• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي سميت 8 ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏيارڻ وارو بل ٻيهر رد،

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سنڌي سميت 8 ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏيارڻ وارو بل ٻيهر رد، هنگامو، ماروي کي اجلاس مان نيڪالي، ظفر شاهه جو واڪ آئوٽ

اسلام آباد(رپورٽ: اصغر خانوٺي) 8 ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏيڻ لاءِ 23 ميمبرن پاران جمع ڪرايل خانگي بل کي قانون ۽ انصاف واري اسٽينڊنگ ڪميٽي رد ڪري ڇڏيو، ماروي ميمڻ کي اجلاس مان نيڪالي، ظفر علي شاهه جو واڪ آئوٽ، منهن ماري، هنگامن، ڪيٽي جي چيئرپرسن نسيم اختر چوڌري سنڌي سميت 8 مقامي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ کي ملڪ دشمني قرار ڏيئي ڇڏيو. ڪالهه قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرپرسن نسيم اختر چوڌري جي صدارت هيٺ شروع ٿيو جنهن ۾ مسلم ليگ ق جي ايم اين اي ماروي ميمڻ پاران سنڌي سميت مقامي ٻولين کي مقامي ٻولي جو درجو ڏيڻ بابت پيش ڪيل خانگي بل تي بحث شروع ٿيو، واضح رهي ته قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل ان خانگي بل تي 22 ايم اين ايز جون صحيحون ٿيل آهن، ڪميٽي جي چيئرپرسن نسيم اختر چوڌري جنهن جو تعلق پ پ سان آهي ان به بل جي مخالفت ڪئي، اجلاس جي ڪارروائي شروع ٿي ته ايم اين اي ماروي ميمڻ چيو ته سنڌي، بلوچي، پنجابي، سرائيڪي سميت 8 مقامي ٻولين کي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي ۽ ان سان صوبن ۾ اتحاد وڌندو، وفاق مضبوط ٿيندو، ٻولين کي عزت ڏيڻ سان صوبن ۾ محبت وڌندي، هن چيو ته اردو ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڀلي هئڻ گهرجي پر 8 مادري ٻولين کي اها حيثيت ڏيڻ سان محبت وڌندي. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو به مقامي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ پيپلز پارٽي جي ايم اين اي شڪيلا خانم چيو ته آئون ان بل جي مخالفت ڪيان ٿي، هن چيو ته اهو بل رد ٿيل آهي، ان تي ٻيهر بحث نه ڪيو وڃي،

حڪومت جي حمايتي سعيد ظفر چيو ته مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ واري بل جي مخالفت ڪيون ٿا، ايم اين اي طارق شبير به بل جي مخالفت ڪندي چيو ته قائداعظم به چيو ته قومي ٻولي صرف اردو ٻولي رهندي، مقامي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ سان مسئلا پئدا ٿيندا، تنهنڪري ان بل جي مخالفت ڪيون ٿا، پ پ جي چوڌري عبدالغفور به بل جي مخالفت ڪندي چيو ته هي بل اڳ ۾ رد ڪري چڪا آهيون اهو ممڪن ناهي ته سمورين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي، هن چيو ته پوٺوهاري، بهاولپوري، ملتاني سميت سرائيڪين جي مختلف قسمن ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولين وارا به چوندا ته اسان جي ٻولين کي به قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي، هن چيو ته آرٽيڪل 291 واضح ڪيو آهي ته قومي ٻولي صرف اردو رهندي، باقي صوبائي سطح تي ڀلي مقامي ٻولين ۾ نصاف پڙهايو وڃي ۽ انهن کي عزت ڏني وڃي، ايم ڪيو ايم جي ايم اين اي اقبال ايس قادري ان بل تي بحث ڪرڻ بنا چيو ته اهو واضح انداز ۾ ان بل جي مخالفت ڪري ٿو،

