بلاگ جي پوسٽ جي ٽائيٽل کي پيج جو ٽائيٽل بڻايو۔۔

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏19 مئي 2011۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [JUSTIFY]
    السلام عليڪم !
    بلاگ ۾ جيڪا پوسٽ هوندي آهي ان کي جڏهن اوهان کوليندو ته ان کلندڙ پيج جو ٽائٽل اڪثر ڪري اهو نه هوندو آهي جيڪو ان پوسٽ جو ٽائٽيل هجي، مثال طور منهنجو بلاگ سنڌ جي نالي سان آهي ته ان ۾ مان هڪ پوسٽ ڄامشورو جي عنوان سان ڪريان ٿو ته ان ڄامشورو جي عنوان واري پوسٽ تي ڪلڪ ڪرڻ سان جيڪو پيج کلندو ان جو پيج ٽائٽل ساڳيو سنڌ ئي هوندو، نه ڪي ڄامشورو، ان شئي جو نقصان اهو آهي جو جڏهن اوهان ان بلاگ جو ڪو به پيج فيسبوڪ تي ونڊ ڪريو ٿا ته ان کي ڏسندڙ اهو ئي سمجهندو ته هي پراڻي شئي آهي۔۔۔ اڄ مان ان جو حل کڻي آيو آهيان
    سڀ کان پهرين هن ئي سيڪشن ۾ اوهان منهنجو گذريل مضمون ”بلاگ مان بلاگ جي نشاني Navbar ختم ڪريو“ جي نالي سان پڙهو۔۔

    هاڻي اچو ته هي ڪم سرانجام ڏيون
    سڀ کان پهرين ايڊٽ ايڇ ٽي ايم ايل وارو پيج کوليو۔۔
    ان ۾ هن لائن کي تلاش ڪريو۔۔۔
    ڪوڊ:
    <title><data:blog.pagetitle/></title>
    
    تلاش ڪرڻ لاءِ اوهان ڪنٽرول+ايف جو بٽڻ دٻايو۔۔
    ان بعد هيٺيون ڪوڊ ڪاپي ڪري ان مٿي ڏنل لائين جي جڳهه تي پيسٽ ڪريو۔ (يعني ان کي ختم ڪري پوءِ پيسٽ ڪريو)​
    [/JUSTIFY]

    ڪوڊ:
    <b:if cond='data:blog.pageName == &quot;&quot;'>
    <title><data:blog.title/></title>
    <b:else/>
    <title><data:blog.pageName/></title>
    </b:if>
    هاڻي ڪوڊ محفوظ ڪريو ۽ پنهنجي بلاگ جي ڪنهن به پيج کي کولي ڏسو۔۔۔۔
    هاڻي ڄامشورو جي عنوان سان ڪيل پوسٽ واري پيج جو ٽائيٽل ڄامشورو ئي هوندو۔۔

    پر جيڪڏهن اڃان اوهان چاهيو ٿا ته پيج جي ٽائيٽل کان پوءِ بلاگ جو ٽائيٽل به ظاهر ٿئي ته پوءِ ان مٿئين ڪوڊ کي ڪجهه هن طرح پوسٽ ڪريو​

    ڪوڊ:
    <b:if cond='data:blog.pageName == &quot;&quot;'>
    <title><data:blog.title/></title>
    <b:else/>
    <title><data:blog.pageName/><data:blog.title/></title>
    </b:if>
    اميد ته اوهان کي هي سولو مضمون سمجهه ۾ اچي ويو هوندو۔۔۔
    ڊيمو جي لاءِ منهنجي بلاگ جو ڀيرو ڀريندا۔۔۔۔۔

    بلاگ جو مکيه پيج
    بلاگ جي پوسٽ وارو پيج
     
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: بلاگ جي پوسٽ جي ٽائيٽل کي پيج جو ٽائيٽل بڻايو۔۔

    زبردست ادا ، تمام بهترين ! اوهان کي گهرجي ته وقت به وقت اهڙي قيمتي ونڊ دوستن سان شئير ڪندا رهندا ، جئين دوستن کي وڌ مان وڌ فائدو ملي
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: بلاگ جي پوسٽ جي ٽائيٽل کي پيج جو ٽائيٽل بڻايو۔۔

    سٺو ونڊ آهي

    لڳي ٿو مونکي به ڪو بلاگ شروع ڪرڻ کپي پر سنڌ سلامت جي مصروفيت سبب سوچيندو ئي رهان ٿو۔

    ادا رشيد ڪو بلاگ ٺاهي ڏئي ۽ چوي ته هاڻي هن کي سنڀال ته پوء ئي شايد اڳتي وڌي سگهجي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو