ بنگالي ٻوليءَ کي قومي ۽ سرڪاري ٻولي جو درجو مليو نه رڳو قومي درجو مليو پر گڏيل قومن جي اداري (UNO) 21 فيبروري 1952 واري جدوجهد کان متاثر ٿي ڪري، هر سال 21 فيبروري واري ڏينهن کي ”مادري ٻولين جو ڏيهاڙو“ مقرر ڪري ڇڏيو جيڪو سڄي دنيا ۾ وڏي مان شان سان ملهايو ويندو آهي آمر ايوب خان جي دور ۾ جنرل ٽڪا خان سنڌي ٻوليءَ کي لازمي سبجيڪٽ (Compulsory Subject) طور ختم ڪري، ان ريت سنڌ ۾ وسيل، سنڌي الاصل ۽ هندي الاصل عوام ۾ ويڇا وڌائڻ جو سبب بڻيو اڳتي هلي ڪري عوامي دور ۾ 7 جولاءِ 1972ع کان 7 آگسٽ 1972ع تائين ٻولي جي مسئلي تي 42 ماڻهن جو سنڌ ۾ عام ڪوس انهن قومي ظلمن جا وڏا ثبوت پيش ڪري ٿو. سال 1959ع ۾ ون يونٽي حڪومت ”قومي تعليمي ڪميشن“ مقرر ڪيو، جنهن ۾ هڪ به سنڌي نمائيندو ڪو نه هو، هن ڪميشن فيصلو ڏنو ته سنڌي زبان رڳو پنجين ڪلاس (vth class) تائين پڙهائي ويندي جڏهن ته اردو لازمي سبجيڪٽ طور ٽيئن ڪلاس (IIIrd class) کان شروع ڪبو ۽ هن ڪميشن جي سنڌي دشمني ان ڳالهه مان ظاهر ٿي ته اردو ڳالهائيندڙ ٻارن لاءِ سنڌي لازمي سبجيڪٽ طور نه پر اختياري مضمون هوندو، هن ڪميشن سنڌي فائنل جو امتحان ختم ڪري ڇڏيو جيڪو انگريزن جي 100 ورهين ۾ قائم رهيو. سنڌ، پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ اهو پهريون قومي خطو آهي، جنهن پاڪستان جو ٺهراءُ 1936 ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان قانوني طرح سان پاس ڪرايو، پاڪستان جي خزاني ۾ سنڌ سراسري طرح سان 90% سيڪڙو ناڻو (70% سيڪڙو روينيو 20% Flight of Capital ) فراهم ڪري ٿي. سنڌ جيڪا پاڪستان کي هلائي رهي آهي، سنڌي قوم جنهن مذهبي ڀائپيءَ جي وقتي جذبي هيٺ پاڻ کي پاڪستان ۾ شامل ڪرايو، پاڪستان ٺهڻ کان پهرئين وارا عام سنڌي ماڻهو اڄ کان ڏهوڻو وڌيڪ خوشحال هئا، انهن کي ٻيا حق ڏيڻ ته پري رهيو، پر سندن ٻوليءَ کي نظر انداز ڪيو ويو رڳو جنرل ضياءُالحق جي دور ۾ 300 کان وڌيڪ سنڌي ميڊيم اسڪول اردو ميڊيم اسڪولن ۾ تبديل ڪيا ويا ته اتي سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا سنڌ پاڪستان، هندستان جو واڌڪ علائقو (Extension) آهي؟ سنڌين جي ثقافتي قتلام جي رياستي سازشون ڪيون ويون، جڏهن ته دنيا جي مسلمانن جون هزارين ٻوليون آهن عربيءَ کان وٺي آفريڪانس جهڙين ٻولين ۾ ديني علم موجود آهي پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي ڇو نظر انداز ڪيو ويو آهي جيڪا پهرين عجمي اسلامي ٻولي آهي جنهن ۾ پوري دنيا اندر قرآن پاڪ جو پهريون ترجمو سنڌيءَ ۾ ٿيو هو. پاڪستان ٺهڻ کان پهرين سنڌي ٻولي سنڌ جي علمي، تعليمي، دفتري ۽ ڪورٽن جي ٻولي هئي. هن ملڪ ۾ هڪ قومي ٻولي هئڻ وارو تصور تمام هاڃيڪار ۽ سامراجي سوچ جو حامل آهي، ماضيءَ جو تجربو ٻڌائي ٿو ته هڪ ٻولي هن ملڪ کي استحڪام ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي، ان ڪري آئين ۾ ترميم ڪري اهڙي گنجائش پيدا ڪئي وڃي ۽ خاص طرح سان سنڌ ملڪ جي ٻولي سنڌيءَ جي ترقيءَ لاءِ خاص اُپاءُ ورتا وڃن ۽ ان کي ويجهڙ ماضيءَ وارا سمورا حق ڏيندي، ان کي جديد دور جي سائنسي ٻولي بڻجڻ جو حق ۽ وجهه مهيا ڪيو وڃي، ان ريت پاڪستان ۾ لساني سامراجيت جو انت آندو وڃي ۽ پاڪستان جي سمورين ٻولين کي ترقيءَ جو حق ڏنو وڃي ۽ کين پنهنجي پنهنجي قومي سماجن ۾ قومي حيثيت ۾ نافذ ڪيو