پ پ جي سنڌي ايم اين اي سيد ظفر علي شاهه ان بل جي حمايت ڪندي چيو ته 1843ع ۾ جڏهن انگريز هتي آيا ته انهن به سنڌي ٻولي پڙهائي، تنهن ڪري سنڌي سميت سمورين مادرين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي، ان بعد ڪميٽي جي چيئرپرسن نسيم اختر چوڌري چيو ته جيئن ته ڪميٽي جي اڪثريتي ميمبرن ان بل کي ٻيهر رد ڪيو آهي ۽ اهو بل رياست جي خلاف آهي، تنهنڪري ڪميٽي هاڻي ٻئي ايجنڊا تي بحث شروع ڪري، جنهن تي اجلاس ۾ موجود ماروي ميمڻ چيو ته مقامي ٻولين کي قومي درجو ڏيڻ يا انهن ۾ تعليم ڏيڻ رياست جي خلاف ناهي، مخالفت ڪندڙ ميمبر صوبن جي ماڻهن جي ڳالهه ڇو نه ٿا ڪن، جنهن تي ماروي ميمڻ کي چيو ويو ته ڪميٽي هي بل رد ڪيو آهي، ان تي وڌيڪ بحث نه ڪر، جنهن تي ماروي ميمڻ چيو ته هو سمورن ميمبرن جي اعتراض جا جواب ڏيڻ چاهي ٿي، پر ڪميٽي جي چيئرپرسن کيس ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني، جنهن تي هن سخت احتجاج ڪيو، ان دوران سمورا ميمبر ماروي ميمڻ کي خاموش رهڻ جو چوندا رهيا پر ان جي باوجود هو زوردار انداز ۾ ڳالهائيندي رهي، جنهن تي ڪميٽي روم اندر وڏو گوڙ ٿي ويو ۽ چيئرپرسن ماروي ميمڻ کي اجلاس مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي، ماروي ميمڻ کي اجلاس مان ڪڍڻ تي پ پ جي ايم اين اي سيد ظفر علي شاهه به اجلاس جو احتجاجن واڪ آئوٽ ڪيو ۽ چيو ته هن بل ۾ پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ واري ڪا به ڳالهه ناهي، جڏهن ته نواز ليگ جو ڪو به ميمبر اجلاس ۾ نه آيو ۽ اهي ان سڄي ڪارروائي مان غير حاضر رهيا.


روزانه عبرت جي خبر
 
جواب: سنڌي سميت 8 ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏيارڻ وارو بل ٻيهر رد،

چيئرپرسن نسيم اختر چوڌري جنهن جو تعلق پ پ سان آهي ۔۔۔۔

پنڌ پيرن کان نه پڄي لک لعنت گوڏن تي ۔۔۔ پنهنجن جي غدارين سان ئي ڌاريا اسانجي مٿان حڪمراني ڪن ٿا، انجو ثبوت اهو آهي ته پ پ پ جنهنکي سنڌ مان ئي ووٽ ملن ٿا، جنهن کي جڏهن تڪليف ٿيندي آهي ته سنڌ ۽ سنڌ ڪندي آهي پر جڏهن سنڌ ۽ سنڌيت ۽ سنڌي ٻولي کي پ پ پ جي ضرورت پوندي آهي ته، دشمني جا جبل کڙا ڪيا ويندا آهن ۔۔۔

ڪوڙن ۽ ٺڳن تي رب جي لعنت هجي ۔۔۔

سنڌي قوم کي هاڻ پنهنجي اندر تبديلي آڻڻي پوندي، پنهنجي اندر مان هيٺئين ۽ وچولي طبقي جا قومي اڳواڻ پئدا ڪرڻا پوندا جيڪي پاڪستان جي فيڊريشن ۾ سنڌ ۽ سنڌيت جو بچا ڪري سگهن ٻي صورت ۾ سنڌ وڪامجي پئي ۽ ڪجهه ئي عرصي اندر اسين اقليت کان علاوه ڳاڙهن هندستانين جيئان هر قسم جا حق وڃائي ويهنداسون ۔۔۔

خدارا جاڳو ۔۔۔ ٻي صورت ۾ تاريخ جون گاريون ۽ لعنتون سهڻ لا تيار ٿي وڃو ۔۔۔

حيف تنين کي هو وطن جن وساريو۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top