Asad Ali Siyal
سينيئر رڪن
ڇو ته مان هڪ ماءُ آهيان
سيال حيات
زندگي ءَ جــو نــانءُ آهيان ڪاته گهاٽي ڇانــو آهيان
ڇوته مان هڪ ماءُ آهيان ڇوته مان هڪ ماءُ آهيان
******
پيـار جــو بـي انـت هڪــڙو سمنڊ سيني م لڪــايان
سونهن جو معـصوم ، نازڪ چنڊ جهـولي ۾ جهلايان
خـــواب جــيـون جا بڻـايـان آئـيـنـدي کـي ٿـي نـپــايـان

ڏيــنــهــن ٿـــو ڏکـــڙن ۾ گـــذري ، رات اوجـــاڳـــن ۾ گــــذري
ڪا گهڙي سڏڪن ۾ گذري ، ڪا گهڙي ٽهڪن ۾ گذري
درد سـيـنـي ۾ لــڪــايان مــرڪ چـپـڙن تـي سـجـايان

تـن کـي جهـولـي منجهه لـولـي ، ٻـاتــڙي جـن جـي آ ٻـولي
ڏيـان ٻــچـن کـي بــادشـاهـي ، آءُ بـنـجـان تـن جـي گــولـي
جـڏهن ڇـاتـيءَ سان لڳايان ڄـڻ خـدا سـان ٿي ملايان
ڇوته مان هڪ ماءُ آهيان ڇوته مان هڪ ماءُ آهي
******
مان ئي پنهنجي ڏيهه جي هان ، مـارئـي ، مـريـم مـقـدس
منهنجي نالي ۾ ئي آهي ” ســـيــال “ سـيتا جو تقدس
مـان نـئـيـن تـاريـخ ٺـاهـيـان مــان زمــانــو ٿــي هــلايــان