وڃي. هن وقت سنڌين ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ملڪ جي هر سطح تان تڙيو پيو وڃي، ان ڪري اسان سنڌ جي عوام پاران اهو مطالبو ڪرڻ جائز ٿا سمجهون ته : 1. سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي تسليم ڪيو وڃي. 2. سنڌي ٻوليءَ کي پاڪستاني ڪرنسيءَ جي هر سڪي ۽ نوٽ تي ڇاپيو وڃي. 3. سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي علمي، تعليمي، دفتري ۽ ڪورٽن جي ٻولي قرار ڏنو وڃي 4. سنڌ ۾ مقرر سمورن سرڪاري آفيسرن کي هڪ سال اندرسنڌي امتحان پاس ڪرائڻ لازمي قرار ڏنو وڃي. 5. سنڌي سائنسي بورڊ قائم ڪيو وڃي ۽ سمورا بنيادي سائنسي ۽ هنري ڪتاب سنڌي ترجمو ڪرايا وڃن. 6. سنڌ ۾ سنڌي يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي. جتي اعلي تعليم جو ذريعو سنڌي ٻولي هجي. 7. سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ ڊاڪٽر رضي الدين احمد صديقي جي جوڙيل ”سنڌي اڪئڊمي“ کي بحال ڪيو وڃي ۽ ان جي مول متن ۽ مقصد تي عمل ڪندي سنڌي ٻوليءَ ۾ سموري سائنسي ڄاڻ کي آڻي سنڌي ٻوليءَ کي سائنسي ٻولي بڻائيو وڃي. 8. سنڌ يونيورسٽيءَ مان سائنس ميگزين ٻيهر جاري ڪيو وڃي 9. سنڌ يونيورسٽي جي ڊگري کي انگريزي سان گڏ سنڌي ۾ به جاري ڪيو وڃي جيئن ڪراچي يونيورسٽي جي هر ڊگري هندي (اردو) ۽ انگريزي ۾ آهي. پاران: سنڌي ٻولي سٿ، سنڌ حفيظ قريشي صاحب جي ٿورن سان
جواب: الا! ائين م ٿئي، جو ڪتابن ۾ پڙهجي، ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي! (نارائڻ ش بس سائين اهي ڳالهيون لڳي ٿو اسان جا خيال ۽ خواب ئي هوندا ۔
جواب: الا! ائين م ٿئي، جو ڪتابن ۾ پڙهجي، ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي! (نارائڻ ش سنڌ جي هر ٻچي ٻآر، جوان پوڙهي ۽ هر طبقي سان تعلق رکندڙ انسان تي فرض عائد ٿئي ٿو ته هو انهن ڳالهين کي سمجهي انهن جي پوئواري ڪندي انهن تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪري، بي صورت ۾ هن مضمون جو عنوان سچو ثابٿ ٿيندو ۽ اسانکي سنڌي ٻولي پڻ سنسڪرت جيئان حوالن ۾ ملندي ۔۔۔۔ ڇاڪاڻ سنڌ جي مٿئين طبقي ۽ سياستدانن سنڌ کي وڪڻڻ شروع ڪيو آهي، بس ڪجهه ئي سالن ۾ سنڌ جو رهيل سهيل رت ست وڪڻي کائي ويندا ۽ سنڌي عام ماڻهون فقير جي ڀوليءَ جيئان صرف ڏنڊا پيا کائيندا ۔۔۔ اچو ته سنڌ بچايون ۽ سنڌي ٻوليءَ کي بچايون سنڌ سلامت ته ساٿ سلامت
جواب: الا! ائين م ٿئي، جو ڪتابن ۾ پڙهجي، ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي! (نارائڻ ش نارائڻ شيام جي دعا انشاء الله قبول پوندي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٻوليء جي ترقي ۽ بقا لاء ضروري آهي ته ان کي پنهنجي لکڻ پڙهڻ سان گڏ ٻين ڪميونيڪيشن سورسز ۾ به استعمال ڪجي۔ اسان لاء اهو نهايت اهم آهي ته اسان پاڻ پنهنجي ٻوليء کي ڳالهايون، لکپڙه ڪيون ۽ پنهنجي ٻارن لاء اهو لازمي ڪيون ته هو ٻوليء جي افاديت کي سمجهن۔ توهان جون سڀ ڳالهيون بهترين آهن ۽ سنڌ سلامت جو ساٿ اوهان سان ٻوليء کي ترقي وٺرائڻ ۽ ان جي بقا لاء کنيل هر قدم ۾ ساٿي بڻبو۔ سنڌ سلامت جي هن فورم جو پهريون مقصد به سنڌي ٻوليء کي انٽر نيٽ تي عام ڪرڻ سان گڏ ماڻهن ۾ اهو شعور پيدا ڪرڻ به آهي ته اسان ٽيڪنالاجي جي ذريعي ڪيئن پنهنجي ٻوليء کي عام ڪيون۔ لک قرب اوهان جا، سهڻو ۽ ڪارائتو ليک آهي۔